”امداد ڏيو“ بدين ۾متاثرن پاران پ پ جي تعلقي صدر جو گهيراءُ،گارڊ گوليون هلائي ڇڏيون،3ڄڻامرڻينگ،احتجاج بدين(ن ڪ) بدين ۾ برسات متاثرن پاران امداد لاءِ پ پ تعلقي صدر جو گهيرءُ، گارڊن گوليون وسائي ڇڏيون، 3 ڄڻا زخمي، پ پ اڳواڻ فرار ٿي ويو، احتجاج، تفصيل موجب ڪالهه منجهند جو 12 وڳي بدين تعلقي جي مختلف ديهن مٺي ٿري، ديهه ٿڦڙي ۽ ڳوٺ حاجي هاشم خاصخيلي جا برسات متاثر امداد وٺڻ لاءِ تعلقي ڪائونسل بدين جي نگران ۽ پ پ تعلقي بدين جي صدر ڊاڪٽر عزيز ميمڻ وٽ آيا، پ پ اڳواڻ جي گارڊن متاثرن کي امداد سامان ڏيڻ بدران کين ڌڪا ڏنا، جنهن تي سوين متاثر مڇرجي پيا ۽ زبردستي آفيس جو دروازو ٽوڙي اندر گهڙي پيا، مظاهرين جو گهيراءُ ڏسي گارڊن متاثرن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا سليم ملاح، رمضان ملاح ۽ خدا بخش شيدي زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال بدين روانو ڪيو ويو، جتان هڪ زخمي رمضان ملاح کي ٽنگ ۽ هٿ ۾گولي لڳڻ سبب حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين مظاهرين احتجاج جاري رکندي تعلقي ڪائونسل آفيس جو گهيراءُ جاري رکيو، پوليس جي نفري ايس پي او غلام عباس گاڏهي جي سربراهي ۾ پهچي مظاهرين کي آفيس مان ٻاهر ڪڍيو، متاثرن جي اڳواڻي ڪندڙحسن ڪنڀار، وڪيو خاصخيلي ۽زخمي رمضان جي ماءُ راستي ملاح چيوته جيستائين ڊاڪٽر عزيز ۽ سندس گارڊن تي حملي جو ڪيس داخل نه ٿيندو تيستائين احتجاج جاري رکنداسين، هوڏانهن واقعي بعد ڊاڪٽرعزيز ميمڻ گاڏي ۾چڙهي فرار ٿي ويو، هوڏانهن تعلقي بدين جي صدر ڊاڪٽر عزيز ميمڻ ٻڌايو ته امدادي سامان وٺڻ لاءِ آيل متاثرن ۽ سيڪيورٽي گارڊن وچ ۾منهن ماري ٿي هئي، متاثرن پاران آفيس جو دروازو ٽوڙڻ سبب رمضان ۽ خدا بخش شيدي زخمي ٿي پيا، هن سيڪيورٽي گارڊن پاران هوائي فائرنگ جي تصديق ڪندي چيو ته انهن بيوقوفي ڪئي آهي، وڌيڪ ڪو به معاملو نه ٿيو آهي، فائرنگ ۾ ڪو زخمي نه ٿيو آهي. تصوير ڏسڻ لا هت ڪلڪ ڪريو ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: ”امداد ڏيو“ بدين ۾ برسات جي متاثرن تي فائرنگ اهڙي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي۔ حڪومتي عهديدار هڪ ته عوام جي پرگهور ڪونه پيا لهن ٻيو پر مٿن فائرنگ ڪري مرڻينگ ڪرڻ ؟؟؟ ڪٿان جي شرافت آهي ۔۔۔
جواب: ”امداد ڏيو“ بدين ۾ برسات جي متاثرن تي فائرنگ بس ادا اهي حڪومت جا خاص ماڻهون آهن پاڻ غريب ڪري به ڇا سگهنداسين
جواب: ”امداد ڏيو“ بدين ۾ برسات جي متاثرن تي فائرنگ ادا هنن حڪمرانن کي غريبن جي ڪهڙي پرواه ۔۔۔۔ بس هنن کان الله ئي پڇندو