لبيا ۽ قذافي تاريخ جي آئيني ۾ [JUSTIFY]پاڪستان جي عوام ڪرنل قذافيءَ جو نالو ذوالفقار علي ڀُٽي سان گڏ ٻڌو. لبيا جي سربراهه معمر قذافيءَ جڏهن چيو ته اولهه جي دوستن ساڻس ڌوڪو ڪيو آهي ۽ نيٽو جا حملا ڪرائڻ ٿا چاهن تڏهن هڪ سنڌي صحافيءَ بي ساخته چيو ته قذافي حڪومت ۾ هوندي به مري ويو پر ڀٽو ڦاهي کائي به جيئرو آهي. قذافي دنيا جي سورمن مان ليکيو ويندو هو. جڏهن هو اسلامي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد آيو. پاڪستان جي عوام قذافيءَ کي ڀٽي سان گڏ سڃاڻن ۽ ڪرنل معمر، مصر جي صدر جمال عبدالناصر کان متاثر هو، هن پنهنجي حڪومت کي به جمال ناصر جي حڪومت جي نموني تي بيهاريو هو. اها ڪا ڏند ڪٿا ناهي ته جمال ناصر وقت جي سورمن جو به سورمو هو. جمال ناصر جي پوئلڳيءَ جي ڪري قذافي کي بغاوت سان به منهن ڏيڻو پيو. جنهن کي هن مصر انٽيليجنس جي مدد سان ناڪام بنايو. اقتدار هٿ ڪرڻ جي مهڙين ئي سالن ۾ قذافيءَ پاڻ کي هڪ پاڻمرادو ”جلاوطنيءَ“ جي حوالي ڪري ڇڏيو. 1972 ۾ ميجر جلود سندس جاءِ تي وزيراعظم ٿيو ۽ هڪ ٻئي پٺيان انتظامي ڪم ميجر حوالي ٿيندا ويا. سرد جنگ واري دؤر جو هيرو مڪمل طور ان ڪم سان لڳي ويو جنهن کي هو تصوراتي جلاوطني چوندو هو. هن جي دعويٰ هئي ته هن پاڻ کي رجعت پسندن، سامراج ۽ صيهونيت وارين شيطاني قوتن خلاف جهاد لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. بادشاهه عبدالله جي دؤر کان لبيا مڪمل طور سامراج جو حامي ۽ ڪمدار بڻيل هو. 1967 جي نار واري جنگ ۾ اسرائيل هٿان عرب ملڪن جي شڪست کان پوءِ قذافي آزاد آفيسرن جي تحريڪ سان سلهاڙجي ويو آهي. اهي لبيائي فوج جا اهڙا جونيئر آفيسر هئا جن ۾ انهيءَ جنگ ۾ شڪست خلاف ڏک ۽ ڪاوڙ ڀريل هئي. پوءِ قذافيءَ سندن اڳواڻي ڪندي بادشاهه ادريس جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو. ان ۾ کين ڪنهن وڏي مزاحمت جو منهن ڏسڻو نه پيو ۽ ڪا رتو ڇاڻ نه ٿي، ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته بادشاهه علاج لاءِ ترڪيءَ ويل هو. قذافيءَ ترت ئي اٽليءَ جي اڳوڻين نو آبادياتي جائدادن کي قومي قبضي ۾ وٺڻ شروع ڪيو، جڏهن ته هن 1971 ۾ برطانيا جي تيل پيدا ڪندڙ ڪمپني برٽش پيٽروليم کي به قومي تحويل ۾ ورتو. ان ڪري سامراجي سندس پويان پئجي ويا. برطانيا جي دشمنيءَ کيس مجبور ڪري ڇڏيو ته هو سوويت يونين کان معاشي مدد گهري. سوويت يونين لبيا سان 1971ع ۾ هڪ معاهدو ڪيو ته هو لبيا جي تيل جي صنعت کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. پر ان دؤر ۾ ئي قذافيءَ ڪميونزم خلاف پنهنجو روپ ظاهر ڪيو. مثال طور 1971ع ۾ سوڊان جي ڪميونسٽن سان ڀريل هڪ جهاز سوڊان موڪلي ڇڏيائين جنهن کي تنهن وقت جي صدر جعفرالنميريءَ قتل ڪري ڇڏيو. قذافيءَ سامراجي مفادن کي ضرور ڌڪ هنيو پر هو سرمائيداريءَ خلاف نه هو. 1974ع ۾ حالتن ڪجهه اهڙو ڦيرو کاڌو جو کيس پراڻيون پاليسيون بدلائڻيون پيون ۽ قومي ڪمپنين جي معيشت اپنايائين. خانگي شعبي جي هڪ حصي ٻين لفظن ۾ سرمائيدارن کي اها ڳالهه نه وڻي، ان ڪاوڙ کي محسوس ڪندي، پهرين بغاوت وقت قذافيءَ جو ساٿ ڏيندڙ آفيسرن مان چند آفيسرن 1975ع ۾ سندس تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي، اهي ئي آفيسر هاڻوڪي قذافي مخالف تحريڪ ۾ شامل آهن، انهن مان عمر المختار الحريري کي باغي حڪومت ۾ فوجي معاملن جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. قومي ڪمپنين واري پاليسيءَ جو منطقي نتيجو هيو جو قذافيءَ کي سوويت يونين ڏانهن وڌيڪ جُهڪڻو پيو. 1979ع تائين هن سموري خانگي شعبي کي قومي ملڪيت بنائي ڇڏيو. پنهنجي انهن اپائن کي نظرياتي يا فڪري روپ ڏيڻ لاءِ هن ”سبز ڪتاب“ لکيو. 1977ع ۾ هن پنهنجي ملڪ جو نالو عظيم سوشلسٽ پيپلز ليبين عرب جمهوريه رکيو. هن ماڻهن کي ٻڌايو ته جمهوريه جو مطلب آهي عوام جي رياست. پنهنجي ڪتاب ۾ هن سوشلزم جو پنهنجو ئي تصور ۾ آندل ماڊل متعارف ڪرايو. هن پورهيتن جي يونين تي پابندي وجهي سرڪاري ڊمي يونين کي ڏيکاءَ لاءِ قائم ڪرايو، ان هوندي به کاٻي ڌر جي اڪثريت سندس سوشلسٽ روپ جي ساراهه ۾ ڪنڌ لوڏيندي رهي. هيءَ مڃڻ جي ڳالهه آهي ته انهيءَ آمريت باوجود تيل جي وڏن ذخيرن ۽ هڪ وڏي سرڪاري شعبي جي صنعتن ۽ ادارن جي مهربانيءَ سان لبيا هڪ فلاحي يا عام ڀلائي واري رياست بڻيو. ان طرح قذافي، انهن حالتن ۾ پنهنجي ملڪ ۾ هڪ وسيع عوامي بنياد قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان عوامي حمايت جو اظهار اسان اڄ به طرابلس سميت ڪيترن ئي ٻين علائقن ۾ ٿيندي ڏسون ٿا. لبيا جا ماڻهو خاص طور پراڻي نسل وارا هيءَ ڳالهه ڀليءَ ڀِت ڄاڻن ٿا ته بادساهه ادريس جو دؤر ڪهڙي قسم جو هيو ۽ قذافي دؤر ۾ ڇا ڇا ٿيو، لبيا واسي ان جو ڦل کائن ٿا. 1974ع کان پوءِ جڏهن عوام کي سموريون سهولتون مهيا ڪرڻ رياستجي ذميواري قرار ڏنو ويو ته ماڻهن کي فائدا ملڻ شروع ٿي ويا. جنهن ڪري قذافي لبيائي عوام جو هيرو ٿي ويو. پر پوءِ عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلين کي به پنهنجي پڪڙ ۾ آندو. انهن تبديلين ۾ هڪ وڏو عنصر سوويت يونين ۽ اوڀر يورپي رياستن جو ڊهڻ هو جتي سوشلسٽ نظام بدران خانگي شعبي جو راڄ قائم ٿيو. ان قسم جون تبديليون ايتري حد تائين تيز طوفاني هيون جو چين ۾ به سرمائيداريءَ کُپ کوڙي ورتو. سو اهو ڪيئن ممڪن هو ته انهن جا اثر لبيا جهڙي ننڍڙي ملڪ تي نه پون ها. 1993ع ۾ لبيا ۾ هڪ اهڙو عمل شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ اسين ڏسون ٿا ته معيشت کي خانگي شعبي جي طرف گهليو پئي ويو. ان عمل کي ”انفتاح“ جو نالو ڏنو ويو. ان سال حڪمنامي نمبر 491 تحت هول سيل واپار کي نجي شعبي جي هٿن ۾ ڏنو ويو. ايندر سال پرڏيهي واپار ۽ سيڙپڪاري کي قانوني اجازت ۽ حق ڏنا ويا، تنهن کان سواءِ لبيائي سِڪي دينار کي مٽاسٽا جوڳو به قرار ڏنو ويو. هيءَ به حقيقت آهي ته ارادي باوجود لبيائي معيشت کي مڪمل طور نجڪاري ۾ ڏيڻ جو عمل گهڻو سست رهيو. سرڪاري معيشت ۾ هڪ طرف پورهيتن نجڪاريءَ جي مخالفت ڪئي ته ٻئي طرف سينيئر مينيجرن ۽ وچولي طبقي سميت آفيسر شاهي کي وڏا فائدا مليا هئا، اهي ڪنهن به صورت ۾ نه چاهيندا هئا ته نجڪاري ۽ لبرلائيزيشن جو عمل ڪامياب ٿيڻ ڏنو وڃي. اهي سڀ ملي اسٽيٽس ڪو قائم رکڻ چاهيندا هئا. هڪ اهو به سبب هو جو قذافي کي سرڪاري شعبي جي جٽاداريءَ جي علامت سمجهي حڪمران جي حيثيت ۾ برقرار رکڻ جي حمايت ڪئي ويئي ۽ هو 42 سالن جو وڏو عرصو اقتدار ۾ رهي سگهيو. سوويت يونين جي موجودگي ۾ لبيا جنهن قسم جي خاص اهميت ماڻي ورتي هئي. ان ڪارڻ سامراج هتان جي حڪومت کي بدمعاش قرار ڏيڻ لڳو. ايران ۾ خميني حڪومت ۽ سربيا ۾ ميلازووچ حڪومت به ساڳيءَ ريت سامراج پاران اڻ وڻندڙ قرار ڏجي چڪيون آهن. 1986ع ۾ آمريڪي صدر رونالڊ ريگن لبيا تي هڪ هوائي حملي جو حڪم ڏنو جنهن جو واضح مقصد قذافي کي ختم ڪرڻ هو، حملي ۾ قذافي ته بچي ويو پر 69 ماڻهو مارجي ويا. 1988 ۾ اسڪاٽ لينڊ ۾ پان ايم جي فلائيٽ 103 تي بمباري جي واقعي کان پوءِ لبيا تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون. انهن واقعن سان گڏ ئي 1990ع جي ڏهاڪي ۽ 2000 ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ملڪي معيشت کي متاثر ڪرڻ شروع ڪيو. پوءِ 2003ع ۾ عراق تي سامراجي بربريت ۽ صدام جي انجام سامراج دشمنيءَ جي علمبردارن ۽ عوديدارن کي پنهنجي پنهنجي لاڙي تي نئين سر ويچار ڪرڻ تي مجبور ڪيو. عراق ۾ وسيع پئماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي موجودگي جو الزام هو، ساڳيو الزام لبيا تي به لڳايو پئي ويو. جيئن ته قذافي، اڳيئين ايندڙ تبديلين لاءِ پنهنجو ذهن ٺاهي چڪو هو تنهن ڪري هن انهيءَ لاڙي تحت اڳڀرائي ۾ دير نه ڪئي. 2003ع ۾ شڪري غانم کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو جنهن کي آزاد منڊيءَ (يا لبرلائيزيشن) جو حامي ۽ علمبردار سمجهيو ويندو هو. ان جو مقصد نجڪاري ڪرڻ هو. سو ان ئي سال هڪ حڪمنامي هيٺ 360 رياستي ادارن کي جنوري 2004ع کان ڊسمبر 2008ع وچ ۾ خانگي بنائڻ جو فيصلو (اعلان ڪيو ويو، جنهن بعد 2004 جي آخر تائين 41 ادارا ڀڳڙن مُٺ تي وڪرو ڪيا ويا. ان ئي منصوبي مطابق 2007ع ۾ سرڪاري شعبي جي 4 لک ملازمن کي روزگار کان محروم ڪيو ويو. اهو ڪل ملازمن جو هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو هيو. اهو ئي اهڙو نُڪتو هو جتي لبيائي عوام کي محسوس ٿيو ته سندن هيرو زيرو ٿيڻ واري کڏ ۾ ڪري پيو آهي. ڏيهي محاذ تي سرمائيدارن ۽ پرڏيهي پاليسين ۾ سامراج دوستيءَ ڏانهن موٽي اچڻ کان پوءِ عوام منجهانئس اميدون ختم ڪري ڇڏيون، جنهن بعد مخالفت وڌڻ لڳي ۽ وچولي طبقي اندر موجود مهم پسندن قذافيءَ خلاف مهم شروع ڪئي ۽ انهن مان ڪن لبين اسلامڪ فائٽنگ گروپ قائم ڪري هڪ طرح جي باغي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي جن کي ان کان پوءِ عالمي سامراج جي حمايت حاصل ٿي وئي. 2003ع ۾ صدام جي انجام کان 6 ڏينهن پوءِ لبيا وسيع پئماني تي تباهي پکيڙي سگهندڙ هٿيارن جي پروگرام کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ۽ بين الاقوامي جاچ ڪندڙ اداري کي لبيا ۾ اچي جاچ ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان بعد مٿس گڏيل قومن جون لڳل پابنديون هٽائڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ اولهه جي ملڪن سان ان جا سفارتي لاڳاپا ٺهيا. 2004ع ۾ برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر دوري تي آيو، هن شيل ڪمپني لاءِ مراعتون حاصل ڪيون، جڏهن ته 2008ع ۾ اٽليءَ سان لبيا جو معاهدو ٿيو. ماضي ۾ لبيا تي اڳرائي جي معاوضي طور اٽليءَ 5 ارب ڊالر ڏنا ۽ موٽ ۾ لبيا واعدو ڪيو ته هو افريڪا مان اٽليءَ ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندڙن کي روڪيندو. ساڳي سال آمريڪي پرڏيهي وزير ڪونڊوليزا رائيس لبيا جو دؤرو ڪيو ۽ لبيا جي پاليسين توڙي قذافيءَ جي ساراهه ڪئي. چون ٿا ته هن قذافيءَ سان رات جي ماني کائڻ سان گڏ وڌيڪ وقت گڏ گذاريو هو. تازو هي به انڪشاف ٿيو آهي ته قذافي، ڪونڊوليزا تي عاشق ٿي پيو هو ۽ سندس هڪ ڪمري مان ليزاءَ جي چونڊ تصويرن جا البم نڪتا آهن. عورتن جي حوالي سان قذافيءَ لاءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور آهن. جڏهن قذافيءَ جا لاڳاپا اولهه جي ملڪن سان سٺا ٿيا تڏهن به هو پرڏيهي دؤرن تي گهٽ ويندو هو پر ڪنهن ڀيري هڪ اولهه جي ملڪ جي دوري دوران هو رهائش لاءِ پريشان ٿي پيو. سندس ميزبانن کيس ٻين دوري تي آيل حڪمرانن سان گڏ رهائڻ بدران بنهه الڳ هوٽل جو بندوبست ڪيو پر هن هوٽل ۾ رهڻ کان به نابري واري ڇڏي. پوءِ هن پنهنجي مرضيءَ سان هڪ نهايت ويڪرو هال خريد ڪيو ۽ ان جي اندر هڪ خيمو ٺهرائي ان جي اندر ترسيو. مشهور اهو آهي ته قذافيءَ کي عورتون وهنجارينديون هيون ۽ هو ان مشق جو ايترو عادي هو جو ان بنا پاڻ کي بيمار محسوس ڪندو هو. قذافيءَ جو هي به هڪ نظريو آهي ته عورتون وفاداريءَ ۾ مردن کان سرس آهن ۽ مرد جلد بي وفا ٿيو وڃن. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت به جڏهن قذافي ان طرح گم ٿي ويو آهي جيئن صدام پڪڙجڻ کان اڳ گم ٿي ويو هو تڏهن به 40 محافظ عورتون ساڻس گڏ گم ٿيل آهن. قذافيءَ جي ان نظرئي جو سبب سرڪاري حلقا هي ٻڌائيندا هئا ته هڪ حملي ۾ هڪ عورت ڍال بنجي گولي کائي قذافيءَ کي بچايو هو. قذافيءَ ”دهشتگرديءَ خلاف جنگ“ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو، ان طرح لبيائي عوام ۾ پنهنجي ساک وڃائي ڇڏي. ان هوندي ٿيو اهو ته آمريڪا ۽ يورپ سندس خلاف مهم هلائي نه رڳو لبيا جي باغين جي حمايت ۽ وڏي پئماني تي مدد ڪندي هٿيار پنهوار ڏنا پر نيٽو جا حملا به ڪرايا. چون ٿا ته انهن ۾ 2 هزار لبيائي مارجي چڪا آهن. بي بي سي تي هڪ ڳالهه ٻولهه ۾ قذافيءَ چيو هو ته اولهه وارن سندن پٺيءَ ۾ ڇُرو هنيو آهي. فيبروري 2011ع ۾ عرب ملڪن ۾ انقلاب بهار واري اڀار کان متاثر ٿي باغين حڪومت خلاف پنهنجي زورائتيءَ مهم شروع ڪئي، کين ترت ئي اولهه جي حمايت حاصل ٿي وئي. بلڪ اولهه جي حڪمرانن نيٽو ذريعي لبيا تي حملا ڪرايا. باغين پنهنجي اڻ سڌي حڪومت نيشنل ٽرانزيشنل ڪائونسل (اين ٽي سي) قائم ڪئي آهي. جنهن کي عرب ليگ حمايت ڏني آهي پر ان کي گڏيل قومن اڃا مڃتا نه ڏني آهي ۽ آمريڪي صدر اوباما پڻ چيو آهي ته قذافيءَ جو قصو اڃا ختم نه ٿيو آهي ۽ لڙائي جاري آهي. پروفائيل معمر محمد القذافي جون 1942ع ۾ ڄائو سندس پالنا سرت نالي علائقي ۾ بدوئن جي ٻار جي حيثيت ۾ هڪ تنبوءَ ۾ ٿي. قذافا سندس قبيلي جو نالو آهي جيڪو بربرن جو عرب بڻجي ويل هڪ حصو آهي. سندس ابا ڏاڏا ڌنار ٻڪرار هئا. جيڪي ريگستان وچ ۾ هن نالي هڪ خيابان يعني ننڍڙي سرسبز علائقي ۾ رهندا هئا. قذافي جي چوڻ موجب سندس ڏاڏي عبدالسلام بومنيار اطالوي راڄ خلاف جدوجهد ڪندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو هو. قذافيءَ مصراتا ۾ سيڪنڊري اسڪول پاس ڪيو هو. 1951ع ۾ هُو بن غازيءَ جي فوجي اڪيڊمي ۾ داخل ٿيو ۽ 1966ع ۾ گريجوئيٽ ٿيو. ان دوران ئي هو بادشاهيءَ خلاف فوجين جي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو هو، جنهن انقلابي ڪمانڊ ڪائونسل (ريووليوشنري ڪمانڊ ڪائونسل يا آر سي سي ٺاهي، جنهن جي اڳواڻي ڪندي قذافي، پهرين سيپٽمبر 1969 تي بادشاهه ادريس جو تختو اونڌو ڪيو، جڏهن ته ان مهم ۾ ڪا رتوڇاڻ نه ٿي. ان مهم جو نعرو هو: آزادي، سوشلزم ۽ اتحاد. قذافي جي لبيا کان پوءِ تيل جي دنيا جو بادشاهه! تيل وڪرو ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ چيو آهي ته وينز ويلا وٽ سعودي عرب کان به وڌيڪ تيل جا ذخيرا موجود آهن جتي تيل جي پيدوار سرڪاري ڪمپني پي ڊي وي ايس اي جي ڪنٽرول ۾ آهي. هن ڪمپنيءَ کي دنيا جي چوٿون نمبر وڏي تيل ڪمپني سڏيو وڃي ٿو. وٽس تيل جي ذخيرن، پيداوار، صاف ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو وڏو حصو موجود آهي. وينزويلا پنهنجا ناڻي وارا ذخيرا سون ۾ تبديل ڪيا آهن. جن مان 11 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جا ذخيره يورپ ۽ آمريڪا کان چين، روس ۽ برازيل جهڙن ملڪن ڏانهن منتقل ڪيا آهن. 7 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جو سون ملڪي سينٽرل بئنڪ وٽ آهي. قذافيءَ جي ”پياري“ يوڪرينين نرس قذافي جي سڀ کان اهم ۽ ويجهي محافظ ۽ نرس يوڪرين جي هلينا ڪولونيسڪا هئي جيڪا فيبروري 2011ع کان قذافي کي ڇڏي چڪي آهي. هوءَ 1972ع ۾ برووري يوڪرين ۾ پيدا ٿي ۽ ڪيو جي نرسنگ ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين. سندس مڙس. 1992ع ۾ فوت ٿيو، هوءَ بهترين بورچياڻي به آهي. 2001ع ۾ هوءَ لبيا منتقل ٿي ۽ پهرين اسپتال ۾ ڪم ڪيائين ۽ پوءِ قذافي جي قافلي ۾ شامل ٿي. سٺين پگهارن سبب لبيا يوڪرين ۾ مشهور هو. 2011ع تائين 500 يوڪريني ڊاڪٽر لبيا ۾ هئا. قذافي 4 نرسون يوڪرين مان ڀرتي ڪيون. گذريل سال وڪي ليڪس ۾ جاري ٿيل ڪيبلز موجب ڪولونيسڪا قذافي کي تمام ويجهي هئي ۽ هن کان سواءِ قذافي ڪيڏانهن به سفر نه ڪندو هو. ڪيبلز موجب ڪولونيسڪا کي قذافي خاص جهاز يا ٻيڙي اماڻي پرتگال گهرايو ته جيئن هو پورچوگيز قيادت سان ملاقات ڪر سگهي. ڪولونيسڪا اڪيلي هئي جنهن کي قذافي جي سڄي شڊول جي خبر هوندي هئي. قذافي مٿس بي انتها اعتماد ڪندو هو ۽ هن جو ساڻس تمام ”گهرو واسطو“ آهي. ٻئي هڪ ٻئي سان رومانس به ڪندا هئا. ڪولونيسڪا جي ڌيءُ تاتيانه ۽ ماءُ اريانا ان ڳالهه جي ترديد ڪئي هئي ته هوءَ قذافيءَ جي گهر واري آهي. فيبروري ۾ لبيا ڇڏڻ کان پوءِ پهرين هوءَ يوڪرين وئي ۽ پوءِ ناروي ۾ سياسي پناهه جي درخواست ڏني جيڪا رد ڪئي وئي. قذافيءَ جون محافظ عورتون لبيا جي سربراهه معمر ابو منيار القذافي جي حفاظت لاءِ عورت محافظن جو جٿو مقرر آهي جنهن کي اولهه جا صحافي اميزونين گارڊ يا دي اميزون سڏين ٿا جڏهن ته سندن سرڪاري نالو الراهبات الثوريات يا انقلابي ننز آهي غير سرڪاري طور کين گرين ننز به سڏيو وڃي ٿو. سندس ذميواري معمو قذافي جي حفاظت ڪرڻ آهي. اهو جٿو 80ع جي ڏهاڪي ۾ قذافي طرفان لبيا جي مملڪتي سربراهي تان استعيفيٰ کان پوءِ جوڙيو ويو هو. استعيفيٰ کان پوءِ قذافي قائد ڀاءُ ۽ سوشلسٽ عوامي لبين عرب جمهوريه جي پهرئين سيپٽمبر جي عظيم انقلاب جو اڳواڻ سڏائيندو آهي. عورتن کي محافظ مقرر ڪرڻ واري قدم سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو ڇو ته 70ع واري ڏهاڪي ۾ هن عورتن لاءِ رڳو گهر ۽ ٻار سنڀالڻ جو ڪم تجويز ڪيو هو. اطلاع آهن ته قذافي عورتن کي محافظ ان لاءِ بڻايو جو سندس خيال هو ته ڪوبه عرب حملو ڪندڙ عورتن تي گولي نه هلائيندو. پر اهو به چيو ويو ته هن پاڻ پڏائڻ لاءِ عورتن کي محافظ بڻايو ۽ اهو به ته هو انهن عورتن جو ديوانو آهي ۽ پنهنجي چوڌاري عورتون ڏسڻ جو خواهشمند آهي. محافظ عورتن جي چونڊ قذافي پاڻ ڪندو آهي ۽ ان لاءِ عورت جو ڪنوارو هجڻ لازمي شرط هوندو آهي. چونڊ بعد کين هٿيار هلائڻ ۽ مارشل آرٽ جي سخت سکيا ڏني ويندي آهي. کين اولهه جا ڪپڙا پائڻ ۽ ميڪ اپ ڪرڻ جي ”رعايت“ حاصل هوندي آهي. هو اولهه جي عورتن جهڙا وار رکي ۽ وڏي کڙي وارا جوتا به پائي سگهن ٿيون. محافظ عورتن جو انگ 30 هوندو آهي. سکيا پوري ڪرڻ تي کين قذافي سان وفاداري جو حلف به کڻڻو پوندو آهي. هو فوجي وردي به پهرينديون آهن. خاڪي ڪپڙن تي ڳاڙهي گول ٽوپي پائينديون آهن. ڊيوٽي تي به ميڪ اپ ۾ هجن ٿيون، ننهن تي پالش هڻن ٿيون ۽ زيور به پائين ٿيون. اهي به افواهه آهن ته قذافي ساڻن جنسي ناتا به قائم ڪندو آهي پر ٻيا افواهه اهي به آهن ته هنن لاءِ سڄي نوڪري دوران پاڪدامن رهڻ ضروري آهي. قذافي جو چوڻ آهي ته عورتن کي محافظ بڻائڻ جو مقدمو عورتن کي اختيار ڏيڻ آهي عورتن کي ويڙهه جي سکيا ملڻ کپي ان سان هو محفوظ رهنديون. منهنجي ماءُ تير انداز هئي. جون 1998ع ۾ لبيا ۾ قذافي تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ محافط عورت هن مٿان ڪري کيس بچايو. اها محافط عائشه مارجي وئي ۽ 7 زخمي ٿيون. [/JUSTIFY] عوامي آواز ميگزين جي رپورٽ
جواب: لبيا ۽ قذافي تاريخ جي آئيني ۾ دشمن سان ياري جي بدلي جو جواب اهو ئي اچڻو آهي سائين وساڻ صاحب ۔ هنن ڊالرن بدلي پنهنجي وقار کي وڪيو ريڪينسليشن جو نعرو اڄ جيڪو زرداري پيو هڻي اهو سڀ کان پهريان قذافي هنيو هو آمريڪا جي دوستي لاءِ ۔ جڏهن دشمن کي دوست بڻائي بگل ۾ ويهاريو ويندو ته نتيجو ڇا نڪرندو۔ اسلامي ملڪن ۾ جيترا به ليڊر آمريڪا جي خلاف رهيا ته اهي ان قوم جا هيرو ليکبا رهيا پر جڏهن انهن ئي ماڻهن آمريڪا سان دوستي ڪئي ته ان مفاد پرست پنهنجو ڪم ڪدي انهن جو اهو حال ڪيو ۔ قذافي حڪومت ۾ رهندي به مئو ان جي لاءِ جو هن آمريڪا کي دوست بڻايو ۽ ڀٽو مري ڪري به زنده ان الءِ رهيو جو هو مرندي گهڙي به آمريڪا جو دشمن رهيو۔ وسلام
جواب: لبيا ۽ قذافي تاريخ جي آئيني ۾ ڏاڏل سائين مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔ سوال اهو به ٿي ٿو ته ڇا عرب ملڪن ۾ اٿندڙ حاليه تحريڪ جا ڪي نتيجا سامهون آيا آهن ؟؟؟ جواب ناڪار ۾ ملي ٿو۔ مصر جي انقلاب کانپوء اتي ڪابه مثبت تبديلي ناهي آئي۔ فوج اڻ سڌيء طرح اقتدار تي قابض آهي ۔۔۔۔۔ ۽ آمريڪا جي ياري جي عيوض آمريڪا پاران موت ؟؟؟؟ اها ڳالهه سمجهه کان بالاتر آهي۔ اهڙن حالاتن کي هڪ ڏينهن رخ ڦيرائي سعدي ۽ ايران طرف به موڙي سگهن ٿا ۔۔۔۔۔ تنهنڪري عرب ملڪن کي آمريڪا جي ان عمل جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ها پر افسوس جو مسلمان ملڪ هميشهه پنهنجن جا مخالف رهيا آهن۔