ڪامن سينس

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪامن سينس
    عبدالقادر جوڻيجو

    قرت العين حيدر ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته، ”فقير شاهراهن جو پاسو ڏيئي ويهي رهندا آهن ۽ ايندڙ ويندڙ بادشاهن جي قافلن کي لنگهندي ڏسندا رهندا آهن، هڪڙا بادشاهه هليا ويندا آهن، ٻيا بادشاهه اچي نڪرندا آهن، پر فقير اتي ئي ويٺا رهندا آهن ۽ هن جهان جو تماشو ڏسندا آهن.“ انهيءَ ڳالهه ۾ مان قرت العين حيدر جي ڪا اها مراد ناهي ته ڪو فقير پنڻا هوندا آهن يا وري ڪو فقير ڪانيءَ ڪرامت جا ڌڻي هوندا آهن، پر انهن فقيرن مان سندس مراد اهي ماڻهو آهن، جن وٽ ڪامن سينس هوندو آهي ۽ ڪامن سينس جي زور تي شين، واقعن ۽ حالتن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. ڪامن سينس ۾ ڪا ايڏي وڏي عربي فارسي نه هوندي آهي، بس رڳو ڪامن سينس مان ڪم ڪڍڻو هوندو آهي. اڳوڻو يار ۽ هاڻوڪو مهربان علي قاضي سنهي ريڙهي هڻڻ جو شاهه ڪاريگر آهي. هاڻي ته ساڻس ملڻ ئي ڏکيو آهي، پر جڏهين پاڻ ڪاوش اخبار ۾ وهندو هو ته وٽس وڃي ڊگهي ڪچهري ڪري سگهبي هئي. هڪڙي ڏينهن هن فقير ساڻس ڪامن سينس جي ڳالهه ڪئي ته علي قاضيءَ عادت موجب پهرئين ته وڏي غور سان ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ سنهي ريڙهي هڻندي چيو ته، ”ڪامن سينس ته آهي، پر ايڏو ڪامن به ناهي، جو ڪو ڪامن سينس کان ڪم وٺي سگهجي.“ ائين چوڻ کان پوءِ سندس ٽهڪ پائيپ مان دونهين سان گڏ نڪري پکڙجي ويو. سندس اها ڳالهه ڳنڍ ۾ ٻڌي جائزو وٺڻ شروع ڪيو ته مون ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺا، جن وٽ علم ته جام هو، پر ڪامن سينس غائب هو ۽ ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺم، جن وٽ علم جي ذري به نه هئي، پر ڪامن سينس موجود هو. سو هتي به ڪامن سينس کان ڪم وٺندي ڪجهه فقيراڻيون ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون. ڪير مڃي يا نه مڃي، اها انهيءَ جي مرضي.

    ڪجهه ڏينهن اڳ هن فقير هن ئي ڪاوش ۾ ”هيءَ موسم“ جي عنوان سان مضمون لکندي ڪامن سينس رکندڙ هڪ جهوني ملاح جي حوالي سان اها ڳالهه لکي هئي ته جيڪڏهن عاشق (درياهه) جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو عاشق واٽ مٽائي، ٻي واٽ وٺي وڃي معشوق (سمنڊ) سان ڀاڪر ڀيڙو ٿيندو. پر ڪيوسڪس جي انگن ۾ ڦاٿل ماڻهن انهيءَ ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جو اهو وري سندن حق هو. اختلاف راءِ ماڻهوءَ جو بنيادي حق آهي ۽ هي فقير انهيءَ حق جي حق ۾ آهي، پر هن فقير اهو ئي