• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مٽي ۽ مهاڻا (ناول) : منصور ٿلهو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
منصور ٿلهو هڪ سرد رات جو جڏهن کارو ڇاڻ ويو ته اتان جي مهاڻن جي حالت ڏسي هن هڪ ناول لکي ورتو۔ سندس هي ناول مٽي ۽ مهاڻا سنڌ ساحل پبليڪيشن کارو ڇاڻ پاران 2008 ۾ ڇپايو ويو۔ ڪتاب کي ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن ۾ سنڌي لائبرري ۽ وائس آف سنڌ پاران آندو ويو آهي۔

ڪتاب مان ورتل ٽڪرو

سنڌ ڏيهه جو ڇوڙ وارو علائقو، آمدرفت، واپار ۽ ماهيگيري جي لحاظ سان ڏاڍو شاهوڪار رهيو آهي. سامونڊي مڇي، درياهي مڇي، ٻنهي پاڻين جي ميلاپ ۾ پلجندڙ مڇي يا انهن علائقن ۾ سنڌوءَ جي پالوٽ ۽ پوءِ ريٽيل زمين جو اپجندڙ اَنُ، ڀاڄيون ۽ ميوا، ماڻهن لاءِ خوشين جا جھول ڀري آڻين ٿا. مڇي به ڳڻپ کان وڌيڪ، هڪ هڪ هوڙي يا ٻيڙي تي سوين، سوين مڻ مڇي ماري ويندي هئي. هن علائقي ۾ ماڻهو ڏاڍا خوشحال هئا. خوشيون سندن اڱڻ تي اَچي جُھڪي سلام ڪنديون هيون. پر افسوس جو اڄڪلهه هتي جي حالت ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي. سنڌوءَ تي بئراج ۽ ڊئم اَڏي پَنجوڙ وجھڻ کان پوءِ سنڌوءَ جو لڙاٽيل پاڻي هن علائقي تائين پهچي نه ٿو. سنڌو جيڪو نه فقط مٺو پاڻي ججھو آڻيندو هو پر سون سريکو ريٽ آڻي، هتي نت نوان رنگ نکيريندو هو. جنهن ڪري تمر وغيره جا وڏا وڏا ٻيلا هوندا هئا، جيڪي جيوت جي کاڌ خوراڪ جو وسيلو ۽ پناهه گاهون هئا. اهي هاڻي تمر جا ٻيلا به نه رهيا آهن. نه اها جيوت رهي آهي، نه ئي ماڻهو ۽ ماڻهن ۾ زندگي جي جوت رهي آهي. هاڻي ته هتي جا ماڻهو پنهنجا لاش پنهنجن ئي ڪلهن تي کڻي هلن ٿا. ڇا ڇا نه کسيو ويو آهي هن علائقي کان...!؟

 
ناول جي جهڙي نموني شروعات ٿي تهڙي آخر نه آهي
ناول جوليکڪ مرڪزي ڪردار کي پنهنجي هيروئن تائين نه پهچائي
سگهيوآهي، پر ساحلي پٽي جي دردن واري زندگي کي سٺي
نموني پيش ڪيو آهي۔۽ درياء جي پراڻن بندر گاهن جي باري ۾
تمام تفصيل سان لکيو ويو آهي، صفحي 151 تي ابراهيم منشي جو
مشهور شعر سرويچ جي نالي سان آندل آهي۔
مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيڙن جي واڙي ۾۔۔۔
اهو مشهور شعر جيڪو جهرجهنگ ۾ منشي جي نالي
سان مشهور آهي،هيڏي ساري ليکڪ کان غلطي ڪيئن ٿي؟؟؟؟
 
منصور ٿلهو اسان جي پراڻن دوستن مان آهي، مان ذاتي خور سڃاڻان۔ دوست نهايت انقلابي ۽ سنڌ پرست آهي، هن جي سموري زندگي سنڌ سان محبت ۾ گذري آهي۔ اڄ ڪلهه ڪٿي آهي ڪا خبر ڪانهي۔۔اميد ته جتي به هوندو اڄ به سنڌ جي آجپي لا جاکوڙي هوندو۔۔
 
ادا سائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار جي
انتهائن تي بيٺل آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي
پر مون صرف ناول انهن اُڻاين تي لکيو آهي
جيڪي منهنجي ننڍري دماغ سمجهيون،
آئون ڪو وڏو نقاد ناهيان،پر ايترو ڏک ضرور
آهي ته ناول جو هيرو پنهنجي هيروئن کي ڳولي ناهي
سگهيو،اهو هر پڙهندر محسوس ڪندو۔۔۔
 
ادا سائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار جي
انتهائن تي بيٺل آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي
پر مون صرف ناول انهن اُڻاين تي لکيو آهي
جيڪي منهنجي ننڍري دماغ سمجهيون،
آئون ڪو وڏو نقاد ناهيان،پر ايترو ڏک ضرور
آهي ته ناول جو هيرو پنهنجي هيروئن کي ڳولي ناهي
سگهيو،اهو هر پڙهندر محسوس ڪندو۔۔۔
 
ناول جي جهڙي نموني شروعات ٿي تهڙي آخر نه آهي
ناول جوليکڪ مرڪزي ڪردار کي پنهنجي هيروئن تائين نه پهچائي
سگهيوآهي، پر ساحلي پٽي جي دردن واري زندگي کي سٺي
نموني پيش ڪيو آهي۔۽ درياء جي پراڻن بندر گاهن جي باري ۾
تمام تفصيل سان لکيو ويو آهي، صفحي 151 تي ابراهيم منشي جو
مشهور شعر سرويچ جي نالي سان آندل آهي۔
مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيڙن جي واڙي ۾۔۔۔
اهو مشهور شعر جيڪو جهرجهنگ ۾ منشي جي نالي
سان مشهور آهي،هيڏي ساري ليکڪ کان غلطي ڪيئن ٿي؟؟؟؟

مهرباني جو اوهان ناول کي مڪمل پڙهي پنهنجا رايا ڏنا۔۔۔

ليکڪ بدران اسان کي جواب ڪيئن ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن ليکڪ سان ڪٿي ملاقات ٿي ته اوهان جا سوال سندس آڏو رکبا۔

لک قرب جو اوهان پنهنجا ويچار ونڊيا۔
 
Back
Top