مونکي دوستن کان اهو پڇڻو آهي ته سنڌ سلامت فائيل اپلوڊر تي فائيل ڪيئن اپلوڊ ڪري پوِ ان جو لنڪ ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو مٿال طور مان ڪوئي سافٽويئر سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ان جو لنڪ ڏيان ته فائيل هتان ڊائونلوڊ ڪيو سو مهرباني ڪري مان کي ان جي تفصيل ٻڌائيندا ته توهان دوستن جي مهرباني ٿيندي۔
جواب: سنڌ سلامت فائيل اپلوڊر سڀ کان پهريان پنهنجي فائيل کي زپ فولڊر يا ون رير ذريعي ڪمپريس ڪريو۔۔۔ هاڻي سنڌ سلامت فورم جي مرڪزي صفحي تان سنڌ سلامت اپلوڊر مان برائوز بٽڻ ڪلڪ ڪري فائيل جي لوڪيشن ڏيو۔۔۔ ۽ ڊسڪرپشن جي خاني ۾ سافٽويئر بابت معمولي وضاحت لکي سينڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ ٿوري دير ۾ فائيل اپلوڊ ٿيڻ شروع ٿي ويندو ۽ سائيز توهان جي نيٽ جي رفتار جي حساب سان وقت وٺندي اپلوڊ مڪمل ڪندو ۽ توهان کي لنڪ ڏيندو۔۔۔ هاڻي ان لنڪ کي سليڪٽ ڪري ڪاپي ڪريو ۽ لنڪ فورم تي موڪلي ڏيو۔۔۔ جهڙوڪ هي لنڪ موجود آهي۔۔۔۔ http://www.megaupload.com/?d=QRH49MC6 جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان ميگا اپلوڊ سائيٽ تي ويندا جتي ڪجهه سيڪنڊن جي انتظار کان پوءِ... ريگيولر لنڪ ظاهر ٿيندو ۽ فائيل ڊائونلوڊ جي لائق ٿي ويندو...
جواب: سنڌ سلامت فائيل اپلوڊر ادا سافٽ ويئر ته اوهان کي فور شيئرڊ يا وري فائيلڊن جهڙي ڪنهن ڊيٽا اپلوڊنگ سائيٽ تي سيو ڪرڻو پوندو ۽ انهي جي لنڪ هتي پيسٽ ڪبي۔ گرين ايڊيٽر بڪس جنهن ۾ نئون موضوع موڪلبو آهي انهي جي مٿين لائين ۾ ساڄي پاسي کان 12 نمبر تي موجود آپشن انسرٽ لنڪ جو آهي۔ پر جيڪڏنهن اوهان انهي سافٽ ويئر جو نالو ڏيئي ۽ انهي کي هائيپرلنڪ بڻائڻ چاهيو ٿا (مطلب ته ڪو انهي تي ڪلڪ ڪري ۽ ڊائريڪٽ انهي سافٽويئر تي پهچي) ته پوءِ اوهان سافٽويئر جو نالو لکي انهي کي سليڪٽ ڪري انهي کان پوءِ انسرٽ لنڪ تي ڪلڪ ڪري لنڪ پيسٽ ڪريو۔ هيٺ اسڪرين شاٽس به ڏيان ٿو۔ ..................................... ادا بس مٿي ڏنل سائين رشيد واري سمجهاڻي ته انت آهي۔ شايد سائين ۽ مون هڪ ئي وقت جواب پئي ڏنو۔ اميد ته اوهان جو ڪم ٿي ويو۔