• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موت کانپوءِ جي ملاقات

نثارابڙو

نائب منتظم
موت کانپوءِ عالم ارواح ۾ ٻن عورتن جي ملاقات ٿي

پهرين عورت؛ هاءِ منهنجو نالو آهي ”سندرا“
ٻي عورت؛ مان آهيان ” سلويا“ ... توسان ملي خوشي ٿي پر اهو ته ٻڌاءِ ته تنهنجو موت ڪيئن ٿيو ؟

پهرين عورت ؛ برف ۾ ڄمي مئي هيس ...
ٻي عورت؛ افسوس ڏاڍو ڀيانڪ موت آهي ...

پهرين عورت؛ نه ايترو به ڀيانڪ ناهي، جڏهن برف مان نڪتس ته پاڻ کي ڪوشش ڪيم گرم ڪرڻ جي ۽ ننڊ وٺي وئي پر ننڊ ۾ ئي موت اچي ويو ... امن ۽ سڪون سان مئي هيس ... پر تون ته ٻڌاءِ ته تنهنجو موت ڪيئن ٿيو هو؟

ٻي عورت؛ مان هڪ خطرناڪ ڀڄ ڊڪ دوران دل جي دوري ۾ مئي هيس، مونکي شڪ ٿيو ته مون وارو مڙس مونکي ڌوڪو ڏئي رهيو آهي، انڪري آءُ اوچتو گهر جلدي آيس ته جيئن مڙس کي ڳاڙهن هٿن سان پڪڙيان ... پر توقع جي خلاف هو آرام سان ٽي وي ڏسي رهيو هو ...

پهرين عورت؛ پوءِ اڳتي ڇا ٿيو؟

ٻي عورت؛ مونکي ته پڪي خبر هئي ته ڪا ٻي عورت ضرور گهر ۾ آهي ... سو مون گهر جو چپو چپو ڪري ڳولهڻ شروع ڪيو ... هيٺ ڳولهيم، مٿي ڀڳس، کٽن ۽ پلنگن ۽ صوفن جي هيٺان مٿا جاچ ڪيم ان ڀڄ ڊڪ ۾ مونکي دل جو دورو پئجي ويو ۽ آءُ مري ويس ...

پهرين عورت؛ ڏاڍو برو ٿيو، جي تون فريزر ۾ جاچ ڪرين ها ته اڄ اسين ٻئي حيات هجون هان ...
 
0002006eg.gif

52564496.gif

lajwab-sharinglajwab-sharing
asul mattasul mattasul matt
 
Back
Top