• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محمد بن قاسم رح بابت غلط فهمين جو تحقيقي جائزو

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
محمد بن قاسم رح بابت غلط فهمين جو تحقيقي جائزو۔

محمد بن قاسم رح سنڌين لاءِ هڪ عظيم شخصيت رهي آهي . محمد بن قاسم جي ذريعي سنڌ ڪفر ۽ بت برستي مان ڦري ، دار الاسلام جي صورت اختيار ڪئي . سنڌ ۽ سنڌين تي محمد بن قاسم جا ايترا ته اڻ ڳڻيا آحسان آهن ، جو سنڌي ماڻهو قيامت تائين سندس احسانن کي وساري نه سگهندا ، محمد بن قاسم جي ذريعي سنڌي اهڙي تهذيب جا حامل ۽ علمبردار بڻيا ، جيڪا نوراني ۽ ملڪوتي تهذيب آهي ، جنهن تهذيب سنڌي ماڻهوءَ کي ڌرتي تان کڻي آسمان تائين پهچائي ڇڏيو ۽ تاريخ ۾ سنڌ ۽ سنڌين جو نالو پاڪيزه تهذيب جي علمبردارن جي حيثيت سان روشن ڪيو . محمد بن قاسم جي بدولت سنڌ باب الاسلام بڻجي وئي . محمد بن قاسم جي ڪري سنڌ ۾ علم ۽ ادب جا وهڪرا وهڻ لڳا ۽ روحانيت۽ معرفت جي دريا پلٽجڻ لڳا .

محمد بن قاسم سنڌ کي جنهن تهذيب سان آشنا ڪيو ، انهيءَ تهذيب سنڌ ۾ لکين بزرگن ، فاضلن ، عالمن ۽ اهل الله کي جنم ڏنو . سڀ کان وڏي ڳالھ اها ته محمد بن قاسم جي ذريعي سنڌين جي فڪر ۽ نظر جو رخ تبديل ٿيو ، وحدانيت ، رسالت ۽ آخرت جو عقيدو سنڌي فڪر جو بنياد بڻجي ويو . اهڙي طرح محمد بن قاسم سنڌين کي دنيا ۽ آخرت ٻنهيءَ جهانن ۾ نجات ۽ ڪاميابي جي واٽ ڏيکاري . اهڙي عظيم شخصيت جي احسانن جو ڪهڙو شمار ڪري سگهجي ٿو . قدر شناس قومون پنهنجي محسنن کي دلين ۾ سانڊينديون آهن . محمد بن قاسم جي آندل پيغام ، فڪر ۽ تهذيب 13 سو سالن تائين سانڍي ، يقينن سنڌين پنهنجي محسن جو حقيقي قدر ڪيو آهي .
محمد بن قاسم جي آمد جي ڪري هندو تهذيب بدران عالمي اسلامي تهذيب جو حصو بڻجي وئي . ان ڪري چچ جي دور حڪومت کان وٺي سنڌ کي هندو تهذيب ۾ جذب ڪرڻ جو جيڪو عمل شروع ٿيو هو ان کي ڪاپاري ڌڪ لڳو . هندو تهذيب جي علمبردارن کي يقين هو ته
محمد بن قاسم جي هٿان جنهن اسلامي تهذيب کي مان مرتبو مليو آهي ، هندن جي هٿان جلد ئي هن تهذيب کي ڀڃڻو پوندو پر سندن آرزو آرزو ئي رهي ۽ اسلامي تهذيب 13 سو سالن تائين سنڌ ۽ سنڌين جي مزاج جو حصو بڻجي وئي . هندستان جي تقسيم کان پوءِ پاڪستاني حڪمرانن جي غلط سياسي فيصلن مان فائدو وٺندي پهريون دفعو هندو تهذيب جي حامين کي اهو وجه مليو جو انهن محمد بن قاسم ۽ اسلامي تهذيب تي سڌو سئنون حملو ڪري ڏنا .
هوئين ته اها هڪ تاريخي حقيقت آهي سنڌ ۾اسلامي تهذيب کي هندو تهذيب جي علمبردارن جي پاران پهرين ڏينهن کان وٺي جيڪو چيلنج مليو هو تاريخ جي مختلف دورن ۾ اهو چيلنج برابر موجود رهيو ۽ هندو ذهن هميشه اسلامي تهذيب کان پنهنجي ترقي ۽ واڌ ويجه لاءِ خطرو پئي تصور ڪيو . هن ڪري هندو تهذيب جي علمبردارن سنڌ ۾ مسلسل اهڙي حڪمت عملي اختيارڪئي ، جنهن سان اسلامي تهذيب ڪمزور ٿئي ۽ هندو تهذيب کي غلبو حاصل ٿئي پر اسلامي تهذيب جي امتيازي نشانن ۽ مسلمانن جي سياسي قوت ۽ سنڌي بزرگن جي اختيار ڪيل روادارانه ، حڪمت ۽ ڏاهپ تي ٻڌل پاليسي سبب هندو تهذيب جي علمبردارن کي هن ڏس ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي . پر پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ ڪن مايوس دانشورن جي ردِ عمل واري نفسيات مان فائدو وٺي هندو تهذيب جي علمبردارن پهريون دفعو محمد بن قاسم جي شخصيت ۽ اسلامي تهذيب تي سڌو سئنون حمله ڪري ڏنا ۽ محمد بن قاسم کي ڍاڙيل ۽ ڊاڪوءَ جي حيثيت سان پيش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي
وئي .
محمد بن قاسم جي شخصيت تي ايڏي وڏي حملي ڪرڻ جو مقصد صرف هڪڙو آهي اهو اهو ته جئين ته محمد بن قاسم سان اسلام ۽ اسلامي تهذيب جو گهرو تعلق آهي ان ڪري جيسيتائين محمد بن قاسم جو تقدس موجود آهي تيسيتائين سنڌي ماڻهن کي اسلامي تهذيب کان هٽائي ، هند جي بت پرستارن جي تهذيب جي رنگ ۾ رنگڻ مشڪل آهي . جئين ته مقصد اسلام جي امتيازي نشانن کي ختم ڪري ، هندستان جي هندي تهذيب لاءِ حالتون سازگار بڻايون آهن ، هن ڪري محمد بن قاسم جي ذات ۽ شخصيت تي حملو ڪري سندس تقدس ۽ احترام کي ختم ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو . هن مقصد لاءِ ”چچ نامي“ جي ڪن ڄڙتو روايتن جو سهارو ورتو ويو ان کي بنياد بڻائي محمد بن قاسم ۽ اسلامي تهذيب جي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا . اهڙي طرح نئي نسل ۾ اهڙو تعصب پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ تي محمد بن قاسم جو حملو عربن جي وڌندڙ مادي ۽ جنسي جذبن ۽ خواهشن جو نتيجو هو ۽ اسلامي تهذيب عربن جي هوس پرستي ۽ جنسي جذبن جي تڪميل لاءِ هٿيار کان سواءِ ٻِيو ڪجه به ناهي . جئين ته انهيءَ مقصد لاءِ ”چچ نامي “ جي ڃڙتو روايتن کي بنياد بڻايو ويو آهي. ان ڪري اسين هتي ”چچ نامي “ جي انهن روايتن تي سنڌ جي عظيم محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق پيش ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا .
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ادب ، سنڌ جي تاريخ ۽ لطيفيات تي اٿارٽي تسليم ڪيو وڃي ٿو . انهن موضوعن کي ڊاڪٽر صاحب جيڪو ڪم ڪيو آهي ،اهو اهڙو عظيم آهي، جنهن جهڙو ڪم ٻيو ڪو به اديب ۽ محقق نه ڪري سگهيو آهي . ان ڪري اها ڳالھ بنا واڌ جي
چئي سگهجي ٿي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي تاريخ ، سنڌي ادب ۽ لطيفيات وڏي ۾ وڏو ڄاڻو ۽ ماهر آهي ، سنڌ جي تاريخ ۾ سندس نالو هميشه ياد رکيو ويندو آهي .
محمد بن قاسم جي باري ۾ چچ نامي جي روايتن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته چچ نامي اهو اوڻايون هڪ ته غير معتبر مقامي روايتن جي ڪري داخل ٿيون آهن . ٻيو ته چچ نامي جي نسخن جي نقل در نقل سبب ، اسماءِ خاص ۽ واقعات جي سنن ۾ تاريخ ۽ تصحيف ۽ عبارتن ۾ خلل سبب موجود ۾ آيون آهن ۽ ٽيون وري غلبو فارسي مترجم طرفان روايتن جي سلسلن ۾ حذف ڪرڻ رنگين عبارتن واريون طرف توجه ڏيڻ سبب واقع ٿيون آهن . ( ڏسو چچ نامو مقدمو ڊاڪٽر صفحو 33 )

ورتل ؛ محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر هڪ مطالعو هڪ جائزو ( اسلامي ۽ هندي تهذيب جي پس منظر ۾)
 
Back
Top