اڃان ڪي آهن منصور زماني ۾ - ذوالفقار مرزا جو ڪڙو سچ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    اڃان ڪي آهن منصور زماني ۾ - ذوالفقار مرزا جو ڪڙو سچ
    محمد سليمان وساڻ​


    [JUSTIFY]
    پريس ڪانفرنس لاء وڃڻ وقت ڪنهن کي به اها توقع ڪانه هئي ته اڄ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ايڏو وڏو ۽ ايترو گهڻو سچ ڳالهائي ويندو. هي اهو ملڪ آهي جتي ميڊيا سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪندي. هي اهو ملڪ آهي جتان جا ڪيترائي صحافي ايجنسين جا پگهاردار هجڻ سان گڏ انهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪندا آهن. اهڙن صحافين جي وچ ۾ جڏهن ڊاڪٽر ذولفقار مرزا سچ ڳالهائڻ آيو ته هن هڪ اهڙي شروعات ڪئي جيڪا پاڪتان جي تاريخ ۾ شايد ڪڏهن ٿي هجي. هو قرآن شريف تي هٿ رکي سچ ڳالهائڻ جو نعرو هڻي پريس ڪانفرنس شروع ڪري ٿو.

    هن ايتريون ڳالهيون ڪيون جيڪي معلوم تي گهڻن کي ئي هيون پر ڪوبه نالو وٺي سچ ڳالهائڻ لاء تيار نه هو. هو الطاف حسين کي قاتل ۽ ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد تنظيم سڏي پنهنجي ئي حڪومت جي وفاقي وزير داخلا کي دهشتگردن سان مليل هجڻ جي دعوا ڪري ميڊيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏي ٿو. هو اهو به ثبوتن سان ٻڌائي ٿو ته ڪيئن قاتلن کي پيرول تي آزاد ڪري قتل ڪرايا وڃن ٿا. هو عمران فاروق کي شهيد سڏي اهو به چوي پيو ته هاڻي شايد منهنجو وقت به قريب آهي.

    ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ايترو ته سچ ڳالهايو آهي، اهو به پاڪ ڪتاب قرآن شريف تي هٿ رکي جو هاڻي ان ۾ شڪ جي ڪا گنجائش نه ٿي رهي. سندس پريس ڪانفرنس جي شروعات پارٽي جي عهدي تان استعيفا، وزارت تان استعيفا ٰ ۽ ايم پي اي جي سيٽ تان استعيفا ٰ سان شروع ٿئي ٿي. پاڪستان جي تاريخ ۾ شايد هو پهريون ماڻهو آهي جنهن سچ چوڻ لاء ايتريون قربانيون ڏنيو. هُن ته ملڪ ٽوڙڻ جي سازش ۽ انهن ۾ ڪير ملوث آهي سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏيو. ڪنهن صحافي کان جڏهن ٽي وي تي سوال ڪيو ويو ته ڇا هن پريس ڪانفرنس کي اوهان بم ڌماڪو سڏيندا ؟ هن جو جواب هو ته بم ڌماڪو نه پر هڪ زوردار ايٽم بم ڌماڪو !!!!.

    اهڙي موقعي تي جڏهن هو سچ ڳالهائي ٿو ته سول سوسائٽي ۽ ميڊيا مان اڃان تائين اها موٽ ڪانه ملي آهي جنهن جو اظهار ٿيڻ کپي ها. الٽو هتان جا نام نهاد ٽي وي اينڪرس گلو ڦاڙي وڏي وات ابتيون ڳالهيون پيا ڪن. ذوالفقار مرزا جي اها ڳالهه بيوسي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي جنهن ۾ هن جيو ٽي وي جي اينڪرس کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اڄ سچ هارائي ويو ۽ ڪوڙ جي فتح ٿي آهي. جيڪڏهن ذوالفقار مرزا سان گڏ سول سوسائٽي ۽ عوام اٿي کڙو نه ٿيو ته اها اسان جي معاشري جي هار هوندي ۽ شايد پوء ڪنهن کي به سچ ڳالهائڻ جي جرئت نه ٿئي. ذوالفقار مرزا بيٺل پاڻيء ۾ پٿر اڇلائي ان ۾ طوفان برپا ڪيو آهي.

    ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس ۽ اهم انڪشافات وارو هي قدم وقتائتو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جڏهن ڪراچي جي حالتن تي ورتل پاڻمرادو نوٽيس تي اهم ڪيس جي سلسلي ۾ ڪراچي پهتو آهي ته مرزا جي ثبوتن کي شامل ڪري ۽ مرزا کي گهرائي معاملي کي اڳتي ڪنهن اڪلاء تي پهچائي ٿو يا 12 مئي جي ڪيس وانگر هن ڪيس کي به وچ تي ٽنگيل ڇڏي اسلام آباد روانو ٿو ٿئي.

    انتظار ته پاڪستان جي اهم ادارن جي تحقيقات جو به رهندو. ڇو ته جڏهن ملڪي سلامتي جي خلاف ڪيل هڪ اهم راز تان پردو کڄي ٿو جنهن ۾ الطاف حسين ۽ سندس پارٽي تي اهو الزام لڳي ٿو ته هو آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ لاء تيار ٿي ويا آهن ته پوء ادارن جي خاموشيء جو مقصد اهو ٿيندو ته هو به ملڪ ٽوڙڻ جي سازشن ۽ قتل عام ۾ برابر جا شريڪ آهن. مسئلا ته صدر پاڪستان لاء به پيدا ٿيندا ته ڪيئن اهڙي شخص کي وفاقي وزير داخلا بڻايو ويو جيڪو بقول مرزا جي پيدائشي ڪوڙو آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي ۽ ڪراچي جي قتل ۾ دهشتگردن سان گڏ آهي.

    ذوالفقار مرزا پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي سچ ڳالهائي، گهڻن ئي ماڻهن کي امتحان ۾ ۽ سوچ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ڪير ذوالفقار مرزا وانگر منصور بڻجي ميدان ۾ ٿو لهي ۽ سچ جو ساٿ ٿو ڏئي، جنهن لاء مشهور آهي ته سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي پر ٻڏندي ناهي.

    [/JUSTIFY]
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: اڃان ڪي آهن منصور زماني ۾ - ذوالفقار مرزا جو ڪڙو سچ

    چوندا اهين ته صبح جو ڀليل جي شام جو گهر اچي ته ان کي ڀليل ناهي چئبو سو اسان جي سنڌي سياستدانن جو جيڪو به ڪردار رهيو هجي جي انهن وس ۾ هجڻ باوجوب جي اهي ڪم سنڌي قوم لاڀ نه ڪيا اهين پر جي انهن ما ڪو هاڻي سنڌي قوم لاڀ سوچي ٿو ۽ انهن جي حقن جي ڳاله ڪري ٿو سنڌ سان وفاداري جي ڳاله ڪري ٿو ته اهو به هن دور ۾ جنهن ۾ هر ڪو پهنجي مفادن لاء ايم ڪيو ايم هجي يا پٺاڻ هجن انهن جي چاپلوسي پيو ڪري تنهن دور ۾ ذولفقار مرزا جو هي قدم سنڌ جي دشمنن خلاف ۽ سنڌ دشمني ڪندڙن سان ۽ ملڪ سان غدارن سان بيزاري جو قدم يقينن قابل تعريف اهي مهنجو سلوٽ اهي ذولفقار مرزا کي ليڪن ڪاش اسان جا سڀ ليڊر جي ذولفقار مرزا سان اتحاد ڪن ته شايد اسان کي ڪو به لاوارث نه سڏي ها ۔۔۔۔۔۔۔۔ پ پ جنهن کي سنڌين جي حڪومت سڏيو وڄي ٿو جي هن وقت به سنڌ ۽ سنڌين لاء ڪجه نه ڪيو ۽ ذولفقار مرزا جهڙا ماڻهون ان کان الڳ ٿيندا رهيا ته يقينن اهو ان لاء به هڪ نقصانڪار شي ثابت ٿيندو ​
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اڃان ڪي آهن منصور زماني ۾ - ذوالفقار مرزا جو ڪڙو سچ

    مرزا صاحب جي جرت بھادري کي سلام۔۔۔۔۔پر مرزا صاحب اھو سڀ ڇو ۽ ڪيئن ڪيو۔۔۔۔۔جڏھن ته چيو ويندو آھي ته مرزا زرداري جو سڄو ھٿ آھي۔
    مرزا جيڪي ڳالھيون چيو آھن سي ته سچ آھن۔۔۔۔۔۔مرزا صاحب انھن کي منظر عام تي آڻي تمام سٺو ڪرنامو سرانجام ڏنو آھي۔
    ھاڻي ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ٿئي به اٿئو يا چُپ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اڃان ڪي آهن منصور زماني ۾ - ذوالفقار مرزا جو ڪڙو سچ

    مرزا صاحب جي ان عمل تي هن وقت ئي تبصرا شروع ٿي چڪا آهن اسان جي علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪارندا اهي افواه ماڻهن ۾ ڦيلائڻ ۾ مصروف آهن ته ڊاڪٽر صاحب جو دماغي توازن ٺيڪ نه آهي سندس گهر واري پڻ اهو اعتراف ڪري ٿي وغيره وغيره بهرحال اهڙو ڪڙو سچ ۽ اهڙي وڏي قرباني جو پنهنجا سڀ مفاد عهدا ههڙي دور ۾ ڦٽي ڪرڻ يقينا هڪ عظيم قرباني آهي ليڪن اسان جي سنڌي سياستدان جيڪڏهن سڀ متفق ٿي ان اشو کي اڳتي وڌائيندا ته پوء سنڌ ۽ سنڌين جو بچاء ٿيندو ورنه محترمه وانگر ڊاڪٽر صاحب به شهادت جي راه جو راهي ٿي ويندو جو انصاف ته نالي ماتر به اسان جي ملڪ ۾ نه آهي جيئن مٿي سائين سليمان بيان ڪيو ته ميڊيا جا اينڪر اهڙا سوال ڪري فتني جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن خاص ڪري اردو ڳالهائڻ وارا اينڪر ايم ڪيو ايم جا ايجنڊ هر موڙ تي ايم ڪيو ايم جي وڪالت ۾ مصروف نظر ايندا آهن نه انهن کي خدا جو خوف آهي نه وري ڪو حيا يا شرم . ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪو بيان آيو آهي يا ايم ڪيو ايم حڪومت کان ٿورو ناٽڪ ڪري پري ٿي آهي ته رت جو نديون وهي ٿي وڃن ان خلاف آواز اٿارڻ به ايڏو گناهه آهي هي ته انڌير نگري کان به ڪم چڙهي ويو آهي اينڪر چون ٿا ته توهان ايم ڪيو ايم تي هروڀرو سنگين الزام هڻي رهيا آهيو باقي هو ته ويچارا معصوم آهن هميشه جيان دهشتگردن ۾ وڏو انگ ايم ڪيو ايم جو رهيو آهي هاڻي به مرزا صاحب جي بيان مان اهو ظاهر ٿيو ته 26 ماڻهو دهشگردي ۾ ملوث جن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي انهن 26 ماڻهن ڪيترا بي گناهه قتل ڪيا هوندا وري به انهن کي سياسي پناهه ڏئي آزاد ڪرايو پيو وڃي ۽ اسان جا سنڌي حڪمران به ان ۾ خوش آهن ان مان ئي سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌي سرمائيدار حڪومت ۾ شامل بيوروڪريٽ ڪيترا سنڌ ۽ سنڌي عوام سان مخلص آهن چڪرا ڳوٺ ۾ اهڙو هاڃو ٿيو ڪنهن جي ڪن تي جون به ڪانه رينگي ڇو اهي ماڻهو نه هئا باقي ايم ڪيو ايم خلاف بيان به برداشت نه آهي هي ڪهڙو انصاف آهي خدارا سجاڳ ٿيو ورنه غلامي جي زندگي بسر ڪرڻ لاء تيار رهو.​
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: اڃان ڪي آهن منصور زماني ۾ - ذوالفقار مرزا جو ڪڙو سچ

    مان سائين محترم رحيم بخش جي آخري سٽ سان متفق آهيان۔۔۔۔ سلام آهي سنڌ جي سپوت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي هي اهو واحد سنڌي جوڌو آهي جنهن نه صرف سچ ڳالهايو آهي بلڪي هڪ دهشتگرد جماعت کي دنيا جي سامهون دهشتگرد چيو آهي۔۔۔ ڪٿي آهن اسان جا اهي سنڌي جيڪي قومپرستي جي نالي تي وڏيون جماعتون ٺاهيون ٿا ورتن صرف پنهنجي پيٽ کي پالڻ لاء سنڌين کي صرف استعمال ٿا ڪن هن وقت تائين سنڌين سان ٿيندڙ نا انصافين جي ڪنهن به سار نه لڌي آهي۔۔۔ ڇو؟؟؟؟؟ آخر ڇو؟؟؟ انهي جو ڪير ازالو ڪندو۔۔۔ سڄي سنگت کان اهو منهنجو سوال آهي۔۔۔ خدارا سچ جو ساٿ ڏيو
     
  6. رشيد

    رشيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2011
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اڃان ڪي آهن منصور زماني ۾ - ذوالفقار مرزا جو ڪڙو سچ

    ادا واقعي پ پ پ اها پارٽي آهي جنهن جا وزير ۽ عهديدار هميشه حق لا پنهنجون وزارتون ۽ عهدا عوام تان قربان ڪيا۔ اها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي سڀ کان پهرين هن پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو ۽ انهي کان بعد حڪومت جي هن دور ۾ شيري رحمان پنهنجي وزارت تان اُن وقت استيفعى ڏني جڏهن ميڊيا تي پانبديون لڳيون انهي کان بعد شاهه محمود قريشي ريمنڊ ڊيوس واري معاملي تي استفغى ڏني۔۔۔۔ ۽ هاڻ وري مرزا حق جي ّخاطر پنهجي وزارتن تان استفعى ڏني آهي
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اڃان ڪي آهن منصور زماني ۾ - ذوالفقار مرزا جو ڪڙو سچ

    پر دوستو حيرت انگيز طور تي ايم ڪيو ايم خاموش آهي

    وڏي حيرت جهڙي ڳالهه ته وري اها آهي ته صدر صاحب به خاموش آهي

    رحمان ملڪ به وزير لڳو پيو آهي


    ڪجهه نه ڪجهه صدر صاحب ئي ڪو ته ايڪشن کڻي مرزا جي خلاف يا وري متحده جي خلا ف

    ان ۾ ڪهڙي سياست آهي ان تي به ٿوري روشني وجهو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو