غربت ڪيئن پيداٿي؟ غربت ڪٿان آئي؟ ڇا ان مرض جو ڪارڻ غريب انسان پاڻ آهي يا اها سندس مٿان زبردستي مڙهي ويئي آهي؟مٿي پڇيل سوال اسان لاءِ ڪي نوان ناهن.اهي سوال هر دور ۾ اڀاريا ويا ۽ آئنده به اڀاريا ويندا. پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن سوالن جا جواب اسان وٽ هوندي به غربت جو خاتمو اڃا تائين ممڪن ٿي نه سگھيو آهي. حقيقت ۾ غربت اسانجي پنهنجي ٺاهيل نظام جي ئي پيداوار آهي.هن نظام ۾ غريب غريب تر ٿيندو ٿو وڃي ۽ امير امير تر.ثابت ٿيو ته هن نظام ۾ ئي ڪٿي نه ڪٿي خرابي آهي.هي اهو نظام آهي جتي غريب کي نه اٽي جو حق آهي نه اجھي جو، تعليم ۽ زندگيء جون ٻيون ضرورتون ته غريب ماڻهوء لاءِ ڄڻ هڪ خواب بڻجي ويون آهن. ڪيتريون ئي سماج سڌارڪ تنظيمون غربت جي خاتمي ۽ سماج ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ ورهين کان سرگرم آهن پر اهو غربت جو جِن اڄ تائين ڪنهن جي به قابوءَ ۾ نه اچي سگھيو آهي.اها غربت ئي آهي جنهن جي ڪري اڄ اسانجي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي. پڙهندڙ شايد اهو سوچين ته غربت جو امن امان سان ڪهڙو واسطو؟ غربت جو امن امان سان بالڪل سڌو سنئون واسطو آهي، جيئن هڪ خالي پيٽ بُکن جي پيڙهيل انسان کي اوهان ٻه وقت ماني ڏيو ۽ هڪ هٿ ۾ ڪو هٿيار ڏيو ته ان ماني جي احسان هيٺ اچي هو ڇا ڇا نه ڪندو.اڄڪلهه پنهنجي چوگرد نظر ڦيرائجي ٿي ته هڪ ئي شهر ۾ ڪيتريون ئي غير سرڪاري تنظيمون غربت جي خاتمي، ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي نعرن سان پنهنجن ڪمن ۾ مصروف آهن، جن مان ڪجهه ته واقعي به پنهنجي پنهنجي ميدانن ۾ سٺو ڪم ڪري رهيون آهن، ان هوندي به اسانجي قوم آخر ايتري ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڇو آهي؟ شايد اهي تنظيمون بس امداد جي انتظار ۾ ئي آهن ته ڄاڻ بس امداد آئي ته وري ڪو نئون ڪارنامو ڪري ڏيکاريون. ۽ جي امداد نه آئي ته بس. وري مثال ڏجي بينڪن جو ته ڪيتريون ئي اهڙيون بينڪون کلي ويون آهن جيڪي مائڪرو ڪريڊٽ جي نالي سان غريب غربي جي مدد لاءِ مارڪيٽ ۾ اچي ته ويون پر پوءِ به غريب ته اڃا به غريب ئي رهيو. هنن بينڪن حڪومت کي اهو چئي بينڪ کولڻ جي منظوري ورتي ته اسين غريب مسڪين ضرورتمندن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ آسان قسطن تي قرض ڏيئي بس اِجھا ٿا خوشحالي آڻيون. پر اها ڪنهن کي خبر آهي ته سندن قائدا قانون ڪهڙا آهن. سندن قائدن قانونن تحت قرض وٺڻ جو اهل فقط اهو آهي جيڪو هڪ سال کان پنهنجو ڪو نه ڪو ڪاروبار هلائي رهيو آهي. هاڻ هنن کان ڪير پڇي ته جيڪو هڪ سال کان پنهنجو ڪاروبار هلائي رهيو آهي ڇا اهو واقعي غربت جي طع ٿيل زمري ۾ اچي به ٿو يا نه؟حقيقت ته اها آهي ته بينڪنگ جي اصولن تحت غريب ماڻهو قرض وٺڻ جو اهل ئي ناهي. اهو ته طع آهي ۽ ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته هي نظام غريب ماڻهوءَ کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪارا ٿي چڪو آهي.تنهنڪري هاڻ اسانوٽ ضرورت آهي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي. هن نظام ۾ تبديلي صرف ۽ صرف ڪنهن انقلاب سان ئي اچي سگھي ٿي. اهڙو انقلاب جيڪو ملڪ جي موجوده بدتر کان بدتر معاشي صورتحال کي بدلي ڇڏي. اهڙو انقلاب اسان وٽ اچي نه اچي پر اهڙي انقلاب جي شروعات بنگلاديش ۾ اڄ کان چاليهه سال اڳ ٿي چڪي هئي. پڙهندڙ جيڪي ان ڳالهه کان واقف ناهن سي ٿي سگھي ٿو اهو ٻڌي حيران ٿين ته بنگلاديش ۽ انقلاب؟ ته ان ۾ حيرت جي ڪا ئي ڳالهه نه آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ بنگلاديش جي پاڪستان کان عليحدگي کانپوءِ بنگلاديش جا حالات انتهائي ابتر حالت ۾ هئا. تڏهن بنگلاديش ڄائي ڊاڪٽر محمد يونس ان معاشي انقلاب جي ابتدا ڪري ورتي هئي. هي اهو ئي ڊاڪٽر محمد يونس آهي جنهن کي سندس نئين معاشي فارمولي تي 2006ع ۾ امن جي نوبل انعام سان نوازيو ويو.اهو سندس ان جديد معاشي فارمولي جو نتيجو ئي آهي جو اڄڪلهه دنيا جون بهترين ملٽي نيشنل ڪمپنيون بنگلاديش ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. سندس ان نئين طرز جي معاشي ماڊل جو نالو “سوشل بزنس” آهي. اين.جي.اوز هجن يا بينڪنگ جو ميدان هجي، “سوشل بزنس” جي هن نئين فارمولي بنگلاديش جو پراڻو ۽ فرسودا نظام تبديل ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اڄڪلهه ته پوري دنيا ۾ ان نظام کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪوششون هلي رهيون آهن. سوشل بزس ۽ عام بزنس ۾ فرق ڪجھه هن ريت آهي ته عام بزنس ۾ سيڙپڪار صرف اهو ئي سوچي ٿو ته مون هيترا پئسا سيڙايا ۽ مونکي مقرر عرصي ۾ ڪيترو منافعو ٿيو، ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌ ۾ وڌ ڪيترو منافعو ڪمائي سگھجي ٿو ۽ ان بزنس کي اڳي کان وڏو ڪيئن ڪجي جو ٻيڻ تي منافعو ڪمائي سگھجي. ظاهر آهي اهو منافعو صرف ۽ صرف سندس ذات لاءِ ئي آهي، جيڪو عام طور تي هن بزنس جو اهم اصول به آهي. جڏهن ته سوشل بزنس ۾ ان ڳالهه کي ڏٺو وڃي ٿو ته مون هيترا پئسا سيڙايا ته ان سان هيترن ضرورتمندن کي فائدو ٿيو. هي فارمولا سرڪاري توڙي غير سرڪاري سماج سڌارڪ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ اهڙن ڪاروباري ماڻهن لاءِ جيڪي واقعي پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي غربت کان آجو ڏسڻ چاهن ٿا هڪ بهترين فارمولو آهي.ان سان هڪ ته ٻاهرين امداد جو اوسيئڙو به لهي ٿو ۽ پاڻمرادو ئي معاشري جي بهتري لاءِ گھڻو ڪجھه ڪرڻ جو ذريعو پڻ بڻجي ٿو.