• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رخسانه پريت پنهنجو به پريت نعرو ڌرتي يا دار آهي (غزل) رُخسانه پريت

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ جڏهن پنهنجا ڌار ٿين مڪاري ، عياري ۽ غداري انهن جي مڪروهه چهرن تا بکي ، تڏهن ساڃاهه وند ماڻهن جي اندر ۾ وڍ پوڻ فطري آهي ۽ فطرت جي رنگن جي حسين شاعره سانئڻ رُخسانه پريت به شايد اهڙي ڪنهن جِي ءُ جهوريندڙ ماحول کان لازمي متاثر نظر اچي رهي آهي ۽ پنهنجي قلم کي ساکي بنائي پنهنجي تخيل جي اُڏار ذريعي اهڙي مدي خارج ماحول کي وائکو ڪري ننڌي رهي آهي، سندس تخيل جي هن خوبصورت رنگ کي غريباڻا چترڪاري جا رنگ ڏيئي ت...وهان سڀني د...وستن سان ونڊي رهيو آهيان ، توهان جي پرخلوص راين جو شدت سان منتظر رهندس​


غزل
رُخسانه پريت

پنھنجو ٿي ڌار آھي
ڪيڏو عيار آھي

ڌرتي وڍڻ ھليو آ
ٿي پيو غدار آھي

ھر با ضمير لڇيو
ٽوڙيو حصار آھي

پيا ديس واسي جاڳي
ٿيو شر مسار آھي

ٽانڊا اکيون ٻرن ٿيون
من بيقرار آھي

ڇو سنڌ چوندي ھن جو
اٽڪيو اچار آھي

انڌ جي چڙھيو آ گھوڙي
جو بي مھار آھي

پنھنجو به پريت نعرو
ڌرتي يا دار آھي​


313995_10150309965508216_794048215_7957186_7510972_n.jpg
 
جواب: پنهنجو به پريت نعرو ڌرتي يا دار آهي (غزل) رُخسانه پريت

پنھنجو ٿي ڌار آھي
ڪيڏو عيار آھي

ڌرتي وڍڻ ھليو آ
ٿي پيو غدار آھي

ھر با ضمير لڇيو
ٽوڙيو حصار آھي

محترم سائين نثار ناز صاحب يقينن سنڌي ماڻهن جي اها فطرت آهي ته هو پنهنجي هر ان ماڻهون جي
خلاف ٿي ويندو آهي
جيڪو سنڌ امڙ جي لا ڪنهن به قسم جي ڪوجهي سوچ رکندو هجي يا اهڙي سوچ رکندڙن جو حامي ٿئي ان کي به سنڌ ويري سمجهن ٿا۔۔۔

محترمه رخسانه پريت جو هي غزل به اهڙي سوچ جي عڪاسي آهي۔ لفظن ۾ ڪاوڙ ڀرئي معيار ۽ ديس دشمني جا مهڻا آهن
ڌرتي تي مشڪل ڏسي هيان جي لُڇَ جي ترجماني ڪئي ويئي آهي۔۔ روح کي جهنجهوڙيندڙ شاعري مٿان موهيندڙ ڊزائين۔۔۔
اهڙي بهترين ونڊ پيش ڪرڻ تي سائين نثار ناز جا لک ٿورا۔۔۔






.
 
جواب: پنهنجو به پريت نعرو ڌرتي يا دار آهي (غزل) رُخسانه پريت

محترم سائين نثار ابڙو صاحب يقينن سنڌي ماڻهن جي اها فطرت آهي ته هو پنهنجي هر ان ماڻهون جي
خلاف ٿي ويندو آهي
جيڪو سنڌ امڙ جي لا ڪنهن به قسم جي ڪوجهي سوچ رکندو هجي يا اهڙي سوچ رکندڙن جو حامي ٿئي ان کي به سنڌ ويري سمجهن ٿا۔۔۔

محترمه رخسانه پريت جو هي غزل به اهڙي سوچ جي عڪاسي آهي۔ لفظن ۾ ڪاوڙ ڀرئي معيار ۽ ديس دشمني جا مهڻا آهن
ڌرتي تي مشڪل ڏسي هيان جي لُڇَ جي ترجماني ڪئي ويئي آهي۔۔ روح کي جهنجهوڙيندڙ شاعري مٿان موهيندڙ ڊزائين۔۔۔
اهڙي بهترين ونڊ پيش ڪرڻ تي سائين نثار ناز جا لک ٿورا۔۔۔






.

ادا عمران درويش! يار واقعي به درويش آهين يا وري هينئر ننڊ جا خمار اٿئي۔۔۔ سائين نثار ناز کي نثار ابڙو طور مخاطب ڪري ويٺو آهين۔۔
بابلا لڳي ٿو اڄ ڪلهه اڳواڻن جي بيان بازين ۽ اوچتي تجزين جي ڪري تنهنجي ڊيوٽي سخت آهي ۽ ڪم جو لوڊ مڙئي وڌي ويو آهي۔۔ ڪنٽرول يار ڪنٽرول۔۔۔ ننڊ کي به ٽائيم ڏي
 
جواب: پنهنجو به پريت نعرو ڌرتي يا دار آهي (غزل) رُخسانه پريت

محترم رخسانه پريت جي بھترين شاعري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اوھان جي هميشه جيان لاجواب چترڪاري۔
 
جواب: پنهنجو به پريت نعرو ڌرتي يا دار آهي (غزل) رُخسانه پريت

ادا عمران درويش! يار واقعي به درويش آهين يا وري هينئر ننڊ جا خمار اٿئي۔۔۔ سائين نثار ناز کي نثار ابڙو طور مخاطب ڪري ويٺو آهين۔۔
بابلا لڳي ٿو اڄ ڪلهه اڳواڻن جي بيان بازين ۽ اوچتي تجزين جي ڪري تنهنجي ڊيوٽي سخت آهي ۽ ڪم جو لوڊ مڙئي وڌي ويو آهي۔۔ ڪنٽرول يار ڪنٽرول۔۔۔ ننڊ کي به ٽائيم ڏي

ابا مست شاعري ۾ گم ٿيل هيس۔۔۔ پر اقتباس ۾ هيٺ ڏس نالو بروبر لکيو آهي۔۔
ابا ترميم ٿي چڪي آهي اهو اقتباس ته ختم ڪر۔۔۔
 
جواب: پنهنجو به پريت نعرو ڌرتي يا دار آهي (غزل) رُخسانه پريت

ڇو سنڌ چوندي ھن جو
اٽڪيو اچار آھي

انڌ جي چڙھيو آ گھوڙي
جو بي مھار آھي

پنھنجو به پريت نعرو
ڌرتي يا دار آھي


محترمه رخسانه پريت پنهنجي ئي نه پر سموري سنڌ جي احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندي انهن احساسن کي لفظن جو روپ ڏئو آهي۔ تمام سٺي شاعري ۽ سائين نثار ناز جي لاجواب شيئرنگ ۽ بهترين ڊزائئنگ۔
 
جواب: پنهنجو به پريت نعرو ڌرتي يا دار آهي (غزل) رُخسانه پريت

تمام لاجواب ونڊ
مهربانيون سائين۔۔۔
 
Back
Top