عيدالفطر ( عيد مقامِ شڪر آهي نه ڪي مقامِ خرافات)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏31 آگسٽ 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [JUSTIFY]عيدالفطر ( عيد مقامِ شڪر آهي نه ڪي مقامِ خرافات)
    ننڍا هوندا ها سين ته عيد جو مطلب ٻيو هوندو هو جيئن جيئن عمر وڌندي وئي تيئن تيئن عيد جو مطلب مٽجندو ويو.جيئن جيئن سالڪن سان ويٺا سون ته اسالم جو مطلب و اسلامي تهوارن جو مطلب به مَٽَجڻ لڳو ۽ اڄ انهن تهوارن کي ڏسون ٿا ته چئون ٿا هن وقت عيد اسان وٽ هڪ عجيب شي جو نالو آهي جڏهن ته اهي عيدون اسان به ائين ئي ملهايون آهن لاشعوري ۾ جن کي جي اسلامي تشخص ۾ ڏسجي ته سواءِ شرمساري جي ٻيو ڪجھ به ڪونهي . هنن مقدس ڏهاڙن کي اسان خرافات ۾ تبديل ڪري چُڪا آهيون .اسان وٽ عيد جو مطلب نوان ڪپڙا پهرڻ فضول خرچيون برايون بي حيائيون ڪرڻ ئي آهي. وڃي ڏسو ته بازارن ۾ ڇا آهي ڪو غيرتمند برداشت نه ٿو ڪري سگهي ته ڇا دين ان جي اجازت ڏني آهي . ڇا اڄ جيڪوا سان بازارن ۾ ڏسون ٿا ان جو مطلب عيد آهي ، بازارن ۾ نوجوان ناريون ۽ نوجوان ڇوڪرن جو بازارن ۾ گهمڻ ڪراچي ۾ وري ڇا چاند رات جو مطلب به عجيب آهي . اسان جي ٻهراڙين ۾ ان جو مطلب به عيد جو مطلب عجيب هوندو آهي جي انهن نقطن تي ويهي ڳالهائجي ته الفاظ کُٽي پوندا پر عيد جي نالي تي ٿيندڙ بُرايون وڌي وينديون. بازار ۾ وڃو ته نرتڪيون هٿن تي غيرن کان پيون مينديون هڻائين ماءُ پي بيٺا ڏسن غير مردن کان پيون چوڙيون پارائين وغيره والدين بيٺا ڏسن . وڏن شهرن ۾ سڄي رات هُل هنگامون نظر ايندو آهي ڇا عيد جو مطلب اهو هوندو اهي؟. ڇا عيد جو مطلب نوان ڪپڙا پهرڻ هوندو آهي ان ڏينهن تي اسان جي ٻهراڙين ۾ هوٽلون سينگاريون وينديون آهن بازارن ۾ شيون مهانگيون ٿي وينديون آهن. گاڏين جا ڪرايا وڌاايا ويندا آهن عيد جي خوشي جي نالي تي ميلا لڳايا ويندا آهن جن ۾ ناچ گاني جون محفلون لڳايون وينديون آهن . خدا جو قسم اهڙين خرافاتن جو عيد سان ڪو واسطو ناهي نه اهي تعليمات الله نه انجي رسول جي طرفان اسان تائين پهچايون ويون آهن هي خرافات اسان يهودي قوم جيان پاڻ اخذ ڪيون آهن حضرت موسيٰ جو 40 ڏينهن جي چلي کان واپسي تي قوم جو گابي کي پوڄڻ واري ساڳي ڪهاڻي آهي. هنن گابي کي پوڄيو ته اسان اسلام ۾ خرافات داخل ڪري ڇڏيون . اسان عيد جو مطلب جنهن کان به پُڇندا آهيون ته اهو چيو ويندو آهي عيد جو مطلب خوشي آهي . بابا اوهان خوشي ڇو ڪندا آهيو . پُٽ جي ڄمڻ تي اسان خوشي ڪندا آهيون مطلب ته هن گهر جو وارث آيو آهي ، ڪنهن کي نوڪري ملندي آهي ته اهو خوش ٿيندو آهي ته عيد تي اسان ڇا ڪيو آهي جو اسان کي خوشي ٿيندي آهي ، پر جي ائين چئجي ته اسان رمضان جي روزا رکيا ان جي خوشي کي اسان خوشي ٿا چئون جواسان روزا رکيا الله جو حڪم هو اسان ان حڪم جي تعبيداري ڪئي بدلي ۾ الله جو قرب حاصل ٿيو ان جي خوشي آهي . ڇا الله جو قرب ٽيهن ڏينهن ۾ اهو مليو آهي ته هيڏانه روزا مڪمل ٻئي طرف خرافات شروع . جنهن روزي جو مطلب هو لعلڪم تتقون ڇا هي آهي تقويٰ . نه جي اسان جون اهي خرافات جن کي ڇڏڻ جو اسان اهو اعلان ڪري چُڪا آهيون ته اسان الله جي تعبيداري ۾ اهو عمل ڪري ٿا ڏيکاريون حرام ته حرام پر جي الهن اسان کي حڪم ڪري ته حلال ڇڏي ڏيو ته اسان حلال کي به ڇڏڻ لاءِ تيار آهيون. ڇا رمضان ۾ روزي جي حالت ۾ اسان اهو سڄو عمل ناهيون ڪندا جيڪا شي سحري و افطاري م حلال هوندي آهي اها شي روزي جي حالت ۾ حرام هوندي آهي . روزيدار جيڪو الله جو مهمان هوندو آهي ان الله وٽ 30 ڏينهن مهمان رهي ڪري هي سبق حاصل ڪيو آهي . بيشڪ اوهان منهنجي هنن ڳالهين کي ملاڻي تقرير سمجهي يا تحرير سمهجي نه پڙهو پر اسان کي پنهنجي پنهنجي غريبان ۾ ضرور ڏسڻ گهرجي. ته اسان جيڪي پنهنجي پالڻهار سان عهد و پيمان ڪيا آهن انهن جو پاس رکڻ گهرجي ۽ ڇا اسان عيد جي خوشي جنهن کي اسان عجيب انداز ۾ ملهائي رهيا آهيون . ان ۾ الله جي حرام کي حرام ۽ ان جي حلال کي حلال سمجهون ٿا يا نه . يا جانڻ چن جيان نفس ڇڙيل وات ٻڌل اها به رب سان 420 واري ڪار تي ڪار بند آهيون .
    هاڻي اچو ته پهريان عيد کي سمجهون پوءِ عيد رمضان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون جيڪي عربي ڄاڻن ٿا سي شايد منهنجي اصلاح به ڪن جي آءُ غلط آهيان.
    عيد عربي لفظ آهي جنهن جو مصدر عود آهي عود جي معني آهي واپس پلٽجي اچڻ پنهنجي مقام پنهنجي محور تي واپس پلٽجي اچڻ . انسان جو محور ڇا آهي انسان جو محور آهي فطرت الله . ڇو جو انسان کي الله پنهنجي فطرت تي خلقيو يا فطر ڪيو آهي . يعني جڏهن انسان پنهنجي فطرتي محور تي پلٽجي ايندو آهي ته ان محور يا مقامم تي واپسي جو نالو آهي عيد . انسان هن دنيا جي محبت جي ڪري دنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي ويو هو پر هن هڪ اهڙي عبادت ڪئي آهي جنهن هن کي پنهنجي انساني منصب تي واپس آندو آهي ان کي چئبو آهي عيد ۽ عيد جي خوشي مان مراد هي انسان کي جيڪو واپس پنهنجو مقام مليو آهي انسان کي ان جي خوشي آهي. ان کي چئبو آهي عيد جي خوشي. عيد جي معنيٰ خوشي ناهي پر عيد جي ڪري خوشي آهي ته انسان پنهنجي مقام و منصب تي واپس آيو ان خوشي ۾ هن کي جا خوشي ملي آهي سا عيد جي خوشي آهي جيئن چوندا آهيون محبوب ملندو ته عيد ٿي ويندي يار تون مليو آهين ته عيد ٿي وئي آهي . هاڻي هن عيد کي حضرت علي عه جي فرمان زريعي بلڪل واضع ڪجي جنهن ۾ حضرت علي عه فرمايو ته ( جنهن ڏينهن مسلمان ڪو گناه نه ڪري اهو ڏينهن سندس لاءِ عيد جو ڏينهن آهي .) يعني جنهن ڏينهن انسان الله جي ڪنهن به حڪم جي خلاف ورزي نه ڪري اهو ڏينهن ان لاءِ عيد جو ڏينهن هوندو آهي. بيشڪ ڪيترو عظيم فرمان آهي ڪيڏو نه وسيع فرمان آهي ڪيترو نه مجرب جملو آهي سبحان الله .
    هاڻي اوهان هن عيد جي مطلب کي وڌيڪ آسان سمجهي سگهو ٿا . ڇا سان چنڊ ڏسڻ سان عيد ڪندا آهيو يا عيد مبارڪ ڏيندا آهيون ؟ نه. ڇا صبح سوير جڏهن اسان وهنجي سهنجي عيد گاه ڏي ويندا آهيون ته اسان عيد نماز پڙهڻ کان پهريان هڪٻئي کي عيد مبارڪ چوندا آهيون ؟ نه . ڇا جڏهن اسان مسجد ۾ ويندا آهيون مولوي صاحب جو واعظ وغيره ٻُڌندا آهيون ته عيد مبارڪ هڪٻئي کي ڏيندا آهيون ؟ نه . بلڪه اسان جڏهن الله جي بارگاه ۾ سجدو، سجدي کان پهريان فطرو الله جو حڪم واعظ جي صورت ۾ قبول ڪندا آهيو پروردگار جي مقامِ معبوديت جو حق ادا ڪري سڄا عمل پورا ڪندا آهيون ته هڪٻئي کي عيد مبارڪ چوندا آهيون. عيد مبارڪ پهريان نه چوڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته اسان ان مقام تي اڃا ناهيون پهتا جيڪو انسايت جو مقام آهي ان ڪري اسان هڪ ٻئي کي عيد مبارڪون نه ڏيندا آهيون . هڪ طرف انسان الله وٽ پهچي ڪري اهو اعلان ٿو ڪري ته تون ئي بندگي جي لائق آهين . هيڏانهن مسجد ۾ الله جي ذات کي سجدو ڪري نڪري ٿو ته نڪرندي ئي احڪام الاهي جي ڀڃ ڊاھ پنهنجي معاشري ۾ ٿا ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي پيو ۽ اهو به عيد جي نالي تي. ان ڏينهن تي ملڪ جي سينمائن ۾ نيون نيون فلمون رليز ٿين ٿيون ان ڏينهن تي سڄو ڏينهن خرافات جو سلسلو شروع ٿو ٿي وڃي ان ڏينهن ناچ گاني جون محفلون سجايون ٿيون وڃن ڇا هي حضرت موسيٰ جي قوم جيان اسان گابو ناهي ٺاهيو؟ ڇا هي اسان جي الله کي ڇڏي ڪري هن جي احڪامن کان منهن موڙي ان جي خلاف ورزي ڪري شيطان جي بندگي جو عملي ثبوت ناهي ؟. ڇا هي اسان تي ڳالھ صادق نه ٿي اچي ته اسان جي زبان تي الله الله آهي پر اسان جي دل جو سجدو شيطان اڳيان آهي . يقيين رکو جيڪا فرض نماز پنج وقت پراڻن ڪپڙن ۾ ٿي سگهي ٿي ته عيد نماز سنت نامز آهي اها به پراڻن ڪپڙن ۾ ٿي سگهي ٿي . عيد جو مطلب نوان ڪپڙا نوان جوتا پهرڻ و گهمڻ ڦرڻ ناهي هوندو.
    هاڻي اچو ته عيد الفطر تي سوچيون هن کي عيد الفطر ڇو ٿو چيو وڃي .؟ مون ڪنهن دوست کان پڇيو ته هن کي عيد الفطر ڇو چيو ٿو وڃي ته صاحب چيو سائين هن کي عيد الفطر ان لاءِ ٿو چيو وڃي جو هن عيد ۾ فطرو ڏنو ويندو آهي .بابا فطري جي معنيٰ ڇا آهي عربي جو مصدر هميشه ٽن لفظن تي مشتمل هوندو آهي مون جيترو عالمن و سالڪن کان ٻڌو آهي . فطر جو مطلب هوندو آهي ڦاٽي پوڻ ظاهر ٿي پوڻ پيدا ٿي پوڻ وغيره عربي ٻولي انتهائي رئيس ٻولي آهي ان جون ڪيتريون ئي معنائون نڪري سگهن ٿيون . جيئن قرآن ۾ آهي ته اسان انسان کي پنهنجي فطرت تي فطر ڪيو آهي ۽ الله جي فطرت تبديل ناهي ٿيڻي . ڇا انسان جڏهن اڄوڪي دور ۾ 150 يا 200 روپيا فطرو ڏئي ڪري پنهنجي فطرت تي واپس اچي ويندو آهي ؟. ڏسو هي اڄوڪي نوجوان نسل جا سوال آهن ۽ سوال هوندو ئي تڏهن آهي جڏهن ان جو جواب هوندو آهي اسان کي ان جو جواب نه ٿو اچي هي عليحده مسئلو آهي ليڪن هي سوال آهن ضرور . بحرحال انسان فطرت تي واپس ڪڏهن آيو جڏهن هن روزا رکيا روزن ۾ هن ڪيو ڇا؟ هن حرام ته حرام پر حلال کي به الله جي حڪم سان پاڻ تي ڪجھ وقت لاءِ حرام ڪيو. جڏهن هي الله جي اهڙي بندگي جي مقام تي پهتو ته هن کي مقام تقويٰ عطا ٿيو تقويٰ ڇا آهي هر اهو ڪم جنهن کان الله پنهنجي رسول ص جي زريعي اسان کي رو ڪيو ان کان رُڪجي وڃڻ ۽ هر اهو ڪم جنهنجو حڪم الله پنهنجي حبيب ص جي زريعي اسان کي ڏنو ان جو ڪرڻ ئي تقويٰ آهي . جڏهن انسان کي تقويٰ حاصل ٿيو ته هي فطرت تي واپس موٽي آيو هاڻي هن مقام تي الله چيو تون هن مقام تي پهتو آهين هاڻي الله جي نالي تي مال ڪڍ ان مقام تي خرچ ڪيل مال جو نالو آهي فطرو. هاڻي فطري ۾ اوهان راز ڏسو اوهان اهو مال ڪٿان شروع ڪندو رشتيدارن کان . غريب رشتيدارن کان ان ۾ وري ڪئي راز لڪل آهن . رشتيدارن کان ڇو غريب رشتيدارن کي ماڻهو گهڻي ڀاڱي ڀلائي ڇڏيندا آهن جڏهن هي ان نيت سان انهن جي دروازي تي ويندو ته ٿي سگهي ٿو هن جون دولت جي ڪري ڪجھ رشتيدارن کان لاپرواهيون ٿيون هجن ڇو جو ڪنهنجو شعر به آهي ته
    بن جاتي هين سب رشتيدار جب زر پاس هوتا هي
    ٽوٽ جاته هي وه ڀي مفلسي ۾ جو رشته خاص هوته هي
    جنهن جي ڪري غريب رشتيدار ان کان ناراض هجن پر هن جي وڃڻ جي ڪري هو انهن ناراضگين کي ڀلائي ڇڏين. يا ائين به ٿيندو آهي ڪيترا اهڙا سفيد پوش ماڻهون هوندا آهن جيڪي زڪوات و خيرات جا مستحق ته هوندا آهن پر ڪنهن اڳيان هٿ ٽنگڻ کي عار سمجهندا آهن . غير ان جي مدد سفيد پوشي جي ڪر يعني انهن کي خبر ناهي ته هي ڪو غريب آهي جي ڪري امداد نه ڪن پر ويجهو عزيز ته ڄاڻي ٿو ته هي شخص امداد جو مستحق آهي . انلاءِ اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪجھ اهڙا سفيد پوش ماڻهون به هوندا آهن جي انهن کي صدقات و خيرات جو نالو ڏئي ڪري انهن جي امداد ڪئي وڃي ته هو ان کي قبول ناهن ڪندا . ان لاءِ گهڻي ڀاڱي ماڻهون پنهنجن اهڙن عزيزن کي عيدي ڪري خرچي ڏيندا آهن . بحرحال هي وسيع موضوع آهي هن ۾ جيترو نڪرنداسين اوترو ٿورو سفر هوندو . اسان کي عيد ان انداز ۾ ملهائڻ گهجري ته اسان الله جي فطرت کان پري نڪري ويا هيا سون اسان اڄ ان مقام تي واپس آيا آهيون ان خوشي ۾ خرافات نه بلڪه الله جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي .
    وسلام

    [/JUSTIFY]
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: عيدالفطر ( عيد مقامِ شڪر آهي نه ڪي مقامِ خرافات)

    ڏاڏل سائين عيد جي متعلق تمام بهترين مضمون لکي اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي عيد متعلق علمائن جي گفتگو ۾ ڪافي معلومات هوندي آهي ليڪن اسان وٽ ته ڪابه نصيحت ڀريل گفتگو نه پڙهڻ جو ٽائيم آهي نه ٻڌڻ جو ٽائيم آهي اسان عين وقت تي نماز تي پهچندا آهيون جڏهن امام تقرير ختم ڪري نماز جي تياري ۾ هوندو آهي ته اسان ڊوڙي ڊوڙي تڪڙو وضو ڪري نماز ۾ پهچندا آهيون نه نصيت ٻڌون نه سمجهون نه عمل ڪيون وري جيڪڏهن ڏاڏل جهڙو ڪو دل جي آس ظاهر ڪري ته سندس تحرير جي ايڏي وڏي تختي ڏسي بس هيٺان واه واه لکي ڇڏينداسين بهرحال عيد بالڪل نون ڪپڙن نون نوٽن نون بوٽن لاء نه آهي بلڪه اسان کي عيد تي گهڻو ڪجهه ڪرڻو هوندو آهي جيڪو مٿي ڏاڏل سائين ٻڌايو وڌيڪ تحقيق جو طالب ڪتاب به مطالع ڪري سگهي ٿو. ليڪن اصل ان خرافات کي جنم ڏيڻ ۾ هن دور جو ميڊيا جو ڪردار آهي الله تعالي فقط انهن کي هدايت ڏئي ته به ڪافي سڌارو اچي ويندو.
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عيدالفطر ( عيد مقامِ شڪر آهي نه ڪي مقامِ خرافات)

    سائين تمام لاجواب مضمون آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو