هر پل آهيان ٻُڏتر ۾

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل

هرپل آهيان ٻُڏتر ۾
گهاءُ ڏئي وئين اندر ۾

توبن جيون گذري ٿو
تنهائيءَ جي ساگر ۾

تنهنجي خوشبو مهڪي ٿي
اڄ ڀي منهنجي آڳر ۾

منهنجي ذات الائي ڇو
قسمت جي آ ٺوڪر ۾

ڌاريا ڪڍجن ڊوڙائي
يار وجهون هٿ پادر ۾

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
جواب: هر پل آهيان ٻُڏتر ۾

ڌاريا ڪڍجن ڊوڙائي
يار وجهون هٿ پادر ۾


مهرباني جاويد نواز اوهان پنهنجي شاعري ونڊ ڪئي۔

اوهان جون مٿيون سٽون سموري سنڌ جون ترجمان آهن۔ ڪاش ڪو ڏينهن اچي جنهن م اسان ڪامياب وڃون۔
 
Back
Top