سنڌ ۾ عوامي قوم پرستيءَ جو جنم: اسد چانڊيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    6 جون 1982ع تي ڀارتي انٽيليجنس جي اعليٰ عملدار ايس ڪي ڀاٽيا ذريعي ڀارت سان ناتا جوڙڻ ۽ 11 جون 1982ع تي ايس ڪي ڀاٽيا جي مانَ ۾ اي پي ايم ايس او طرفان دعوت ڪرڻ کان پوءِ پرڏيهي طاقت جي هٿ ۾ اچي وڃڻ تي بي انتها خوش، الطاف حسين 11 جون 82ع تي ئي ڪراچي جي ٻن ارب پتين آغا حسن عابدي (بي سي سي آءِ) ۽ مصطفيٰ گوڪل سان ملاقات بعد سوچي نه سگهڻ جيتري دولت ۽ طاقت حاصل ڪري ورتي هئي. 28 سالن تائين لڳاتار ڏيهي ۽ پرڏيهي هٿن جو هڪ جهڙو دادلو رهندڙ الطاف حسين، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي مٿان آمريڪي ۽ برطانوي ايجنٽ هئڻ، ملڪ جي خاتمي لاءِ ساڻن هر سازش ۾ شامل هئڻ سان گڏ سندن ئي اشاري تي ڪراچيءَ ۾ رتوڇاڻ ڪرائڻ جي ثبوتن سان آندل حقيقتن جي ترديد به نه ڪري سگهڻ ڪري، پنهنجي منطقي انجام ڏانهن ويندي نظر اچي رهيو آهي.

    مُلڪي سياست ۾ ڀونچال آڻيندڙ ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس جو تجزيو ڪندي، ٽن ڳالهين کي ذهن ۾ رکي سگهجي ٿو:

    (1) مرزا جي اهڙي پريس ڪانفرنس مفاهمت ۾ جڪڙيل پيپلز پارٽيءَ سان بغاوت جو” ذاتي“ اعلان آهي؟.

    (2) مرزا جيڪو ڪجهه به ڪيو آهي، اهو زرداريءَ جي سياسي فيڪٽري مان نڪتل هڪ نئون هٿيار آهي؟.

    (3) مرزا جي بغاوت هڪ ڊرامو نه پر پاڪستان جي رياستي ادارن طرفان ڏيهي ۽ پرڏيهي طاقتن خلاف محاذ کولڻ ۽ انهن جي هٿن ۾ کيڏندڙ قوتن سان فيصلائتي ويڙهه جو اعلان آهي؟.


    مٿي ڄاڻايل ٽنهي سببن ۾ ٻه ڳالهيون هر حال ۾ موجود نظر اچي رهيون آهن: هڪ ڳالهه ته پڌري پٽِ سمجهي سگهجي ٿي، جيڪا آهي متحده کي سڄي ملڪ ۽ دنيا آڏو پرڏيهي طاقتن جي ايجنٽ، دغا باز ۽ دهشتگرد تنظيم ثابت ڪرڻ. جڏهن ته ان جو ٻيو پاسو نه ته ايڏو چٽو آهي، نه ئي ان جو ذڪر مرزا جي سڄي پريس ڪانفرنس ۾ ڪٿي موجود آهي ته. انيڪ نالن ۾ ڪم ڪندڙ قوم پرستن کان سنڌ جي قوم پرستيءَ واري سياست کسي وٺڻ. 28 آگسٽ 2011 جو ڏينهن متحده سان گڏ سنڌ جي بي عمل قوم پرست سياست جو سج لهي وڃڻ ۽ سنڌ ۾ هڪ نئين قوم پرست سوچ جو ٻج ڇٽڻ به چئي سگهجي ٿو. ان سان گڏ ئي، ذوالفقار مرزا سنڌ ۾ ان سياست جو بنياد پڻ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي اسان ڪراچيءَ جي معاملن ۾ مهاجرن ۽ پٺاڻن جيان سنڌين جو ڪردار پيدا ڪرڻ يا ڌُر بڻجڻ جا خواهشمند هئا سين. مستقبل ۾ ڪراچيءَ جي قسمت بابت فيصلا ڪندڙ ڪا به ڌر هاڻي مرزا جي شڪل ۾ سنڌي ڪردار کي آسانيءَ سان نظرانداز نه ڪري سگهي. ان معاملي تي وڌيڪ غور ڪرڻ کان اڳ اچو ته مرزا جي پريس ڪانفرنس جي حوالي سان مٿي ڄاڻايل ٽنهي پاسن کي جاچي وٺون:

