• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج
سليمان وساڻ

قدرت پاران اسان کي اڻ کُٽ نعمتون عطا ٿيون آهن پر اسان انهن جي صحيح استعمال کان بي خبر آهيون. اسان وٽ ڪيتريون ئي سبزيون ۽ ميوا عام جام ۽ سستا ملن ٿا جيڪي مختلف بيمارين کان بچاء لاء ۽ گهڻين ئي بيمارين جو علاج پڻ آهن. ڪجهه اهڙين ئي سبزين بابت اچو ته ڄاڻ حاصل ڪيون:

گجر:

vr64c7.gif

جديد تحقيق مان اها خبر پئي آهي ته گجر وٽامنز سان ڀريل غذائي سبزي آهي. گجر ۾ فاسفورس ۽ نشاستي جو گهڻو مقدار موجود آهي. رت ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ اکين جي روشني وڌائڻ ، ڏندن جي حفاظت، چيلهه جي سور ، پٿري ۽ يرقان جهڙين بيمارين ۾ گهڻو فائديمند آهي.

ادرڪ :

ibthxexWrJsiHi.jpg

معدو ڪمزور هجي يا بلغم جي شڪايت هجي ته ادرڪ گهڻو فائدو پهچائي ٿي. نئين تحقيق مطابق اڌ رنگ يا فالج، لقوه، دم، نزلو، بلغم ۽ کنگهه ۾ ادرڪ جو استعمال فائدي وارو آهي پر ادرڪ جو استعمال تمام گهڻو به نه ڪجي.

پالڪ:

idCojAS4ENstg.jpg

پالڪ هڪ سستي ۽ جلد ڳرندڙ سبزي آهي. پالڪ ۾ فولاد گهڻي مقدار ۾ موجود هجڻ ڪري رت ۾ اضافو ڪري ٿي. گرمي جي بخار ۽ يرقان ۾ به فائديمند آهي.

ڪريلو:

ibfn4ikQRerWMd.jpg

ڪريلي جو استعمال پيٽ جي جراثيمن ۽ ڪيڙن کي ختم ڪرڻ سان گڏ بلغم جو به خاتمو ڪري ٿو.

گوگڙو يا شلجم:

ifePhKppp8AnM.jpg

گوگڙو يا شلجم بيمارن لاء هڪ هلڪي ۽ آساني سان هضم ٿيندڙ غذا آهي. گوگڙو جي پنن ۾ وٽامن بي جي موجودگي سبب هن جو استعمال هميشه پنن سان گڏ ڪجي.

بصر :

ibcXkljgGR3sj2.jpg

بصر دنيا ۾ پٽاٽي کانپوء تمام گهڻي استعمال ٿيندڙ سبزي آهي. بصر کانسواء ڀاڄي تيار ڪرڻ آسان ناهي. هر ڀاڄي ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. بصر ۾ پروٽين، نشاستو، فاسفورس، وٽامن بِي ۽ اِي سان گڏ نمڪيات موجود آهن.

مٿي جي سور لاء بصرن جو ليپ ٺاهي پيرن جي ترين تي لڳائڻ سان سور گهٽجي ويندو.

گرمين ۾ يا عام ڏينهن ۾ ٿيندڙ نڪهير لاء بصرن جي رس جا هڪ ٻه قطرا نڪ ۾ وجهڻ سان نڪهير بند ٿي ويندي.

گرمي يا جهولي کان بچڻ لاء بصر کي ڪَٽي ڪنهن کٽي شيء يا ڏهيء سان استعمال ڪرڻ سان ماڻهو کي جهولو ڪونه لڳندو. جيڪڏهن ڪنهن کي گرمي يا جهولو لڳو هجي ته ان کي بصر جي رس جا ڪجهه ڍڪ پيارڻ سان فائدو ٿيندو.

ڏنگ کان بچاء لاء : جيڪڏهن وڇون، ماکيء جي مک، ڏينڀون يا ککر يا ڪو زهريلو ڪيڙو چڪ پائي ته بصر جو عرق ڪڍي ڏنگ يا چڪ واري جاء تي لڳائڻ سان زهر جو اثر ختم ٿي ويندو.

ٽماٽر :

iqwstH27fNVXN.jpg

ٽماٽر غذائيت ۽ فائدن جي حساب سان سڀني سبزين کان وڌيڪ فائديمند آهي. فولاد، معدني نمڪيات ۽ وٽامن جو هڪ وڏو مقدار ٽماٽر ۾ موجود هجڻ ڪري رت ٺاهڻ ، قوت مدافعت ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو. ٽماٽر جي رس پيئڻ ڪري ٻارن ۾ ڏندن جون بيماريون ڪونه ٿينديون ۽ ڏند مضبوط ٿيندا.

فودنو :

iGES9BYp015YA.jpg

فودنو هاضمي لاء گهڻو مفيد هجڻ سان گڏ طاقت ڏيندڙ سبزي آهي. بڪين جي تڪليف، بلغم، هڏڪي ۽ پيٽ جي بيمارين لاء مفيد آهي. فودني جو استعمال جيري کي طاقت ڏئي ٿو.​

جواب: سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

سبحان الله، لک شڪر ان خالقڻهار جا جنهن انسان لاءِ هي جهان خلقيو ۽ ان ۾ اهڙيون ته حيرت انگيزي فائديمند شيون خلقيون جو انجو شڪر ادا ڪرڻ ڏکيو ٿيو وڃي ۔۔۔

رب العالمين انسان کي خلق ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس ضرورت جي هر شئي پڻ خلق ڪري ڇڏي آهي، انڪري هاڻ اهو اسانجو فرض ٿئي ٿو ته علم ۽ تحقيق ذريعي انهن شين کي ڳولهي لهون ۽ استعمال ڪري شفاياب ٿيون، جيتوڻيڪ ڪافي شيون منظر تي آيون آهن پر اڃان خدائي ڪائنات وسيع آهي جنهن ۾ اڃان هزارن جي تعداد ۾ فائديمند شيون موجود آهن ۔۔۔

سهڻو ونڊ ادا سليمان
 
جواب: سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

بلڪل اها حقيقت آهي ته قدرت واري سندس ڪائنات ۾ انسان جي فائدي جي لا بي شمار نعمتون خلق ڪيو آهي۔
انهن جي کوجنا ڪرڻ ۽ انهن نعمتن مان فائدو ماڻڻ جو دارو مدار انسانن جي مٿان آهي۔
۽ يقينن الله پاڪ انهن نعمتن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي صلاحيت به انسان کي عطا ڪئي آهي۔۔
اها ئي صلاحيت استعمال ڪندي ادا سليمان وساڻ الله جي تخليق جي تي ڪيل تحقيق سان ڀرپور موضوع ونڊ ڪيو آهي۔۔

جزاڪ الله ادا سليمان وساڻ

دعا ۾ ياد۔۔

۔
 
جواب: سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

ادا تمام بهترين معلومات ڏني اٿو سبزين بابت۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀ الله تعالى نعمت آهن

سبزي ته مان به ٺاهيندو رهندو آهيان هڪ دفعو ڪريلا ٺاهيم وڏي محنت ڪيم پر پوء به ڪواڙ ٿي پيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون وڻندا به گهڻا آهن
 
سائين نثار سلام

اوهان بلڪل صحيح فرمايو آهي ته رب جي نعمتن جا ڪيترا فائدا آهن ، اهي اسان اڃان تائين تحقيق ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهيون۔ پوء به آساني سان مهيا ٿيندڙ سبزين جا هيترا سارا فائدا آهن۔ رب پاڪ جا احسان آهن۔
 
جواب: سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

تمام سٺي ڄاڻ شيئرنگ ڪئي آهي
سڀ الله تعالي جي رحمت آهي
 
جواب: سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

بلڪل اها حقيقت آهي ته قدرت واري سندس ڪائنات ۾ انسان جي فائدي جي لا بي شمار نعمتون خلق ڪيو آهي۔
انهن جي کوجنا ڪرڻ ۽ انهن نعمتن مان فائدو ماڻڻ جو دارو مدار انسانن جي مٿان آهي۔
۽ يقينن الله پاڪ انهن نعمتن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي صلاحيت به انسان کي عطا ڪئي آهي۔۔
اها ئي صلاحيت استعمال ڪندي ادا سليمان وساڻ الله جي تخليق جي تي ڪيل تحقيق سان ڀرپور موضوع ونڊ ڪيو آهي۔۔

جزاڪ الله ادا سليمان وساڻ

دعا ۾ ياد۔۔

۔

مهرباني ادا درويش

رب پاڪ اسان کي انيڪ نعمتون عطا ڪيون آهن۔ اسان کي رب پاڪ جي انهن نعمتن جو شڪرگذار هجڻ سان گڏ تحقيق ڪري انهن جي فائدن ۽ نقصانن کان به واقف هجڻ گهرجي۔

مهرباني حوصلا افزائي ڪرڻ جي
 
جواب: سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

واه سائين واه تمام بهترين شيئرنگ دل خوش ٿي وئي۔ مان به سوچان پيو ته پنهنجي ڊاڪٽريءَ جا جوهر هتي ڏيکاريان. جي مان کي اجازت ڏني وڃي ته مان به هر بيماريء جي باري ۾ اوهان دوستن سان ڪجهه ونڊ ڪيان۔۔۔
 
جواب: سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

ادا تمام بهترين معلومات ڏني اٿو سبزين بابت۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀ الله تعالى نعمت آهن

سبزي ته مان به ٺاهيندو رهندو آهيان هڪ دفعو ڪريلا ٺاهيم وڏي محنت ڪيم پر پوء به ڪواڙ ٿي پيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون وڻندا به گهڻا آهن

مهرباني

ڪريلو مونکي به پسند آهي پر ان جي ڪڙاهٽ ختم ڪرڻ به ڪنهن ماهر جو ئي ڪم آهي۔ هاڻي ته پڪ سان اوهان جون ٺاهيون سبزيون ضرور کائبيون۔
 
جواب: سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

واه سائين واه تمام بهترين شيئرنگ دل خوش ٿي وئي۔ مان به سوچان پيو ته پنهنجي ڊاڪٽريءَ جا جوهر هتي ڏيکاريان. جي مان کي اجازت ڏني وڃي ته مان به هر بيماريء جي باري ۾ اوهان دوستن سان ڪجهه ونڊ ڪيان۔۔۔

ڊاڪٽر صاحب مهرباني

يقينن اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي۔ اوهان کي اها گذارش آهي ته صحت بابت اوهان پنهنجون لکڻيون هتي ونڊ ڪيو جيئن سڀ دوست انهن مان فائدو وٺي سگهن۔ بيمارين بابت ڄاڻ ۽ انهن جي علاج بابت اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔
 
جواب: سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

ادا سليمان وساڻ توهان بلڪل سبزين جي اصلي فائيدان جي باري ۾ صحيحي معلومات ڏني آهي۔اسان جي پياري نبي سائين جن کي ڪدو تمام گهڻو پسند هو ۽ شوق سان کائيندا هئا۔پاڻ سڳورا فرمائيندا هئا ته ڪدو پيٽ جي هر بيماري جو بهتر ترياق آهي۔سبزيون واپرائڻ وارا انسان گهڻن بيمارين کان محفوّظ هوندا آهن۔بهترين معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان جي مهرباني۔
 
جواب: سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

انتھائي ڪارائتو ۽ تفصيلي ليک۔
لک شابسون سليمان سائين۔
 
جواب: سبزين ذريعي بيمارين کان بچاء ۽ سستو علاج

ادا سليمان وساڻ تمام سٺي معلومات اسان کان ونڊ ڪرائي آهي اسان کي اسلام به اهائي ڳالھ سيکاري ٿو ته جيڪا ڳالھ اسين نئين سکون ان تي عمل به ڪريون ۽ پنهنجي ٻين مسلمان ڀائرن کي به سيکاريون۔ سليمان وساڻ به اهوئي نيڪ عمل ڪيو آهي۔ الله تعالي انهن کي عجر خير عطا فرمائي۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top