• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل۔۔۔ صغير جتوئي

جتوئي صغير

سينيئر رڪن


رئندي رات ڪٽي هوندئي
لکندي بات لکي هوندئي

عڪس منهنجو آئيني تي
ڏسندي ڏات ڏکي هوندئي

ماڻهن کان مينهوڳي ۾
پڇندي واٽ تڪي هوندئي

ان باڪس کولي اي ميلون
پڙهندي تات تپي هوندئي

ها! ”صغير“ جي تصويرن کي
چمندي باک ڦٽي هوندئي

2wezybp.jpg
[/color][/size]​
 
جواب: غزل۔۔۔ صغير جتوئي

رئندي رات ڪٽي هوندئي
لکندي بات لکي هوندئي

عڪس منهنجو آئيني تي
ڏسندي ڏات ڏکي هوندئي


محترم دوست صغير جتوئي صاحب مهرباني اوهان پنهنجي شاعري سنڌ سلامت تي ونڊ ڪئي۔

تمام سهڻي شاعري، بهترين احساس ۔۔۔۔۔۔ مجازي عشق سان ٽمٽار سٽون جنهن ۾ يادين جي ڳالهه آهي۔
 
جواب: غزل۔۔۔ صغير جتوئي

عڪس منهنجو آئيني تي
ڏسندي ڏات ڏکي هوندئي
تما خوبصورت خيال ادا صغير جا
 
جواب: غزل۔۔۔ صغير جتوئي

واه ادا واه
اجاڳا ۽ ڳوڙها۔۔۔۔۔۔
هر پل سانت ۾
تمام بهترين ونڊ۔۔۔۔۔
 
Back
Top