“سوشل بزنس” جو نالو اچي ۽ “گرامين بينڪ” جو نالو نه اچي ته هن اصطلاح کي سمجھڻ نا ممڪن آهي. 1983ع ۾ ان دور جي پراڻي ۽ فرسوده بينڪنگ سسٽم کان باغي ٿي ڊاڪٽر محمد يونس گرامين بينڪ جو بنياد رکيو. اهو پرا ڻو سسٽم جنهن تحت غريب بينڪ کان قرض کڻڻ جو اهل نه هو ۽ اڄ به ائين ئي آهي. پر گرامين بينڪ جي قائدن ۽ قانون تحت ان بينڪ مان صرف ۽ صرف غريب ئي قرض کڻڻ جو اهل آهي. جنهن قرض مان ماڻهو ڪو نه ڪو ننڍي پيماني تي ڪاروبار ڪري گھٽ ۾ گھٽ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگھي. گرامين بينڪ هڪ فلاحي بينڪ هجڻ جي ڪري جاري ٿيل قرضن تي عام بينڪن جي مقابلي ۾ تمام گھٽ منافعورکي ٿي، جنهن جي ڪري ڪيترائي ضرورتمند فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. مائڪرو ڪريڊٽ ۽ سوشل بزنس جي باني ڊاڪٽر محمد يونس گرامين بينڪ مان نه صرف غريب ماڻهن لاءِ قرض جاري ڪيا پر هن سندس قرضدارن جي ٻارن کي تعليم ڏانهن به راغب ڪيو. گرامين بينڪ مان قرض وٺڻ وقت هڪ شرط جيڪو هر ڪنهن تي لاڳو ڪيو ويو، اِهو هو ته هر قرضدار پنهنجي ٻارن کي تعليم ضرور ڏياريندو. ۽ هن جي چوڻ مطابق اڄ گرامين بينڪ جي سو سيڪڙو قرضدارن جا ٻار اسڪولن،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين به تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. گرامين بينڪ جو بنياد هڪ نان پرافٽ بينڪ جي تحت رکيو ويو. اچرج ۾ پوڻ جهڙي ڳالهه آهي ته بينڪ ۽ نان پرافٽ؟ گرامين بينڪ نان پرافٽ هن ريت آهي ته جڏهن ڪنهن ضرورتمند کي قرض ڏنو ويو ته هڪ ته ان قرض جي وصولي هفتيوار ٿيندي. جيڪي پئسا قرض ڏيئي سيڙايا ويا سي اهڙا جا اهڙا واپس ايندا ۽ انهن ئي پئسن کي ڪنهن ٻئي ضرورتمند کي قرض طور ڏنو ويندو. ان قرض تي جيڪو ٿورو گھڻو منافعو يا بينڪنگ جي اصطلاحن ۾ انٽريسٽ ريٽ ورتو ويو سو واپس انويسٽمينٽ جي طورتي ئي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان مان واضح ٿيو ته ان پئسي جو ڪو انت ناهي. اهو پئسو پيو ضرورتمندن کي ڪم ايندو پيو ريسائيڪل ٿيندو. جڏهن ته صدقي خيرات ۾ ڏنل پيسو ويو سو ويو، اهو پئسو نه پاڻ وٽ واپس ايندو نه ان ضرورتمند وٽ جنهن جي مدد ڪئي ويئي. اهو ئي آهي “سوشل بزنس” ڊاڪٽر محمد يونس جي ايجاد ۽ گرامين بينڪ جو طريقيڪار. کيس گرامين بينڪ جي ذريعي ٿيندڙ ڪيترن ئي فلاحي ڪمن ۽ غربت جي خاتمي ۽ هر غريب تائين تعليم، اٽي ۽ اجھي ۽ ٻين بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ جهڙي عظيم ڪارنامي جي ڪري جڏهن کيس نوبل انعام سان نوازيو ته سڄي دنيا جون نظرون بنگلاديش تي پئجي ويون. اڄ گرامين بينڪ جي شراڪتداري ۾ ڪيتريون ئي ملٽي نيشنل ڪمپنيون “سوشل بزنس” جي تحت مختلف ميدانن ۾ ڪاروبار ڪري رهيون آهن جن مان فائدو نه گرامين بينڪ ٿي کڻي نه ئي اهي ڪمپنيون پر اهو فائدو صرف ۽ صرف غريب ماڻهوءَ کي ئي ٿئي ٿو. اها سيڙپڪاري هڪ نيڪ مقصد لاءِ جاري آهي. هن وقت گرامين بينڪ جي انگن اکرن مطابق گرامين بينڪ جا 60 سيڪڙو اهڙا غريب ماڻهو هئا جن ضرورت تحت قرض کنيا سي اڄ غربت جي زمري کان ٻاهر آهن. تازو ئي ٽُوِٽر تي ڊاڪٽر محمد يونس جي هڪ انڪشاف مطابق ته مائڪرو ڪريڊٽ ۽ سوشل بزنس جي استعمال سان بنگلاديش ۾ هن وقت مجموعي طور تي غربت ۾ چار سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي.ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن ڊاڪٽر يونس کي سندس ان نئين نظام جي لاڳو ڪرڻ لاءِ سندس سهائتا سان اهڙي نوعيت جي بينڪن جي شروعات پڻ ڪري ورتي آهي. 2007 ۾ جنرل مشرف پڻ ڊاڪٽر يونس جي ان بينڪنگ سسٽم مان فائدو وٺڻ لاءِ کيس پاڻ وٽ دعوت ڏني. جنهن تحت پاڪستان ۾ غربت جي خاتمي لاءِ 1991ع کان ڪم ڪندڙ هڪ سرڪاري تنظيم اين_ آر _ايس _ پي نيشل رورل سپورٽ پروگرام ۾ گرامين بينڪ جي نوعيت جهڙيون تبديليون آڻي ان جي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ جوڙجڪ ڪئي ويئي، جيڪا اڄ پوري پاڪستان ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان کان علاوه هڪ ٻيو ادارو پي_پي_اَي_ايف پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ پڻ ان ميدان ۾ گورنمينٽ ۽ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان ڪم ڪري رهي آهي. تنهن کانپوءِ گرامين بينڪ جي ئي سوشل بزنس واري ماڊل تي ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم “ڪَشَف فائونڊيشن” پڻ پنهنجو غربت جي خاتمي لاءِ پوري ملڪ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پر هن فائونڊيشن جي سنڌ ۾ صرف هڪ شاخ ڪراچي ۾ آهي جيڪا ظاهر آهي صرف ڪراچي شهر تائين محدود آهي.مٿي بيان ڪيل صرف ٽي تنظيمون پاڪستان ۾ صحيح معنيٰ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪري رهيون آهن سي ناڪافي آهن، ۽ پنهنجيون پوريون ڪوششون ڪرڻ جي باوجود به غربت گھٽائڻ ۾ پاڪستان کي اڃا ان ليول تائين نه پهچائي سگھيون آهن، جنهن ليول تي صرف هڪ گرامين بينڪ بنگلاديش کي پهچايو آهي. عام بزنس ۾ نقصان جو انديشو ته هر سيڙپڪار کي رهي ٿو پر سوشل بزنس ۾ نقصان جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اهڙا ڪاروباري ماڻهو جن پنهنجي اڻٿڪ محنتن سان پنهنجي ڪاروبار کي ڪٿي کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو تن کي پنهنجي ڪاروبار جو هڪ حصو ضرور سوشل بزنس جي نالي ڪرڻ گھرجي، جنهن سان ظاهر آهي سندن ڪاروبار جي منافعو ڪمائڻ واري حصي تي ڪو به اثر نه پوندو پر مورڳو ئي سندن ڪمپنيءَ جي ڀلائيءَ جي ڪم ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ مشهوري پڻ ٿيندي. سوشل بزنس صرف بينڪن جي قرض ڏيڻ تائين ئي محدود ناهي، پر غريب ۽ پسماندا ڳوٺن تائين نيوٽريشن سان ڀرپور کاڌو پهچائڻ کان وٺي تعليم، ماحول جو تحفظ، صحت ۽ بي روزگاريءَ جهڙن مسئلن کي پڻ هن نظام سان بهتر کان بهتر ڪري سگھجي ٿو.غربت واقعي هڪ وڏو مسئلو آهي پر ان جو حل تمام آسان آهي ۽ غربت جو خاتمو بالڪل ممڪن آهي، غريب ماڻهو پاڻ ئي پنهنجي غربت کان آجي دنيا ٺاهي سگھي ٿو جيڪڏهن ان کي انهن زنجيرن مان آزاد ڪيو وڃي جنهن ۾ کيس اسان جڪڙي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هن وقت ملڪ ۾ موجود ڪيترن ئي اين جي اوز ۽ ڪاروباري ماڻهو سوشل بزنس جي اهميت ۽ معاشري ۾ ان جي پوندڙ مثبت اثرن جي باري ۾ سوچن، ان جي فارمولي کي سمجھن ۽ اجتماعي ڪوششن سان ملي جلي ڪري سوشل بزنس ڏانهن لاڙو ڪن ۽ ان کي هٿي وٺرائن ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسين غربت صرف ميوزمن ۾ سجائي پنهنجي ايندڙ نسلن کي پيا ڏيکارينداسين ته هي هئي غربت. faheemquest@hotmail.com
جواب: غربت جو خاتمو ممڪن آهي۔۔انجنيئر فهيم اختر ميمڻ۔۔عوامي آواز ادا تمام بهترين ۽ معلوماتي آرٽيڪل آهي، ڪوشش ڪندا ڪريو ته ان اخبار جي ڪٽنگ به هتي ڏيندا ڪريو، جيڪا اوهان کي ان اخبار جي ويب سائيٽ تان آرام سان ملي ويندي۔۔۔ مٿئيون آرٽيڪل عوامي آواز اخبار جي اندر جنهن تاريخ تي ڇپيو آهي ان تاريخ موجب ڪٽنگ هتي هڻي سگهو ٿا۔۔۔۔۔ غريب تيستائين غريب رهندو جيسيتائين اميرن کي نوازيندڙ پاليسيون ختم نه ٿينديون، پوءِ چاهي اهي بينڪنگ سيڪٽر ۾ هجن، بزنس سيڪٽر، اين جي او يا وري ڪنهن عام فيڪٽري جي انتظاميا مطابق۔۔۔۔۔
جواب: غربت جو خاتمو ممڪن آهي۔۔انجنيئر فهيم اختر ميمڻ۔۔عوامي آواز لک لائق سائين۔۔ڪٽنگ ۽ تاريخ لڳائي ڇڏي آهي ادا۔۔ ..................................... ۽ ادا آئون سمٍجهان ٿو ته غربت تيسيتائين ختم نه ٿيندي جيسيتائين اسين ٻين جا محتاج رهنداسين۔۔
جواب: غربت جو خاتمو ممڪن آهي۔۔انجنيئر فهيم اختر ميمڻ۔۔عوامي آواز۔۔03۔09۔2011 سوشل بزنس بابت پڙهندڙن جا رايا ۽ سوال هن سبجيڪٽ کي وڌيڪ سمجهڻ لاء مفيد ثابت ٿي سگهن ٿا۔ پڙهندڙن کي اها درخواست ڪجي ٿي ته پنهنجي راء ضرور پيش ڪن۔۔۔
جواب: غربت جو خاتمو ممڪن آهي۔۔انجنيئر فهيم اختر ميمڻ۔۔عوامي آواز۔۔03۔09۔2011 سب کان وڏي ڳالھ آهي ڪفايت شعاري ، اسان جا فالتو خرچ به وڏو سبب آهي ، مون کوڙ سارا گهراڻا ڏٺا آهن جنهن جو آمدني گهٽ آهي پر هنن جا اخراجات گهڻا آهن ۔ اسان جو اڄ جو جيڪو ماحول آهي سو گهر جي هر فرد وٽ موبائيل هجڻ ضروري ٿي پيو آهي جيڪر ڏٺو وڃي ته هڪ موبائيل سان به ضرورت پوري ٿي پئي سگهي ، اهڙي نموني کوڙ ساريون شيون ٿي سگهن ٿيون ، مثلن هوٽل وڃڻ ، سگريٽ پيئڻ وغيره ۔ سو ادا ڪفايت شعاري اهڙي شئي آهي جنهن جي تائيد پڻ نبي ڪريم ﷺ جي حديثن ۾ آئي آهي ۔ اسان کي گهرجي ته هن ڳالھ ڏانهن توجه ڏيون
جواب: غربت جو خاتمو ممڪن آهي۔۔انجنيئر فهيم اختر ميمڻ۔۔عوامي آواز۔۔03۔09۔2011 ادا افتخار صاحب اوهان ان طبقي جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيو جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ٻه وقت ماني جا کائي سگهن ٿا۔۽ جيڪو موبائل وٺي سگهي ٿو ۽ هوٽل وڃي سگهي ٿو سو غريب نه آهي ادا۔۔۔اوهان پنهنجي سوچ کي ٿورو اڃا هيٺ کڻي ايندئو ته هڪ طبقو اوهان کي اهڙو ملندو جن وٽ موبائل،سگريٽ ۽ هوٽل وڃڻ ته ٺهيو پر اهي ڇت کان به محروم آهن۔۔سو هن آرٽيڪل ۾ ڳالهه هلي رهي آهي ان طبقي جي، جيڪي اٽي،لٽي ۽ اجهي لاء به محتاج آهن۔۔ها جيڪڏهن اوهانجي ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو هو ته موبائل ،سگريٽ ۽ هوٽلن جو خرچ بچائي انهن ضرورتمندن جي مدد ڪئي وڃي ته پوء آئون اوهان جي ان ڳالهه سان متفق آهيان۔۔۔لک لائق
