نواب اڪبر بگٽي جي شهادت: ملڪي تاريخ جو هڪ دردناڪ باب (ورسيء جي مناسبت سان)

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نواب اڪبر بگٽي جي شهادت: ملڪي تاريخ جو هڪ دردناڪ باب
    گل محمد جکراڻي

    [JUSTIFY]بلوچ قوم پرست رهنما نواب اڪبر خان بگٽي هڪ عظيم سياستدان ۽ بگٽي قبيلي جو سردار هو. هن 12 جولاءِ 1927ع ۾ بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ جنم ورتو. هن گرامر اسڪول ڪراچي، ايچي سن ڪاليج لاهور ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلينڊ ۾ تعليم حاصل ڪئي. نواب اڪبر بگٽي 1958ع ۾ ڊاڪٽر خان جي قتل کان پوءِ خالي ٿيل سيٽ تي قومي اسيمبلي جو بنا مقابلي ميمبر چونڊجي ويو ۽ وزير مملڪت جي حيثيت سان وفاقي ڪابينه ۾ شامل ٿيو. ٿوري عرصي کان پوءِ هن ننڍين قومن جي حقن جي علمبردار پارٽي نيشنل عوامي پارٽي (نعيپ) ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1960ع ۾ فوجي آمر جنرل ايوب خان نواب اڪبر خان بگٽي کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ۽ هڪ فوجي ٽرميونل ذريعي هن کي ڪنهن به عوامي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو.

    1973ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي نواب اڪبر خان بگٽي کي بلوچستان جو گورنر مقرر ڪيو پر ڪجهه وقت کان پوءِ ڀُٽي سان اختلافن سبب نواب اڪبر خان بگٽي بلوچستان جي گورنري تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. 1988ع واري عام چونڊن ۾ هو بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو اهڙي طرح نواب اڪبر خان بگٽي 1989ع کان 1990ع تائين بلوچستان جو وزير اعليٰ رهيو. 1990ع ۾ هن جمهوري وطن پارٽي جو بنياد وڌو. 1993ع ۾ هو پنهنجي پارٽي پليٽ فارم تان قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. بهرحال نواب اڪبر خان بگٽي جيڪو پاڪستان جي سياست ۾ هڪ منفرد اسٽائل رکندڙ بلوچ قوم پرست اڳواڻ هو جنهن کي فوجي آمر جنرل پرويز مشرف ۽ ان جي حوارين هڪ سازش تحت ڪوهلو جي پهاڙي علائقي ۾ قتل ڪيو ويو. 26 آگسٽ 2006ع پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن هو جنهن ڏينهن 80 سالن جي بزرگ سياستدان ۽ پاڪستان سان پيار ڪندڙ ۽ جمهوري وطن پارٽي جي سربراهه کي بي گناهه قتل ڪيو ويو. نواب اڪبر خان بگٽي جو ڏوهه اهو هو ته هن بلوچستان جي حقن ۽ وسيلن جي لاءِ آواز بلند ڪيو. بهرحال فوجي آمر جنرل مشرف جو خيال هو ته نواب اڪبر خان بگٽي جي قتل ٿيڻ کان پوءِ کيل ختم ٿي ويندو پر اها ان جي وڏي ۾ وڏي غلطي ثابت ٿي ڇاڪاڻ ته نواب اڪبر خان جي شهادت کان پوءِ بلوچستان جا حالات وڌيڪ خراب ٿي ويا آهن جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته اڄ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته بلوچستان ۾ ايتري قدر ظلم ۽ ناانصافي ٿي رهي آهي جنهن جو مثال نٿو ملي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هن جو گهر به بلوچستان ۾ هجي ها ته هو به عليحدگي جو نعرو هڻي ها. جاويد هاشمي صاحب جي بيان مان صاف ظاهر آهي ته بلوچستان جو رهنما نواب اڪبر خان بگٽي حق تي هو.

    جيڪڏهن پاڪستان اندر حق گهرڻ غداري آهي ته پوءِ نواب اڪبر خان بگٽي سان گڏوگڏ سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ به غدار آهن ڇا؟ بهرحال اسان جي ”اصل حڪمرانن“ کي تاريخ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ 1971ع واري غلطين کي نه ورجائڻ گهرجي ۽ بلوچستان کي بنگلاديش بڻائڻ کان بچايو وڃي. بلوچستان ۾ جيڪا باهه ٻري رهي آهي ان تي پاڻي هارڻ جي ضرورت آهي. تاريخ گواهه آهي ته بلوچن کي ڏنڊي جي زور سان زير نٿو ڪري سگهجي ان ڪري موجوده جمهوري حڪومت کي گهرجي ته بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ بلوچن جي حقيقي ۽ اصلي طاقتور ڌرين سان براهه راست رابطو ڪرڻ گهرجي ۽ نواب اڪبر بگٽي جي پوٽي نوابزاده براهم داغ بگٽي سميت تمام بلوچ ويڙهاڪن کي عام معافي ڏئي بلوچستان جي عوام جي دامن کي کٽڻ گهرجي. صدر مملڪت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪو چيئرمين جناب آصف علي زرداري پاڻ به نسلن بلوچ آهي ان ڪري هن کي بلوچستان معاملي لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجي.[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو