ڪراچي ۾ هلندڙ سرجيڪل آپريشن ۽ ميڊيا جي ذميواري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...
    ڪراچي ۾ هلندڙ سرجيڪل آپريشن ۽ ميڊيا جي ذميواري
    زرار پيرزادو


    [JUSTIFY]باوجود ان جي ته ملڪ جون سموريون سياسي، مذهبي ۽ قوم پرست پارٽيون توڙي عوام ڪراچيءَ اندر دهشت گردي کي روڪڻ لاءِ آئين ۽ قانون جي بالادستي، حڪومتي رٽ قائم ڪرڻ ۽ دهشت گردن، ڀتي خورن توڙي مافيائن کي گرفتار ڪرڻ ۽ غيرقانوني هٿيارن کي ضبط ڪرڻ جا بظاهر سڀ حامي آهن پر عملي طور تي اهي سڀ ڌريون الٽو ”امن“ قائم ڪرڻ ۾ رنڊڪون پيدا ڪنديون آهن ۽ اهي رنڊڪون هڪڙن سامراجي، اقتداري ۽ پارٽي مفادن کي بچائڻ لاءِ وڌيون وينديون آهن.

    پ پ جي موجوده سربراهه آصف زرداريءَ به پنهنجي هيلوڪي حڪومت جي پنجن سالن واري مدي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مفاهمتي پاليسي اختيار ڪري پنهنجين مخالف سياسي پارٽين کي ”حڪومت“ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪس کائڻ تي مجبور ٿيو.

    اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته جيڪڏهن مفاهمتي پاليسيءَ جي تور ڪجي ته پوءِ به پ پ حڪومت ۽ ان جي ووٽرن کان وڌيڪ پ پ جي مخالف پارٽين ۽ سندن ووٽرن کي ان مان فائدو پيو آهي. پ پ رڳو ان ۾ خوش ته ان وٽ نام نهاد ”حڪومت“ آهي.

    ان مفاهمتي پاليسي ڪري پ پ جي حڪومت کي سندس اتحادي پارٽيون بليڪ ميل به خوب ڪنديون رهيون آهن. ڪراچيءَ جي موجوده خراب حالتن جو سبب به مفاهمتي پاليسي ۽ اتحادي پارٽين جو حڪومت کي بليڪ ميل ڪري صرف ۽ صرف پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ رهيو آهي ۽ انهن مفادن کي ماڻڻ لاءِ اهي ڪراچيءَ ۾ حالتون خراب ڪنديون رهيون آهن.

    حڪومت چاهي ته اها حڪومتي رٽ قائم ڪندي 24 ڪلاڪن اندر دهشت گردن جي دهشت گردي کي ناس ڪري سگهي ٿي پر ان لاءِ ان کي عالمي طاقتن، ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ خاص ڪري قومي ميڊيا جي ”حمايت“ جي ضرورت آهي.

    ۽ ائين جيڪڏهن ڪراچي جي پوليس کي ئي فري هينڊ جو گرين سنگل ملي وڃي ته اها ئي دهشتگردن، ڏوهارين ۽ ڀتي خورن لاءِ ڪافي آهي.

    هاڻي ٽيون ڏينهن کان ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سرجيڪل آپريشن جي ڪاميابيءَ جو دارومدار به انهيءَ ڳالهه تي آهي ته ان آپريشن کي عالمي طاقتن، اسٽيبلشمينٽ ۽ قومي ميڊيا جي ڪيتري حمايت ۽ مدد حاصل آهي.

    بهرحال پوءِ به جيڪو به سرجيڪل آپريشن ڪراچيءَ ۾ شروع ڪيو ويو آهي تنهن کي تڪراري ۽ ناڪام بڻائڻ توڙي ان ۾ رنڊڪون وجهڻ جو روايتي دٻاءُ شروع ٿي ويو آهي.

    مخصوص علائقن ۾ ٿيندڙ آپريشن خلاف متاثر دهشت گرد عام ماڻهن کي احتجاج ۽ مزاحمت طور تي آڏو آڻي رهيا آهن ۽ عوام رينجرس ۽ پوليس کي آپريشن لاءِ پنهنجن علائقن جو رستو نٿا ڏين.

    هاڻي اصولي طور تي اصل ڪم قومي ميڊيا جو آهي ته اها همت ڪري ۽ حڪومت جي شروع ڪيل سرجيڪل آپريشن جي نه رڳو همت افزائي ڪري ۽ ان جي رهنمائي ڪري پر ان ۾ رنڊڪ وجهندڙ طاقتن، اسٽيبلشمينٽ، سياسي پارٽين ۽ عوام کي ايمانداري سان وائکو به ڪري.

    پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته قومي ميڊيا سرجيڪل آپريشن جي آجيان ڪرڻ بدران ۽ ان کي ڪامياب ڪرائڻ بدران ان کي ناڪام ڪندڙ، تڪراري بڻائيندڙ ۽ ان ۾ رنڊڪون وجهندڙ ڌرين جو ڪلهو بڻجي رهي آهي.[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ڪراچي ۾ هلندڙ سرجيڪل آپريشن ۽ ميڊيا جي ذميواري

    قومي ميڊيا کي سرجيڪل آپريشن جي آجيان ڪرڻ کپي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪراچي ۾ هلندڙ سرجيڪل آپريشن ۽ ميڊيا جي ذميواري

    اسان وٽ ميڊيا هميشه ابتي هلندي آهي۔ جي آپريشن ڪندا ته ان جي مخالفت ۽ جي نه ڪندا ته چوندا حڪومت ڪجهه ڪانه ٿي ڪري۔ ميڊيا ملڪ ۽ عوام کي عجيب مذاق بڻائي ڇڏيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو