• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم ڏاڏل شينو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پارن پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم ڏاڏل شينو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔ ڏاڏل شينو هڪ نفيس انسان ۽ حساس دل رکندڙ ماڻهو آهي۔ ڏاڏل يارن سان هلي وڃي ملاقاتون ڪندو آهي۔ سڀني کي سٺيون ۽ سهڻيون صلاحون ڏيڻ سان گڏ سماجي سرگرمين به اڳڀرو رهندو آهي۔

سنڌ سلامت تي ڏاڏل جي شاعري هجي يا ڏاڏل جا ڪالم انهن ۾ سالڪن جا سليل درس ۽ چڱايون واضح طور نظر اينديون آهن۔ دعا آهي ته اسان جو هي دوست سدائين خوش هجي ۽ سنڌ سلامت تي پنهنجي لکڻين ذريعي اسان سان ڄاڻ ونڊ ڪندو رهي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم ڏاڏل شينو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

محترم ڏاڏل شينو صاحب جن کي اسان پاران به 1000 تحريرون مُڪمل ڪرڻ جي وڌايون۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم ڏاڏل شينو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادي ڏاڏل شيني کي منهنجي طرفان مبارڪباد
 
سائين ڏاڏل شينا صاحب فقير پاران به دل جي گهرائين سان واڌايون قبول ڪجو

الله تعالي توهان کي خوش و خرم رکي پنهنجي پيارن سان

آمين

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم ڏاڏل شينو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

سائين سليمان وساڻ صاحب جي مهرباني جن اسان کي ياد رکيو ۽ مان ڏنو۔

يقنن انهن سڀني ڪوششن پٌٺيان اوهان سڀني دوستن جي محبت آهي ۔اوهان سڀني دوستن جي مهرباني جن همت افزائي ڪئي ۔

وسلام
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم ڏاڏل شينو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ڏاڏل شينو دوستن جو دوست همدرد، سنڌ ء سنڌيت سان پيار ڪندڙ، سنڌ جي خدمت لاء دل ۾ کيس تمام گهڻو جذبو آهي ۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت تي پنهنجي وس آهر لاجواب ونڊ ڪندو رهندو آهي سندس ڪالم به سبق آموز هوندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔الله تعالي هن کي وڏي ڄمار ڏئي آمين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

محترم ڏاڏل شينو صاحب جن کي منهنجي پاران به 1000 تحريرون مُڪمل ڪرڻ تي وڌايون۔
2zio8xz.jpg
[/center][/img]
 
ادا ڏاڏال مون مسڪين پاران به مبارڪون

شاباس آهي اوهان سڄڻن کي جيڪي پيا لکو ۔۔۔ اسان جو حال ناهي ادا
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم ڏاڏل شينو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ڏاڏل شينو دوستن جو دوست همدرد، سنڌ ء سنڌيت سان پيار ڪندڙ، سنڌ جي خدمت لاء دل ۾ کيس تمام گهڻو جذبو آهي ۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت تي پنهنجي وس آهر لاجواب ونڊ ڪندو رهندو آهي سندس ڪالم به سبق آموز هوندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔الله تعالي هن کي وڏي ڄمار ڏئي آمين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

محترم ڏاڏل شينو صاحب جن کي منهنجي پاران به 1000 تحريرون مُڪمل ڪرڻ تي وڌايون۔
2zio8xz.jpg
[/center][/img]

ادا پريا مڙس ڪروڙين قرب اوهان جا جو اوهان ايترا گل موڪليا ۽ باقي تمام دوستن طرفان همت افزائي جي مهرباني ۔
وسلام
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم ڏاڏل شينو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا ڏاڏل مون پاران به اوهان کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون قبول پون ۔ يقينن اوهان هڪ حساس دل رکندڙ شخصيت جا مالڪ آهيو ۔ اوهان کي شاعري جو جيڪو ذوق قدرت طرفان مليل آهي سا وڏي نعمت آهي ، ۽ هن نعمت کي ماشاءالله احسن نموني استعمال پڻ ڪندا رهندا آهيو ۔ دعا آهي ته الله تعالى اوهان جي قلم کي مزيد قوت عطا فرمائي ۽ حق سچ لکڻ ۽ ڦهيلائڻ جو ذريعو بڻائي ،(آمين) ۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم ڏاڏل شينو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

محترم ڏاڏل شينو صاحب جن کي اسان پاران به 1000 تحريرون مُڪمل ڪرڻ تي کوڙ ساريون واڌايون قبول هجن مولا آباد ر کيو بابا بس ٿورو فيس بڪ به استعمال ڪرڻ سکو ان کي به ٽايم ڏيو ۔۔ بابا ۔۔اتي به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ۽ دنيا جي معلومات پئي آهي بابا اتان به پرائڻ لاء انسان کي گهڻو ڪجه ملي ٿو پر پهريان استعمال ڪرڻ سکو ابا پوء استعمال ڪجو مولا آباد رکيو جاني
 
سائين اسان ته اوهان کي منٿون ڪري ٿڪجي پيا آهيون ليڪن اوهان آهيو جو لفٽ ئي نه پيا ڪرايواسان ڪاڏي وڃون جي عنايت ڪريو ته اوهان جا لک لائق ٿيندا۔
وسلام
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم ڏاڏل شينو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادي ڏاڏل شيني کي منهنجي طرفان مبارڪباد
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم ڏاڏل شينو کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

سائين جن کي اسان جي طرفان به لک لک مبارڪون ۔
 
Back
Top