• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ صغير جتوئي

جتوئي صغير

سينيئر رڪن
دنيا ۾ درد ڪيڏا سهي ٿي زندگي
روز مري ٿي روز جئي ٿي زندگي

پرين پاڻ ڏئي جو هٿن ساڻ پنهنجي
زهر ڀانئي زم زم پئي ٿي زندگي

هنج کان هنج تائين جي سفر ۾
سولي مٿي سر هي ڏئي ٿي زندگي

مقتل مان نه موٽيو ڪو”صغير“ آهي
ترار جي ڌار ۾ رهي ٿي زندگي

صغير جتوئي،،جده ،سعودي
 
جواب: غزل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ صغير جتوئي

محترم سائين سڀ کان پھريان ته اوھانکي اسان ھتي اچڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔
سائين تمام بھترين شاعري۔
 
جواب: غزل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ صغير جتوئي

پرين پاڻ ڏئي جو هٿن ساڻ پنهنجي
زهر ڀانئي زم زم پئي ٿي زندگي


محترم دوست صغير جتوئي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿي ڪجي۔ اوهان کي عرض ته هت ڪلڪ ڪري تعارف واري سيڪشن ۾ پنهنجو تعارف ونڊ ڪيو جيئن دوستن سان اوهان جي ڄاڻ سڃاڻ ٿي سگهي۔

بهترين غزل آهي ۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته اوهان سنڌ سلامت جي هن اوطاق تي پنهنجي لکڻين سان گڏ اسان سان پنهنجا احساس ۽ ليک ونڊ ڪندا رهندا۔
 
جواب: غزل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ صغير جتوئي

محترم صغير جتوئي صاحب سڀ کان پھريان ته اوھانکي اسان ھتي اچڻ تي دل جي گھرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔
سائين تمام بھترين شاعري۔
 
Back
Top