    (1) ذوالفقار مرزا جي 28 آگسٽ تي آندل ”انقلاب“ کي جيڪڏهن فقط سندس ذاتي ۽ اهڙو فطري ردِ عمل سمجهيو وڃي، جنهن جو اظهار هو اڳ مختلف وقتن تي اُٻهرائپ سان ڪندو رهيو آهي ته پوءِ، الزامن هيٺ آيل ڌرين لاءِ ڳالهه شايد گهڻي پريشانيءَ واري نه هجي- ۽ ڪجهه ڏينهن بعد حالتون صابڻ جي گجُ جيان ويهي رهن. هڪ ڀيرو اڳ جيان وري روز جي دهشتگردي، ان تي ٿيندڙ نمائشي بيان بازي، هر مهيني معمول مطابق ٿيندڙ هڪ ٻه هڙتالون ۽ انهن ذريعي طاقت جو محور پنهنجن هٿن ۾ هئڻ جي ثابتي ڏيڻ جي ڪوشش، اوچتا رُساما ۽ پوءِ ملندڙ ٻورين ۾ بند لاش، ۽ وري پرچاڻي کان پوءِ منافقت جا ڀاڪر! سڀ ڪجهه ايئن ئي جاري رهندو، جنهن کي اسان سالن کان بيوَسيءَ ڏسي رهيا آهيون.

    سڀ ڪجهه ايئن ئي هئڻ طرف سوچڻ ۾ هڪ وڏي رنڊڪ، مرزا جي تفصيلي پريس ڪانفرنس ۽ بعد ۾ ميڊيا تي آيل سندس موقف بڻجي ٿو. هن ڀيري ذوالفقار مرزا متحده قومي موومينٽ کي فقط دهشتگرد، ملڪ دشمن ۽ پرڏيهي هٿن ۾ کيڏندڙ هڪ پِٺو قرار نٿو ڏي، پر ان سان گڏ هو گذريل ساڍن ٽن سالن دوران ان جو بچاءُ ڪندڙ توڙي طاقت ڏيندڙ قوت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ان قيادت کي قرار ڏئي ٿو، جيڪا گهمي ڦري آصف زرداري کان شروع ٿي، اُن تي ختم به ٿئي ٿي! رحمان ملڪ جيڪڏهن عملي طور متحده قومي موومينٽ جي محافظ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي!، جَي هو دهشتگردن کي پريشانين کان بچائڻ سان گڏ، ڪنهن به غلطيءَ ڪري قانون جي ڦندي ۾ اچڻ تي سرڪاري ادارن جي ڪاوڙ کان بچائڻ، جيل ۾ سهولتون پهچائڻ ۽ ڪنهن نه ڪنهن ريت وري کين آزاد شهري بڻائڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي ته پوءِ سندس اهو ڪم، ملڪ ۾ هر ننڍي وڏي چرپر پنهنجي مرضي مطابق ٿيڻ کي يقيني بڻائيندڙ ايوان صدر ۽ ان جي رهواسي آصف علي زرداري کي بي خبر ۽ لاتعلق رکي ڪيئن ٿو ڪري سگهجي!؟. جي اهو سڀ ڪجهه آصف زرداريءَ جي رضامندي سان ٿي رهيو آهي ته پوءِ، اهو رحمان ملڪ جي ڪنهن به عمل ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ردِ عمل کان پاڻ کي الڳ ڪيئن ٿو ڪري سگهي!؟. ذوالفقار مرزا جو موقف پاڪستان ۾ آمريڪي ارادن، برطانوي تعاون، ان لاءِ استعمال ٿيندر ايم ڪيو ايم ۽ اُن کي بچائڻ لاءِ هر الزام پنهنجي مٿان آڻيندڙ ايوان صدر جي هڪ ئي سازش ۾ ملوث هئڻ جي ثابتي بڻجي رهيو آهي. مرزا جو سامهون آيل موقف، ڪنهن اوچتي آيل سوچ جو بنياد به نٿو چئي سگهجي، جنهن دوران هُن پنهنجي موقف جي ٻين پاسن تي غور ئي نه ڪيو هُجي!، ڇو ته مرزا جي بقول:” هو ڪافي ڏينهن کان نه رڳو آخري رائونڊ جي تياري ڪري رهيو هو، پر ان لاءِ هو پنهنجي خاندان جي وڏن توڙي ننڍن کي به اعتماد ۾ وٺي رهيو هو. ان دوران سندس ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ئي نه هوندي ته، هو پنهنجي ئي پارٽيءَ کي عالمي قوتن جو متحده جيان هڪ جيترو ئي ايجنٽ ثابت ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي!؟، يا ڪنهن سندس ڌيان ان طرف ڏياريو ئي نه هوندو!؟، ايئن ٿيڻ جو امڪان تمام گهٽ نظر اچي ٿو. مرزا کي ايترو به چَريو نه سمجهڻ گهرجي ته، هن ايڏي وڏي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻ جو بنياد، فقط دل جي باهه ڪڍڻ کي بڻايو هوندو!؟“.

    28 آگسٽ تي پريس ڪانفرنس لاءِ پريس ڪلب پهچڻ کان اڳ ئي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين اهو اشارو ڏئي ڇڏيو هو ته، ذوالفقار مرزا آصف زرداريءَ جي مڪمل آشيرواد سان متحده خلاف جنگ جو اعلان ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. اهڙي سوچ رکندڙ حلقي طرفان پنهنجي حق ۾ ٻه دليل ڏنا پيا وڃن (الف) ايم ڪيو ايم هاڻي پنهنجي ڪردار ۾، دوستيءَ ۾، دشمنيءَ ۾،رُسامي توڙي پرچاڻي سميت هر شڪل ۾ ناقابلِ برداشت بڻجي چڪي آهي. جنهن ڪري پيپلز پارٽي ساڍن ٽن سالن تائين ساڻس هر گندگيءَ ۾ گڏ رهڻ بعد” بس، هاڻي گهڻو ٿي ويو“. واري نڪتي تي پهچي چڪي آهي. ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي دٻائن توڙي متحده جي دهشت جي طاقت کي نظر ۾ رکندي، آصف زرداري پاڻ ئي ذوالفقار مرزا کي هڪ باغيءَ جو ڪردار ڏئي، ميدان ۾ لاٿو آهي. جيئن نه رڳو متحده مخالف جوڙيل اتحاد به سندس ئي هٿن ۾ هجي پر متحده سان بيزاري ۽ دهشتگرديءَ خلاف نفرت جي بنياد تي پيدا ٿيندڙ سوچ جون مَهارون به وٽس هجن!، ڇو ته زرداري لاءِ اهو خطرو موجود آهي ته دهشتگردي خلاف سماج ۾ پيدا ٿيل اهڙي سوچ، پيپلز پارٽيءَ جي بدترين ڪردار ڪري، ان سان گڏ بيهڻ بجاءِ مخالف پاسي هئڻ کي ئي پسند ڪندي.

    (ب) هميشه غلط فيصلا ڪرڻ جي مضبوط روايت رکندڙ پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت، اڌ رات جو گورنر هائوس ۾سنڌ جو انتظامي ورهاڱو ڪرڻ جي غداري تي ڀلي شرم سار نه هجي، پر اهڙي فيصلي خلاف سنڌين ۾ پيدا ٿيل ڌرتيءَ جو درد ۽ ان جي قوم پرست تنظيمن جي هٿن ۾ هليو وڃڻ، پ پ لاءِ سنڌ ۾ سياسي موت ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ڪري سنڌ جي ان درد کي به پنهنجي پاسي ڪرڻ ۽ قوم پرست تنظيمن کي پنهنجي اڳ واري حيثيت کان به بدتر هنڌ تي پهچائڻ لاءِ، آصف زرداري سنڌ ۾ ذوالفقار مرزا جي صورت ۾ قوم پرستيءَ جو نئون باب کوليو آهي. ان ڪري متحده جي دهشت جي طاقت ۽ ان جي مَڳي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ سان گڏ قوم پرستن جي به عوامي ڌارا آڏو بندُ ٻڌي، ضرورت پوڻ تي مرزا پنهنجن سمورن ڪارنامن جو روحاني خالق آصف زرداري کي قرار ڏئي، ساڻس وڃي ملندو ۽ ايئن پوءِ صدر صاحب عوامي غضب هيٺ اچڻ بجاءِ، هڪ شاندار کيڏاري طور داد وصول ڪندي نظر ايندو.

    ان سڄي صورتحال جو ٽيون پاسو، مٿي ڄاڻايل ٻنهي بنيادن کي مڪمل رد ڪندي، پاڪستان ۾ ”زرداري مارڪه“ سياسي دور جي خاتمي ۽ متحده قومي موومينٽ جي دهشتگرديءَ ۽ سندس پرڏيهي پِٺو هئڻ واري ڪردار جي پڄاڻي سان گڏ سنڌ ۾ ”وفاقي قوم پرستي“ جو هڪ نئون دور شروع ٿيڻ جي نشاندهي ڪري ٿو. جي اسان جو اهو تجزيو صحيح آهي ته پوءِ، ان سان گڏ اسان کي ڪجهه ٻين حقيقتن کي به ڏسڻو ۽ سمجهڻو چوندو:

    ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاهيءَ تي ٽنگي،سنڌين کي پنهنجي مستقل طور مخالف پاسي بيهاري، ضرورت وقت کين فقط مُهري طور استعمال ڪندڙ فوجي اسٽيبلشمينٽ 32 سالن بعد، پنهنجين پيدا ڪيل مصنوعي قوتن کان منهن موڙي، سنڌين تي اعتماد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڪري ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس کي سندس ذاتي راءِ يا زرداري جي سياسي داءَ کان وڌيڪ فوجي توڙي سول اسٽيبلشمينٽ طرفان متحده کان مڪمل طور بيزار ٿي، سنڌين طرف دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ طور ڏٺو وڃي. اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي فيصلي تائين پهچڻ جو سبب فقط متحده جو اڪيلو ڪردار ناهي بڻيو، پر عالمي قوتن جا مخصوص مفاد رکي سامهون اچڻ سان گڏ، آصف زراريءَ جو سندن ٻانهن ٻيلي بڻجڻ وارو ڪردار به، ان تبديلي جو وڏو سبب بڻيو آهي. ان کي جي اڃا به بلڪل آسان لفظن ۾ بيان ڪجي ته :”پاڪستان جي سول توڙي فوجي اسٽيبلشمينٽ آمريڪا،برطانيا، متحده ۽ آصف زرداري ڳٺ جوڙ خلاف کلي سامهون اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايئن متحده جو دهشت سان ڀرپور ڊگهو دور ۽ آصف زرداري جي قيادت ۾ گذريل ساڍن ٽن سالن کان حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي جو ڪردار به پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي. ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي هڪ اهڙي ڪردار جي شروعات آهي، جيڪو نه رڳو انتهائي بولڊ پر سنڌ ۾ عوامي قوم پرستيءَ جو اهڙو رنگُ به رکندڙ آهي، جيڪو سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي صورت ۾ موجود چئلينج کان نه رڳو واقف آهي، پر ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ جي سگهه ۽ سوچ به رکي ٿو.

