• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عيد ته هوندي ئي ٻارن جي آهي

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
بشريٰ علي
Nazuk29-6.jpg

هونئن ته عيد جهڙن تهوارن تي هر ماڻهو سٺو لباس پائي ٿو پر عيدن تي اصل خوشي ٻارڙن جي هوندي آهي، جڏهن به عيد ويجهو ايندي آهي ته والدين پنهنجي ڪپڙن بدران ٻارڙن جي لباس ۽ جتين کان وٺي رانديڪن تائين جو بندوبست ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ ان کانپوءِ ئي پنهنجو عيد جو سامان خريد ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو کي ڪنهن ڪم ڪار ۾ مصروف هجڻ سبب پنهنجي ٻارڙن جا ويس وڳا خريد ڪرڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي ته ٻارڙا کين ڏاڍو تنگ ڪندا آهن ۽ ائين والدين مجبور ٿي ٻارن جا ڪپڙا جلد خريد ڪن ٿا، جڏهن ٻارڙا پنهنجي والدين سان گڏ بازارن ۾ وڃن ٿا پر اتي جتي والدين کي صرف کين سندن ڪپڙا ۽ جتيون خريد ڪرڻيون هجن ٿيون اتي وري کين ٻارڙا بازارن ۾ مختلف قسم جا رانديڪا، گهڙيون ۽ ٻيون شيون کين خريد ڪري ڏيڻ لاءِ تنگ ڪن ٿا ۽ پوءِ والدين اتي مجبور ٿي اهي رانديڪا ۽ شيون خريد ڪري ڏين ٿا، اهي ٻارڙا جڏهن والدين سان گڏ بازارن کان واپس گهر پهچن ٿا ته وٽن مختلف قسمن جون شيون هجن ٿيون، جيڪي هو پائڻ ۾ استعمال ڪن ٿا ۽ اهي سندن راند لاءِ ڪم اچن ٿا، هوا سان ڀريل بال، مختلف جانورن جي شڪلين ۽ ڪرسين نما هوا سان ڀريل پلاسٽڪ جون شيون انهن ٻارڙن جي خوشين ۾ اضافو ڪري ڇڏين ٿيون. اهي ٻارڙا جن وٽ سٺا ڪپڙا هجن ٿا ۽ گهڻا رانديڪا هجن ٿا اهي وڌيڪ خوش ٿين ٿا، ماڻهو ڀلي کڻي غريب هجن پر اهي گهڻو ڪوشش ڪن ٿا ته سندن ٻارڙا عيد جون خوشيون ملهائين پر اها حقيقت آهي ته اڄڪلهه جي هن مهانگائي جي دور ۾ غربت جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي تڏهن اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ٻارڙن کي عيد ڏهاڙن تي به نوان وڳا خريد ڪري ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن، جيتوڻيڪ جيڪي ماڻهو سرندي وارا آهن انهن کي اهڙن تهوارن کي خاص غريب ٻارڙن جي هر طرح سان مدد ڪرڻ گهرجي ۽ انهن لاءِ ڪپڙا توڙي رانديڪا خريد ڪري ورهائڻ گهرجن. ٻارڙن ۾ وقت سان گڏ ڪپڙن جون ڊزائنون به تبديل ٿينديون رهن ٿيون پر جينز ۽ شرٽس يا وري شلوار قميص جو لباس سدابهار آهي، هاڻي ته مختلف قسم جا نيڪر ۽ ٽرائوزر وغيره به ٻارڙن لاءِ خريد ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته ڇوڪرين ۾ به جينز جي پينٽن کان وٺي چولن، گهاگهرن سميت شلوار قميصن جون مختلف ڊزائنون استعمال ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ٻارڙا وڌيڪ خوبصورت لڳن ٿا، اڄڪلهه ننڍڙين ٻارڙين ۾ فراڪ وارا ڪپڙا ڏاڍا مقبول آهن، هونئن عام طور تي ڪپڙن جي اها ڊزائين نوجوان ڇوڪريون ۽ عورتون به پائي رهيون آهن، مارڪيٽن ۾ ننڍن ڇوڪرن بدران نينگرين جي ڪپڙن جون وڌيڪ ورائٽيون يا قسم موجود هوندا آهن، جڏهن والدين پنهنجي ڇوڪرن لاءِ ڪپڙا خريد ڪندا آهن ته انهن لاءِ گهٽ ورائٽيون موجود هجڻ سبب اهي پريشان ٿي وڃن ٿا پر ننڍڙين ڇوڪرين جا ڪپڙا اسڪرٽ، جينز، فراڪ ۽ شلوار قميص جون ايتريون ته ڊزائنون هونديون آهن جو اهي انهن مان فوري طور تي پسند ڪري وٺنديون آهن.
 
Back
Top