جواب: غربت جو خاتمو ممڪن آهي۔۔انجنيئر فهيم اختر ميمڻ۔۔عوامي آواز۔۔03۔09۔2011 سائين محترم اوهان جي مضمون جي ڪافي ڳالھين ۾ بحث ڪري سگهجي ٿو ، پر بحث کان پو اصل موضوع فوت ٿيڻ جو ڊپ جي ڪري گهڻي گهرائي ۾ نه وڃڻ جي ڪوشش ڪري مون ٻه لفظ لکيا هئا ، ادا محترم اوهان شروع ۾ جيڪا تمهيد ٻڏي آهي منهنجي نظر ۾ صحيح نه آهي ، اميري غريبي اهي سڀ اسان جون پيداوار نه آهن هي قدرت جو اصول تحت وراست آهي جن سان الله تعالى ٻانهن کان هن بابت آزمائش وٺندو آهي ۔ باقي اصل ڳالھ اها آهي ته غريبن کي ڪئين رليف ڏجي سو اهو درس اسلام ۾ ملي ٿو ، پر هتي ملڪ ۾ نه اسلام جو نفاد آهي نه ئي فردن فردن اسان پنهنجي اسلامي ذميداريون ادا ڪريون ٿا ، اهي صدقه ، اهي زڪوات ، اهي عشر اهي بيت المال وغيره سڀ هنن غريبن لا ته اسلام مهيا ڪيا آهن ، پر هتي ڪواسلامي قانون نه آهي ۔ دوست قدرت جي نظام کي تبديل ڪرڻ اسان جي وس ۾ نه آهي ها هنن غريبن جي سهائتا لا اسان کي ضرور مدد ڪرڻ گهرجي ، والسلام عليڪم
جواب: غربت جو خاتمو ممڪن آهي۔۔انجنيئر فهيم اختر ميمڻ۔۔عوامي آواز۔۔03۔09۔2011 ادا اوهان بالڪل صحيح پيا چئو۔پر جي فقط اسلام جي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه جي ترقيافته ملڪن مان ڪيترن ۾ اسلام آهي؟ باقي رهي ڳالهه تمهيد جي غلط يا صحيح هجڻ جي ته ان لاء عرض ڪندو هلان ته اوهان جي نفِي جو جواب اوهانجي هن آخري ڪمينٽ ۾ ئي آهي۔۔جيڪڏهن اهو تاثر ڏنو ويو ته اسان پنهنجي ذميواري به پوري نه ٿا ڪيون،صدقو زڪوات به نه ٿا ڏيون ته پوء غربت جو ذميوار ڪير ٿيو؟ ۽ سائين پاڪستان جو بينڪنگ سسٽم يا معاشي سسٽم ڇاڪاڻ جو قدرت جي طرف کان ناهي سو ان کي تبديل ڪري سگهجي ٿو، ۽ انکي تبديل ڪرڻ لاء ئي سوشل بزنس ڪارآمد آهي، باقي قدرت جي نظام کي ڪير تبديل نه ٿو ڪري سگهي واقعي۔خوش رهو آباد رهو،،الله سائين اوهان کي آسانيون عطا ڪري ۽ آسانيو ونڊڻ جي توفيق عطا ڪري۔آمين
جواب: غربت جو خاتمو ممڪن آهي۔۔انجنيئر فهيم اختر ميمڻ۔۔عوامي آواز۔۔03۔09۔2011 تحرير جي جواب ڏيڻ لا آئون اوهان جو ٿورائتو آهيان ، هر ڳالھ تي تبصرا ۽ رايا ڏيڻ گهرجن تانته مسئلي جي صحيح نوعيت ۽ هن لا سهڻو ۽ صحيح حل ڳولهي سگهجي ،جئين ته آئون اسلاميات سبجيڪٽ جو طفلِ مڪتب آهيان تنهن ڪري مسئلي کي هن ئي رهنمائي ۾ حل گولهڻ جو سعيو ڪندس ۽ مون ائين ڪيو پئي ۔ دوست جيڪي هن شعبي ۽ سوشل بزنس ۾ مهارت رکن ٿا هنن کي ضرور هن مسئلي لا رايا ڏيڻ گهرجي تانته مسئلي جو درست حل ڪڍي سگهجي ۔ دوست فهيم هڪ ڀيري وري به اوهان جي مهرباني ۔