    سنڌ جي روايتي عوام دوستي ۽ قوم پرستي، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان زباني ۽ قلمي حد تائين دشمن جي نشاندهي ۽ ان ذريعي ٿيندڙ ڦرلٽ ۽ ظلم جي آگاهي ڏيڻ کان وڌيڪ، پاڻ کي ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائي ناهي سگهي!. اها ڪمزوري ئي هاڻي ان جي خاتمي جو سبب بڻجڻ طرف وڃي رهي آهي. اي پي ايم ايس او جي شروعاتي سالن کي جماعت اسلامي سان محاذ آرائي جي کاتي ۾ وجهي وساري به ڇڏجي، تڏهن به 1983ع ۾ پاڪستان ڇڏي ڀڄي وڃڻ بعد جون 1985ع ۾ ڪراچي واپس پهچي مهاجر قومي موومينٽ ٺاهي، سنڌين آڏو هڪ خطرناڪ دشمن موجود هئڻ جو بار بار چئلينج ڏيندڙ الطاف حسين جوڪنهن به سطح تي مقابلو ڪرڻ لاءِ، سنڌ جي ڪا به عوامي توڙي قومي جماعت 26 سال گذري وڃڻ باوجود، ڪجهه به ناهي ڪري سگهي!.

    ان ئي ڀاڙيائپ ۽ مفاد پرستي جو هڪ ثبوت، 21 آگسٽ واري ”ڪراچي ڪانفرنس“ کي به بڻائي سگهجي ٿو، جتي سنڌ جي گڏ ٿيل سموري قيادت پنهنجي اندر دشمن جي مذمت ڪرڻ جيتري همت به پيدا ڪري نه سگهي!. ٽن ڏهاڪن کان جاري لڳاتار اهڙي صورتحال سنڌين ۾ جنهن مايوسي ۽ بيوسيءَ کي جنم ڏنو آهي، ذوالفقار مرزا جي قوم پرستي ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وڃڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. ڪا به قوم بي عمل هجي يا با عمل، پر ان جي قومي نفسيات هميشه بهادريءَ پاسي بيٺل هوندي آهي. قومون ڪڏهن به ڀاڙين ۽ بي عملن کي پنهنجي سِر جو تاج ناهن بڻائينديون. سنڌي قوم هن وقت پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي وڃڻ واري احساس جي چوٽَ تي بيٺل آهي. اهڙي وقت ذوالفقار مرزا جي بهادريءَ ۽ جان جي پرواهه ڪرڻ بنا دشمن سان اکيون اکين ۾ ملائڻ وارو ڪردار، سنڌ جي قومي ڌارا جو سڄو لاڙو سندس پاسي ڪري، سنڌ جي روايتي قوم پرستيءَ کي فقط هڪ پريس بيان جاري ڪري سگهڻ جي اڳ واري پوزيشن تائين محدود ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو.

    اها بيوسي جنهن ۾ عام سنڌي ورتل آهي، پ پ جو سنڌي ڪارڪن توڙي اڳواڻ به ان کان آجو نه آهي. تنهن ڪري جي تمام جلد سنڌ اسيمبليءَ ۾ قائدِ ايوان لاءِ مخصوص سيٽَ تي ذوالفقار مرزا ويٺل نظر اچي، ته ايئن ٿيڻ کي ڪو حادثو نه سمجهڻ گهرجي. مرزا جي پريس ڪانفرنس پوري ٿيڻ شرط ڪيترن ئي سنڌ اسيمبلي ميمبرن طرفان به ساڳي واٽ تي هلڻ جو اشارو، ميڊيا جي دنيا جي شايد ئي ڪنهن ماڻهوءَ کان لڪل هجي، جڏهن ته پنهنجي طاقت وڌائڻ بجاءِ پنهنجن حامي اسيمبلي ميمبرن کي، پنهنجي جاءِ تي موجود رهڻ جي هدايت ڪرڻ، مرزا جي مستقبل ۾ جڙندڙ ڪردار جي هڪ جهلڪ ئي آهي.

    پنهنجي تجزئي جي ان هنڌ تي پهچڻ بعد، پڙهندڙن جي ذهن ۾ ٻن سوالن جو پيدا ٿيڻ فطري آهي:

    (1) ڇا ذوالفقار مرزا لاءِ، آصف زرداري جي پ پ جو شريڪ چيئرمين ۽ ملڪ جو صدر هوندي، ايئن سڀ ڪجهه ڪري وڃڻ ممڪن آهي؟

    (2) ايئن سڀ ڪجهه ٿي وڃڻ باوجود، متحده جي ظلم۽ بربريت تي ٻڌل دور جي پڄاڻي ۽ الطاف حسين جو پرڏيهي ايجنٽ هئڻ وارو ڪردار ختم ڪيئن ٿو ٿئي!؟. انهن سوالن جا جواب ڳوليندي اسان کي ڪجهه ٻيون ڳالهيون به ذهن ۾ رکڻيون پونديون، جهڙوڪ:

    1) ذوالفقار مرزا هڪ نئون جنم وٺندڙ قوم پرست پيپلز پارٽي جو فقط سنڌ سطح تائين مضبوط ڪرداربڻجي سامهون اچڻو آهي. پنهنجي ڏاهپ، اصولن ۽ ايمانداري ڪري مخالف پارٽين وٽ به عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندڙ اعتزاز احسن ملڪي سطح تي پيپلز پارٽي جي قيادت ڪندي نظر اچي سگهي ٿو. ناهيد خان، صفدر عباسي ۽ تازو ئي پرڏيهي وزارت وڃائيندڙ شاهه محمود قريشي ۽ ان سان گڏ پيپلز پارٽي جي اهڙي قيادت، جيڪا زرداري دور ۾ مڪمل ڪُنڊائتي ڪيل آهي، سا اعتزاز سان گڏ بيٺل ٿي سگهي ٿي.

    2) ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ جي صورتحال بابت اعتزاز احسن طرفان ذوالفقار مرزا جي موقف جي حمايت، شايد ئي ڪنهن کان وسري هجي، جيڪا پڻ ٻنهي ۾ ڪنهن ذهني هيڪڙائي موجود هئڻ جو ڏس ڏئي ٿي.

    3) فوجي اسٽيبلشمينٽ جو ذهن تبديل ٿيڻ جي شروعات ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس بجاءِ، ڪراچي ۾ جاري دهشتگردي بابت سپريم ڪورٽ طرفان پاڻ مرادو ورتل نوٽيس کي سمجهڻ گهرجي. جنهن کان پوءِ اوچتو ئي اوچتو عمران فاروق جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ لنڊن توڙي پاڪستان ۾ڪاررواين جي شروعات ٿي. الطاف حسين کي لنڊن مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي به ڏٺو ويو ته، رحمان ملڪ کي، جنهن کي منهنجو هڪ دوست ” پيار“ مان رحمان” ڊڪيٽ“ جي نالي سان ياد ڪندو آهي، عمران فاروق جا ڪراچي ايئرپورٽ توڙي شهر مان گرفتار ڪيل قاتل آزاد ڪرڻ بعد، اهڙي ڪا گرفتاري ٿيڻ کان ئي انڪار ڪندي به ڏٺو ويو!.

    سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري، پنهنجن ڪيترن ئي معزز ججن سميت ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي جي ذميوار قوتن تائين پهچڻ جو ڪم شروع ڪري چڪو آهي. سپريم ڪورٽ جي باضابطه عدالتي ڪارروائي شروع ٿيڻ کان فقط هڪ ڏينهن اڳ ذوالفقار مرزا نه رