جواب: سنڌسلامت۔۔۔۔۔پوري دنيا جي سنڌين کي عيد مبارڪ
عاشق سميت سنڌ سلامت جي سڀني يارن۔ دوستن پاران ڏنل عيد مبارڪن جون خيئر مبارڪون ۔۔۔ اوهان سڀني دوستن کي مون پاران به لک لک واڌايون قبول پون، هن عيد جو تصور ڪجهه هن طرح آهي ته رمضان جا پورا مهينا بکون اڃون ڪاٽي، عيد واري ڏينهن کاڌي پيتي جو ڀرپور انتظام ڪري الله تعالا جا شڪر ادا ڪرڻ ۔۔۔
سڄي مهيني جي عبادتن کان پو خيئر خيرات ڪرڻ ۽ غريبن جي سار لهڻ، زڪوات ۽ فطرانه ادا ڪري انهن جي ضرورتن جو خيال ڪرڻ وغيره۔ سڄي مهيني جي مصروفيت مان واندو ٿي مٽن مائٽن سان ملڻ ملائڻ جو موقعو مهيا ڪرڻ ۽ پراڻيون رنجشون ختم ڪري کير کنڊ ٿيڻ،
وسيعت آهر ڪپڙا پائي عطر عنبر سان خوشبو ڪري ماٍحول کي معطر ڪرڻ وغيره ۔۔۔
مطلب ته دين اسلام جي هر هڪ ادا ۾ ڪيترائي راز ۽ ڪيتريون سهڻيون حقيقتون شامل هونديون آهن، انڪري اسانکي پنهنجي دين جي هر شئي جي عقيدت ۽ انهن جي ادائگي جو فرض پڻ احسن طريقي سان ادا ڪرڻ گهرجي ۔۔۔
اوهان سڀني دوستن کي رب العالمين گهڻي کان گهڻيون خوشيون عطا فرمائي ۽ ان اهل ڪري ته اوهين سنڌي قوم ۾ خئير جا ڪم عام ۽ جام ڪري سگهو، غريبن جي سار لهي سگهون، مٽن مائٽن سان محبتون وڌايو ۽ هر رشتي سان انصاف ڪري سگهو ۔۔۔ رب العالمين اسان سڀني کي همٿ ۽ سگهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: سنڌسلامت۔۔۔۔۔پوري دنيا جي سنڌين کي عيد مبارڪ
سموري مسلم اُمت کي ۽ خاص طور تي منهنجي سنڌي ڀائرن ڀينرن کي هن عيد جون دل سان واڌايون هجن۔۔۔۔
سموري دنيا کي عيد مبارڪ هجي، خصوصي طور تي پاڪستان جي حڪومت، الطاف حسين، رحمان ملڪ ۽ واپڊا وارن کي ڇڏي ڪري سڄي دنيا جي مسلمانن کي هن عيد جي مبارڪ هجي
جواب: سنڌسلامت۔۔۔۔۔پوري دنيا جي سنڌين کي عيد مبارڪ
جي ادا منهنجي پاران به دنيا جي سڀني سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي دل جي گهرائي سان عيدالفطر جون مُبارڪون ڌڻي در دُعا آهي ته شال سڀئي سنڌي جتي به هُجن آباد هُجن محبتون ماڻيندا رهن آمين