حق استعمال ڪندي جيڪي ڪجهه لکيو، تنهن تي قائم آهي.I stand by my story پري وڃڻ جي ضرورت ناهي، تاريخ 2 سيپٽمبر جي ڪاوش کولي ڏسو ۽ آخري صفحي تي باڪس ۾ ٽه ڪالمي وڏي خبر لڳي آهي، اها خبر ڏيندي خادم جوڻيجو ڄاڻائي ٿو، ”رپورٽ موجب خيرپور ضلعي جي ڪچي واري علائقي الرا بچا بند بي 4 ميل وٽان سنڌو درياءَ پنهنجو رخ بدلائي الرا بچاءَ بند طرف ڪري تيزيءَ سان پائڻ شروع ڪري ڏنو آهي...الرا بند ٽٽڻ جو امڪان آهي ۽ جيڪڏهن بچاءُ بند ٽٽو ته پير ڳوٺ، پريالو ۽ خيرپور سميت سوين ڳوٺ ۽ شهر ٻڏي ويندا.“ انهيءَ ساڳئي خبر واري باڪس ۾ پريالو جي نائب ناظم عبدالحق جو بيان موجود آهي ته ”سنڌو درياءُ گذريل ٻن سالن کان کاڌ ڪري رهيو هو، جنهن هزارين ايڪڙ زمين تباهه ڪري ڇڏي آهي ۽ گذريل هڪ هفتي کان سنڌو درياءَ خيرپور طرف رخ موڙي پائڻ تيز ڪري ڇڏيو آهي.“ ساڳئي خبر ۾ اتان جي زميندار علي ڏنو خروس جو چوڻ آهي ته، ”هاڻي الرا بچاءَ بند جي ٽٽڻ جو خطرو پڻ وڌي ويو آهي، جنهن ڪري فوري طور ڄاڻايل هنڌ وٽان جڪ هڻي درياءَ جو رخ موڙيو وڃي.“ انهيءَ بيان جو صاف صاف مطلب آهي ته سنڌو درياءَ کي سندس اصلي رخ ڏانهن موڙيو وڃي. اهڙي ساڳئي طرح يوسي ناظم ممتاز ناريجو جو چوڻ آهي ته، ”سنڌو درياءَ پاران رخ موڙڻ جي ڪري علائقي ۾ وڏي تباهي ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.“ انهيءَ خبر ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته، ”پريالو لڳ سنڌو درياءَ پاران رخ بدلائڻ ۽ پائڻ تيز ڪرڻ کانپوءِ علائقي واسين ڪيترن ئي هنڌن تان حافظ ۽ قاري گهرائي پاڪ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ڏنو آهي ته جيئن سنڌو درياءَ پائڻ جو رخ بدلائي ڇڏي“. پر انهن خبرن ۽ بيانن جي برعڪس اتان جي هڪ ننڍي ۽ بيوس آفيسر ايس ڊي او سڀ ڪجهه سمجهندي ڪري به سرڪاري لاچاريءَ وچان پنهنجي ٽوپي بچائڻ لاءِ اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو ته درياهه ۾ پاڻي گهٽجي رهيو آهي سو بچاءُ ٿي ويندو آهي. انهيءَ ۾ سندس ڏوهه ناهي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته هن ملڪ ۾ ڪندا وڏا آهن ۽ ڦاسندا ننڍا آهن، نه ته کيس خبر هئڻ گهرجي ته چوماسو اڃا تائين گهمريون کائي رهيو آهي، تنهن ڪري مٿين ۽ اترين علائقن مٿان وڏا مينهن پيا وسن، سو درياهه ۾ پاڻي وڌڻ جا امڪان جيئن جو تيئن موجود آهن. مٿي جيڪي فريزنگ پوائنٽون آهن، انهن تي جيڪڏهن ٿورڙو مينهن به وٺو ته اتان جي برف جي ڇپن ۾ اهو ٿورو مينهن به ڏار وجهي سگهي ٿو ۽ ڏارن پوڻ جي نتيجي ۾ اتان جي برف ڳري پاڻي بڻجي درياهه ۾ اٿل آڻي سگهي ٿي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مٿين علائقن ۾ موجود برفاني ڇپن ۾ موجود برف گرمي وڌڻ جي ڪري ڳرندي آهي. اهو خيال ڪامن سينس جي حساب سان غلط آهي، ڇاڪاڻ ته گرميءَ ۾ به اهي هنڌ فريزنگ پوائنٽ تي موجود هوندا آهن ته پوءِ ڳرندا وري ڪيئن؟ جڏهين ته اصل حقيقت اها آهي ته انهن هنڌن تي موجود برف کي صرف مينهن جا ڇنڊا ڏار وجهي سگهندا آهن ۽ پوءِ اهي برف جا حصا پاڻ ۾ ٽڪرائجي پاڻيءَ جي صورت اختيار ڪندا آهن. انهيءَ جو مثال خود اسان جي گهرن ۾ موجود آهي. هيئن ڪريو جو ڪوپر جي گلاس يا ڪَنجهي جي وٽي ۾ پاڻي وجهي فرج جي فريزر واري حصي ۾ رکي ڇڏيو، جڏهين اهڙي ٿانءَ ۾ برف ڄمي وڃي، پوءِ ٻاهر ڪڍي انهيءَ ٿانءَ کي ڪيتري به گرمي ڏيکاريندئو ته به برف ٿانءَ مان نه نڪرندي، پوءِ ڀلي کڻي 65 CC ٽيمپريچر تائين جي گرمي ڏيکاريو. پر انهيءَ ساڳئي گلاس يا وٽي کي اونڌو ڪري، مٿان پاڻي هاريندئو ته اها ساڳئي برف ڦهه ڪري هيٺ اچي ڪرندي. گهر ۾ موجود انهيءَ مثال مان ئي ڳالهه پڌري پٽ پيئي آهي ته برف کي گرمي نه، پر پاڻيءَ جا ڇنڊا يعني مينهن جا ڇنڊا ڳاريندا آهن. پوٿيون پنهنجيءَ جاءِ تي، ڪامن سينس پنهنجيءَجاءِ تي. سو ائين ڪو ويهي درياهه شاهه بادشاهه جي موڊ تي اعتبار نه ڪري. اها هڪ حقيقت آهي ته درياءُ جڏهين چاڙهه کائيندو آهي ته ڪچي کي ٻوڙيندو آهي ۽ ڪڏهين ڪڏهين پڪي جي ٿوري گهڻي علائقي کي به رهڙو ڏيئي وٺندو آهي، پر پنهنجو رخ نه بدلائيندو آهي. پر سرائيڪي بيلٽ ۽ خيرپور ضلعي مان پهتل اهي خبرون ٻڌائين ٿيون ته سنڌو درياهه چاڙهه نه کائي رهيو آهي، پر رخ بدلائي رهيو آهي. انهيءَ صورتحال تي سوچڻ لاءِ ڪامن سينس کان ڪم وٺڻو پوندو. اچو سائين انهيءَ ڳالهه تي ته ائين ڇو ٿو ٿئي. هڪ ڪارڻ ته اڳ ۾ ئي درياهه تي ٻڌل بند آهن، جن ۾ سلٽ ڀريل آهي. اها سلٽ ڪڍڻ تي جيڪو خرچ ايندو، اهو بقول ارون ڌتيءَ راءِ جي بند ٺاهڻ تي آيل خرچ کان ڇهه سئو ڀيرا وڌيڪ خرچ ايندو. ڀلا اهڙن بندن ٺاهڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي. جيڪو ٻيو ڪارڻ آهي، اهو اهو آهي ته سرائيڪي بيلٽ ۽ اتان کان اتر طرف درياهه مان وڌيڪ پاڻي کڄي رهيو آهي ۽ درياهه کي پنهنجي معشوق (سمنڊ) تائين پهچڻ نٿو ڏنو وڃي. پر جيڪڏهن اڃا به درياهه کي وڌيڪ سنگهرون هڻندي ڪالاباغ ڊيم يا وري ڀاشا ڊيم ٺاهيو ويو يا ڪنهن به هنڌ ڪو به ٻيو ڊيم ٺاهيو ويو ته جيڪو درياهه هن وقت خيرپور ميرس ۽ سرائيڪي بيلٽ ۾ رخ بدلائي رهيو آهي، اهو ڪالاباغ کان به مٿي هندڪو واري علائقي وٽان اوڀر طرف رخ ڪندو، جيڪا هڪ فطري ڳالهه آهي. هت آئون وري به انهيءَ جهوني ملاح جي ڪامن سينس کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان، جنهن 1993ع ۾ يعني سورهن سال اڳ مون، منو ڀائي ۽ شيرين پاشا جي روبرو اها ڳالهه ڪئي هئي ته جيڪڏهن ملڪ جا بادشاهه عاشق درياهه کي سنگهرون هڻي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا ته عاشق ٽپ ڏيئي رخ بدلائي ٻئي پاسا ڊوڙندو وڃي، پنهنجي معشوق سمنڊ کي ڀاڪر وجهندو. جيڪڏهن ڀلجان نٿو ته انهيءَ جهوني ملاح جو نالو هو سائينداد ملاح. سو ڀاشا ڊيم ۽ ڪالاباغ ڊيم ته ڇا، پر ڪنهن به هنڌ ڪو به ڊيم ٺاهڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي. سنڌ ۾ به جيڪڏهن ڪو ڊيم ٺهيو ته نقصان پهچندو. انهن ڊيمن ٺهڻ جي نتيجي ۾ سنڌ ته ڇا، پر پنجاب جو به پورو بئريج سسٽم تباهه ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه رخ بدلائي هاڪڙي واري پيٽ ۾وڃي پوندو ۽ فائدو صرف هن بندي کي پهچندو، جو هن بندي جو ڳو ٺ سڪي ويل هاڪڙي سان لڳو بيٺو آهي، باقي بند ٺاهڻ وارا مٽي چٽيندا رهجي ويندا.

    هاڻي تازو وري هڪ ٻئي ڳالهه دکي آهي ته برسات پوڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي وڏيون وڏيون نئيون اٿين ٿيون، انهن جو پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ انهن نئين جي منڍ ۾ ننڍا بند ٻڌي پاڻيءَ جو ذخيرو ڪيو وڃي. ڏيو منهن، هڻو مٿو ڀت سان. علم جي اهڙن صاحبن کي ڏسي ته بلي شاهه سائينءَ چيو آهي ”علمئون بس ڪرين اويار“. ڄٽ پڙهيو راڄ اڙيو. ڪامن سينس گم، انگ اکر حاضر. او خدا جا بندا، مون کي اهو ته ٻڌايو ته سنڌو درياهه جي اسپيڊ ۽ برساتي نئين جي اسپيڊ ۾ ڪيترو فرق آهي. پهرين اها اسپيڊ ته طئه ڪريو، پوءِ ڪا ڳالهه ڪريو. هن دور ۾ اهو ڪو مسئلو ئي ناهي. ٽينس راند کان ته پاڻي پري آهيون، پر ڪرڪيٽ راند ته پنهنجي آهي. انهيءَ راند ۾ جن مشينن يا گهڙين جي ذريعي بالنگ جي اسپيڊ ڄاڻائي وڃي ٿي، انهيءَ ۾ تر جو به فرق نه هوندو آهي. ڀلا انهن مشينن ۽ گهڙين جي ذريعي درياهه جي اسپيڊ به ڏسو ۽ برساتي نئين جي به اسپيڊ جانچيو ته خبر پئجي ويندي ته ڪيترين ويهين سئو ٿو ٿئي. هلو ڇڏيو مشينن کي، وٺو جهونن جي ڪامن سينس کي يا ڪنهن به عام ماڻهوءَ کان پڇي ڏسو. سانوڻيءَ ۾ جيڪي نئيون جبلن تان اٿنديون هيون ۽ جن جو رخ ڀرئي ترئي وهندڙ سانوڻيءَ جي سنڌو درياءَ ڏانهن هوندو هو، اهي نئيون ايڏي ته اسپيڊ سان اينديون هيون جو درياءَ جي پاڻيءَ کي چيري ٻه اڌ ڪري اڳتي وڌي وينديون هيون. ڊڄيو ڊڄيو ڳالهه ٿو ڪريان ته درياهه جي اسپيڊ کان انهن نئين جي اسپيڊ ڏهوڻ تي وڌيڪ آهي، پوءِ جتي وڃي ڇوڙ ڪن. ڪارونجهر مان اٿندڙ يا گجرات کان ايندڙ نئين جي اسپيڊ به اوتري ئي آهي. مون ته ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڳوٺ واري نئين روهلڙي ڏٺي هئي. ميلن تي نئين جا ڪڙڪا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. ايڏي اسپيڊ سان اٿندڙ وائيلڊ (Wild) نئين کي جي سنگهرون هڻي بند ٻڌا ويندا، انهيءَ لاءِ ته رڪ جون ديوارون کڙيون ڪرڻيون پونديون، پر پوءِ به اهي نئيون ٻي ڪا واهه نه ڏسي، ٻئي پاسي رخ ڪنديون. پاڻيءَ جا ذخيرا ته هوا ٿي ويندا. پر ٻئي پاسي موجود وسندين کي اهي نئيون رڻ ڪري ڇڏينديون. راڄ ته مصيبت ۾ ايندا ئي ايندا، پر ماحوليات جو خرابو به وڌي ويندو. اهي ڪي سنڌ حڪومت جون رٿائون آهن، آزمائي ڏسو ته خبر پوي، سنڌ جي خزاني کي لٽائي ڏسو ته خبر پوي. تنهن هوندي به سنڌ جي ڪابينا ۾ ويٺل وزيرن ۽ وزيرياڻين مان آئون اها گذارش صرف پنهنجي مهربانن اياز سومرو، سسئي پليجو، سائين علي مردان شاهه ۽ پنهنجي پراڻي قدردان سائين علي نواز شاهه کي ڪري سگهان ٿو ته اهي ئي کڻي اهڙيون هوائي توائي، اجائين ۽ خطرناڪ رٿائن تي ڪامن سينس کان ڪم وٺندي ۽ يا راڄن ڀاڳن کان پڇاڻون ڪري ڪو غور ڪن. پاڻ جو ته خيال آهي ته اهو خرچ به اجايو ويندو ۽ اهو ڪم به نئين ۾ لڙهي ويندو. راڄ اڙجي ويندا. مون کي خبر آهي ته اهي پٻيون ڏيڻ وارا ماڻهو غير سرڪاري آهن، سو ڪنهن جي پٻين تي ڪو نه لڳبو. ڪجهه ته پاڻ به سوچبو ۽ ڪامن سينس کان ضرور ڪم وٺبو. پاڻ جو ڪم آهي دانهون ڪرڻ. وڌيڪ جنهن جي جيڪا مرضي.

    سالن کان اها ٿيوري هلندي پيئي اچي ته بندن جي ذريعي بجلي پيدا ڪئي ويندي. اڃا تائين اهو کٽراڳ جاري آهي، مورڳو ڏهن ٻين ڊيمن جا اعلان پيا ٿين. يا اسان جي مت کسي يا اعلانن وارن جي مت کسي. اکين ڏٺي ڳالهه آهي، جن ڏينهن معين قريشيءَ جي حڪومت لڏڻ ۾ پوري هئي ۽ پ پ جي حڪومت اڏڻ ۾ پوري هئي، آئون انهيءَ زماني ۾ چين ۾ هوس ۽ اهو منهنجو ٻيو دورو هو. خيال اهو بيٺو هو ته شاهراههِ ريشم تي ڪا ڊاڪيومينٽري ٺاهجي. اها شاهراههِ ريشم چار هزار سال کن اڳ چين جي شهر شيئان (Xian) مان نڪرندي هئي. چار هزار سال اڳ چين جا ٻه گاديءَ جا هنڌ هوندا هئا. اونهاري جي مند وارو گاديءَ جو هنڌ (Summer Palace) بيجنگ هوندو هو ۽ سياري جي مند وارو گاديءَ جو هنڌ (Winter Palace) شيئان ۾ هوندو هو. سو جڏهين اسان جي ٽيم شيئان پهتي ته شهر کان ڳچ پنڌ تي موجود ڪوئلي جو اهو پلانٽ ڏيکاريو ويو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته انهيءَ پلانٽ مان سڄي چين کي بجلي ملندي آهي ۽ اسان ته هڪ سيڪنڊ لاءِ به بجلي ويندي نه ڏٺي. اها ڳالهه اڳ ۾ به مون لکي هئي، پر ڪنهن به اعتبار نه ڪيو. ڪو اعتبار ڪري يا نه ڪري، آئون انهيءَ سان ٻڌل ناهيان. پر هاڻي اسٽڊي کانپوءِ هر ڪنهن جي وات اها وائي آهي ته چين جهڙي غوراب ملڪ جي 70 سيڪڙو بجليءَ جو پورائو ڪوئلي مان ٿئي ٿو. پوءِ ڀلا ٿر جي ڪوئلي ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جيڪو چين واري ڪوئلي کان مقدار ۾ وڌيڪ آهي، ته معيار ۾ به وڌيڪ آهي. اڃا ته رڳو اهو پيا ٻڌون ته اجهو ٿي ٿر واري ڪوئلي مان بجلي پيدا ٿئي. تازو ڪيل اهڙي اعلان کانپوءِ اڃان به هڪڙو خطرو موجود آهي. اها آهي ورلڊ بينڪ جي ڦرمار. ورلڊ بينڪ گهڻو ڪري بندن ٺاهڻ لاءِ ڳري وياج تي ڏوڪڙ ڏيندي آهي ته وڃي بند ٺاهيو، پوءِ اهي ملڪ ورلڊ بينڪ وٽ ڳهي تي رکيل هوندا آهن. ورلڊ بينڪ جو اهو خاص ۽ وڏو ڪاروبار آهي. هاڻي ته اهو به پيو ٻڌڻ ۾ اچي ته اها ڊونيشن ڏيئي چڱن ڀلن ڄاڻو ماڻهن کي پئسي جي چمڪ ۾ قابو ڪريو ويٺي آهي. هيستائين جيڪا رڪاوٽ رهي، اها ورلڊ بينڪ جي ئي کڙي ڪيل هئي. هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته موجوده حڪومت انهيءَ خطري کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي. هلندي هلندي ٿر ۽ اڇڙي ٿر جي ٻئي مامري جي به ڳالهه ٿي وڃي. دنيا جو خطرناڪ واريءَ جو رڻ پٽ به چين ۾ موجود آهي، جيڪو آهي گوبي ڊزرٽ. ٻارنهن سئو ميل ويڪري ۽ ٻارنهن سئو ميل ڊگهي واريءَ جي انهيءَ رڻ پٽ ۾ ڪئين قافلا گهڙيا ۽ گم ٿي ويا. نه وڻ، نه ٻوٽو ۽ نه پاڻيءَ جو ڍڪ ذرو، رڳو هوا جا سوسٽ ۽ اڏامندڙ سنهي واري. پر تازي حقيقت اها آهي ته اهڙي خوفناڪ ٿر يعني گوبي ڊزرٽ ۾ به روڊ ٺهي چڪا آهن. پائيپن ذريعي ڦوهارا ڏيندڙ پاڻي به پهچي چڪو آهي ۽ تمام گهٽ پاڻيءَ تي پلجندڙ ننڍن ننڍن خوبصورت گلن وارن ٻوٽن جو قطارن ۾ جهنگ به آباد ٿي چڪو آهي. چين جي انهيءَ تجربي مان به جيڪڏهن فائدو وٺبو ته ٿر توڙي اڇڙو ٿر ٻارهو ئي مهينا سدا بهار رهي سگهي ٿو. گڏوگڏ ڪوهستان کي به فائدو رسي سگهي ٿو. سو اهي سڀ ڳالهيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ضرورت رڳو ڪامن سينس جي آهي، جيڪو ايترو ڪامن ناهي.

    (روزاني ڪاوش)​
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا سلطان! اسانجي ڪامورن جو حال اهو آهي ته واشنگ مشين گهر ۾ هوندن ته به ڪپڙا بالٽيءَ ۾ ڌوئيندا آهن ... ڪامن سينس جو گهڻو اٿن ...

    سچ چيو ويو آهي ته ڄٽ پڙهيو جڳ اڙيو ... الله خئير ڪري ملڪ جو!!!

    shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو