ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2011۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي۔۔۔۔۔۔۔

    ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين (بهائي) يونائيٽڊ ڪنگڊم جي وزير اعظم ٽوني بليئر کي جيڪو خط لکيو هئو انهي جي ڪاپي بي بي سي اردو جي ويب سائيٽ تي موجود آهي۔۔۔۔۔ ۽ بي بي سي ڪڏهن به ڪو ڪوڙو دستاويز يا وري ڪا اهڙي خبر جيڪا ڪوڙ تي منسوب ٿيل هجي، پنهنجي سائيٽ تي نه رکندي آهي۔۔۔ انهي مان سچ ثابت ٿيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سچو آهي۔۔۔۔

    انهي خط کي پڙهڻ جي لاء هتي ڪلڪ ڪيو۔۔۔۔۔۔

    وڌيڪ دوستن پنهنجي راين کان آگاه ڪن
     
  2. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

    ادا زاهد صاحب اهڙي معلومات شئر ڪرڻ جي مهرباني ڊاڪٽر زلفقار مرزا هڪ دلير دل رکندڙ انسان آهي اگر توهان ڊاڪٽر صاحب سان روبرو وهي ڪچهري ڪندا ته توهان کي پتو پئي ويندو ته داڪٽر صاحب پنهنجو سر اڏي تي رکي آخر ڪنهن جي لا جدوجهد ڪري رهيو آهي ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته منهجي زبان تي 3سال ڪاتي رکي وي ۽ مونکي سچ ڳالهائيڻ کان روڪيو ويو پر مو هاڻي انهن سڀني شين کان پاڻ کي آزاد رکيو آهي ۽ هاڻي جيئڻ مرڻ سنڌه لا آهي ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته اگر اسان هنيئر نه جاڳياسين ته 15سالن جي اندر اسان ايم ڪيو ايم جا غلام بڻجي وينداسي هڪ مزهيا انداز ۾ ڊاڪٽر چيو ته وزارتن جا مزا ڇڏڻ ڪنهن کي ٿا اچن پر مون سنڌه جي خاطر سڀ ڪجه قربان ڪيو آهي
     
  3. رشيد

    رشيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2011
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

    ادا واقعي ذوالفقار مرزا حقيقي حُسيني هجڻ جو ثبوت ڏيئي ڇڏيو ۔۔۔۔۔۔۔ قدم وڌايو مرزا ۔۔۔۔۔۔۔ اسان اوهان سان گڏ آهيون ۔۔۔۔۔۔۔جيو مرزا۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

    جي سائين بلڪل ۔
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

    ادا ممتاز ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو سچ آهي ۽ چوندا آهن ته سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙي جي منهن ۾ ڌوڙ۔۔۔۔ سائين اوهان جي ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات ٿي هوندي بلڪل پر جاني اسان کي اڃان تائين اهو شرف حاصل ناهي ٿيو۔۔۔۔ بس دعا ڪيو ته جلد ئي حاصل ٿي وڃي۔۔۔۔

    .....................................

    مهرباني ادا رشيد

    .....................................

    مهرباني ادا رياض حسين گلال
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

    ادا زاهد سومرا الجميلي سنڌ جي موجوده وقت جي دودي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڀلو قران مجيد ائين ته مٿي ڪونه کنيو هوندو۔ مونکي ته موجوده پي پي حُڪمرانن جي بي حيا ذهنيت تي شديد ڏُک آهي جو مڪارن، غدارن ، سنڌ جي ازلي دشمنن جڏهن سنڌ جي وزراتن تان گورنر شپ تان استعيفا ڏنيون هيون هُن ڏنڊي ڪونڊي جي موالي وزير اعلى مائي قائمان شاهه اڃان تائين انهن جي استعفى قبول ڪونه ڪئي آهي اڃان تائين پنهنجو مٿو ٽيڪيو انهن کي پنهنجو چڱو مڙس سمجهيو ويٺا آهن جيڪو پنهنجو پنهنجي جيجل ڌرتي جو ڄائو هو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ان جي استعفى قبول ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪئي آهي اڳڙين جي گڏي وزير اعلى۔
    سنڌي سوڍي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جنهن پنهنجو رت ست وهائي پارٽي کي جيئندان ڏنو، جيڪو اڃان تائين سنڌي قوم کي اها اپيل ڪندو وتي ته پيپلز پارٽي جا هٿ مظبوط ڪيا وڃن آصف زرداري جا هٿ مظبوط ڪيا وڃن ، سنڌ جي ماڻهن جا هٿ مظبوط ڪيا وڃن ان کي پڇ لوڏائو بي حيا وڏيرا الائي ڇا ڇا چئي رهيا آهن۔ انهن کي پنهنجي سٿ مان ٻاهر ڪڍي بي اصولي بي حيائي جا مرتڪب ٿي رهيا آهن باقي ايم ڪيو ايم وارن جن ساري عمر سنڌ جي وسيلن تي سنڌي ماڻهن سان پنهنجي ظلمت جا جبل ٽوڙيا آهن جيڪي جڏهن به اٿندا آهن شهيد ڀٽو، ۽سنڌ راڻي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جون ڪردار ڪشيون ، سنڌي ماڻهن جو قتل عام، پيپلز پارٽي کي مُلڪ دُشمن چوڻ ۾ اڳي کان اڳرا هوندا آهن جيڪي سدائين پيپلز پارٽي وارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو ڪو موقعو پنهنجي هٿن مان نه وڃائيندا آهن آخر ڪهڙو سبب آهي جو انهن کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهيو، انهن کي پنهنجي گلي سان لڳائي رهيا آهن جيڪي هر ڏُک هر سردي گرمي ۾ پارٽي سان ساٿ هُئا انهن کي دور دڪي رهيا آهن، اسين سڀ سنڌ واسي اهو سمجهون ٿا ته ڪوڙي ۽ مڪروه ٺاهه جنهن جو بنياد ئي مڪر ۽ ٺڳي تي هُجي نام نهاد امن جي نالي سان بي حيائي تي هجي اهو اسان جي سنڌ امڙ سان ويساهه گهاتي کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي، اسان جي سنڌ سان غداري کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي۔ ڊڄو پيپلز پارٽي وارو جن جي آسري تي لڳي، پنهنجي پرين پيارن کي توهان ڌڪي رهيا آهيو، بجاءِ ظالمن ۽ مڪارن جي علائقن جي آپريشن ڪرڻ جي پنهنجي ئي علائقن جي ماڻهن جي جن ساري عمر غمين ۾ سردين ۾ پيپلز پارٽي جا ساٿ ڏنا آهن انهن ماڻهن جي علائقن ۾ آپريشن ڪرائي رهيا آهيو، سنڌين جي علائقن ۾ آپريشن ڪرائي رهيا آهيو جن جو ڏوهه صرف اهو آهي ته هنن سنڌ سان توهان جي ويساهه گهاتين کي وائکو ڪيو آهي۔ ظالم حُڪمرانو اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن توهان واپس سنڌين جي درن تي ايندا، اتي توهان پڪ ڄاڻجو اهي ايم ڪيو ايم وارا توهان جو ساٿ ڪونه ڏيندا۔ اهو توهان جا نام نهاد امن وارا ٺاهه ڪم ڪونه ايندا۔ پوءِ سنڌي قوم جي جوتن لاءِ تيار ٿي وڃجو، سنڌي قوم جڏهن توهان کي مسند اقتدار تي ويهاري سگهي ٿي ته ڳچيءَ مان جهلي توهان کي اقتدار جي ايوانن مان لوڌي به ڪڍي سگهي ٿي۔ سلام آهي سنڌي سوڍي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي جنهن سنڌي قوم جو ڳاٽ اونچو ڪيو آهي بدنام زمانه سنڌ جي ازلي دشمنن کي للڪاري۔



    اسان کي خبر هُئي

    پکن کي پتو هو، اسان کي خبر هُئي !
    اُگهاڙيون انڌاريون سڏن کي لَڪينديون،
    غليظي غداريون وطن کي ڪکينديون،
    گُلن جي پنن کي چتائون چٽينديون،
    فريبي نگاهون ننگن کي تڪينديون،
    صدين جو سڳندون ڇڏيندا کُٽائي،
    هِي وحشي حُسن کي ڇڏيندا لُڻائي!
    ڪکن کي پتو هو ، اسان کي خبر هُئي،
    هي جابر هِي قاتل هوائون گُهٽيندا،
    هِي بد ذوق باندر پُڇائون لُٽيندا،
    جهالت جا بي واس نعرا لڳائي،
    هِي نياڻيون اسان جون وڍيندا ٽُڪيندا،
    هِي رهزن ڇڏيندا جوانيون ڪُهائي،
    هي جاهل اُلرندا ڏيئن کي اُجهائي،
    اڪن کي پتو هو، اسان کي خبر هُئي،
    هِي چوندا جُهڪائي مٿن کي هلو ڙي،
    هِي چوندا نه لوڏي هٿن کي هلو ڙي،
    هِي چوندا نه ڪاڪُل چپن تي رکو ڙي،
    هِي چوندا نه پائي کٿن کي هلو ڙي،
    اسان کي خبر هُئي ته اعلان ٿيندا،
    دلين کي ڏڪائڻ ڪي شيطان ايندا،
    تڏهن ڪنهن به ٽاڻي نه ننڊون ڪيونسين،
    سوين خواب ڇاڻي نه ننڊون ڪيونسين،
    نه ٽهڪن ڏيڻ جي رهي آهي موسم،
    اهو درد ڄاڻي نه ننڊون ڪيونسين،
    پرين پر گهڻن کي ڇڏيوسين ٻُڌائي،
    متان هٿ پنهنجو ڪو هٿ مان ڇڏائي،
    ڏسو عشق پنهنجو متان ڪو لڄائي ،
    اچو سج ڳوليون انڌيرو هٽائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!
    (ايوب کوسو)
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

    سائين محترم ڪهڙيون ٿا ڳالهيون پڇو۔۔ اصل اندر سڙي رک ٿي ويو آهي۔۔۔ سنڌ جو واحد اهو سپوت آهي جنهن قاتل جماعت کي قاتل ئي چيو آهي۔۔۔ مان ته اهو ٿو پڇان انهن سنڌي قومپرستن کان جن اڃان تائين ڊاڪٽر صاحب جي حق ۾ ڪو نعرو نه هنيو آهي۔۔۔ڇو؟؟؟؟؟ ڊاڪٽر صاحب جي ايڏي وڏي قرباني ڏيڻ کانپوء به قومپرست رهنما اڳتي هجڻ بجا پوئتي نظر ٿا اچن۔۔۔۔ ڇا اهي اهو سمجهي رهيا آهن ته متان ڊاڪٽر صاحب اسان قومپرستن جماعتن جي جڳهه نه ولاري؟؟؟؟ يا وري اهو سمجهندا هوندا ته ڪٿي سنڌين جي دلين ۾ پيدا ٿيل جيڪا عزت انهن جي لاء آهي۔۔۔ ڪٿي ڊاڪٽر صاحب جي لاء نه پيدا ٿي پوي ۽ ائين هو پوئتي رهجي وڃن۔۔۔۔ آخر مسئلو ڪهڙو آهي۔۔۔ پي پي پي واران جي ته پوء ڳالهه ڪيو پهريان ته قومپرستن کان پڇو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

    سائين بلڪل اوهان صحيح پيا فرمايو۔
    وسلام
     
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

    ادا ڏاڏل شينا صاحب، ڏنل جواب ۾ اوهان ڪنهن سان مخاطب آهيو ٿورڙو واضح ڪجو
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

    مهرباني ادا زاهد ۔۔۔۔۔۔۔

    اهم خط آهي جنهن تي تحقيقات جي ضرورت آهي پر خبر ناهي ڇو پ پ پ حڪومت اڃان به مفاهمت واري پاليسي تحت ايم ڪيو ايم سان چنبڙيل آهي۔
     
  11. محمد عالم

    محمد عالم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 جون 2010
    تحريرون:
    50
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    انشورنس
    جواب: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

    سڀ صحيح ٿا چئو پر اسان جي حڪمرانن کي ڪھڙي پرواه، خبر تڏھن پوندن جڏھن ھمراه پٽ تي ڦھڪو ڪندا۔آئون ڊاڪٽر صاحب کي سلام ٿو ڪريان جنھن سچ چوڻ کان ڪين نه گھٻرايو۔ ھاڻي پاڻ سڀ ڏسون پيا ھمراھن جي ھوا نڪرڻ شروع ٿي وئي آھي۔ ھڪ دڙڪي منھن بند ڪري ڇڏيا آھن ، جي سڀ گڏجي ھڪ ٿي آواز اٿارين ته ڇا کپي!!!!!!!!!!!!!!
     
  12. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچ جو هڪ ثبوت منظر عام تي اچي چڪو آهي

    ادا اها اسان جي پنهنجي سستي آهي ته اسان اڃان تائين ماٺ ۾ آهيون اسان کي هڪ ٿيڻ لاءِ گهر گهر رفرنڊم ڪرائي سنڌ واسين ۽ اسان جي قوم پرست پارٽين کي جاڳائڻو پوندو ته جاڳو اي قوم پرستو پنهنجي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جيجل ماءُ جي هنج کي بچايو اهي گدڙ ڳهي نه وڃن اسان سنڏين ۽ سنڌ کي سدا جيئي هي سنڌ هميشه۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو