رنجيت
سينيئر رڪن
استاد سائين نثار ناز جي چوڻ تي مان سنڌونگر جو مختصر تعارف لکي رهيو آهيان.....
سنڌونگر جنهن کي ڪلياڻ ڪيمپ به ڪري چوندا هئا. هي شهر هندو سنڌين جي محنت سان وسيل شهر آهي. هن شهر ڪي مني جاپان ڪري سڏيندا آهن. هن شهر کي ڪلياڻ ڪئمپ ان ڪري سڏيو ويندو هو جو ٻي مهاڀاري لڙائي دوران هتي برٽش فوجي رهندا هئا. هي شهر ممبئي کان 50 ڪلوميٽر پرتي آهي. اڄ هي شهر انڊيا جي بهترين شهرن مان هڪ آهي. سنڌي جن پنهنجو ديس ڇڏيو تن کي ڪليمن جي بدلي ۾ هن شهر کان ڪجهه ڪلوميٽر پرتي هڪ شهر ۾ رهڻ لاءِ ڏنو ويو بعد ۾ اتي ٻوڏ ۽ طوفان اچڻ سبب اتان سڀئي ماڻهو اٿي هتي سنڌو نگر ۾ آيا تڏهن هن شهر جو نالو الهاس نگر رکيو ويو هو. سنڌين جام جفا ڪشيءَ سان هن شهر کي سنڌو نگر جو نالو ڏياريو پر ڪجهه شر پسند عناصرن جي ڪري اهو نالو رجسٽرڊ ٿي نه سگهيو. هن شهر ۾ پهريون رهڻ جي لاءِ ماڻهن کي بيريڪس ڏنيو ويون جنهن ۾ پنهنجا باٿروم به نه هئا، پوري دنيا ۾ سپلاءِ ٿيندڙ جينس پينٽن جو 30 سيڪڙو هتان ويندو آهي.... هن شهر ۾ سنڌين پاران اڏيل ڪيتريون ئي ڪاليجون، اسپتالون آهن. پوري مهاراشٽرا اسٽيٽ ۾ ڪٿي به سيمنٽ جي بلاڪن وارا روڊ آهن. پر هتان جي سنڌي ايم ايل ايز جي محنت سان هتي آهن. هتي ڪيترائي سنڌي اسڪول آهن. جن ۾ ڪجهه سال پهريون هزارين شاگرد تعليم پرائيندا هئا. پر افسوس جا اڄ انهن مان چند ئي بچا آهن. جن ۾ سنڌي پڙهائي وڃي ٿي. هتي ڪيتريون ئي ڌرمشالائون، مندر آهن. هتي لڳ ڀڳ 20 کن نيوز پيپر آهن جيڪي سنڌيءَ ۾ نڪرن ٿا.....
هندستان ۾ اڄ به ڪيتريون ئي ٻوليون آهن جنهن کي ڪروڙين ماڻهو ڳالهائين ٿا پر انهن ٻولين کي سرڪاري مڃتا نه آهي. پر سنڌي ٻوليءَ کي اها مڃتا حاصل آهي. سنڌ لفظ هتان جي قومي تراني ۾ به آهي. ۽ سنڌي ٻولي هتان جي آئين جي اٺين شيڊول ۾ شامل آهي. الهاسنگر ۾ اها جوت يا ڏيئو آهي جيڪو سنڌي 1947 ۾ زنده پير سکر مان کڻي آيا هئا.....
هن شهر کي USA ڪري به سڏيو ويندو آهي. USAمعني الهاسنگر سنڌي ايسوسيئيشن آهي.
هيٺ ڪجهه تصويرون ڏجن ٿيون.... باقي وڌيڪ ڄاڻ ٻئي ڪنهن ڏيندس.
مهرباني.
www.sindhunagar.com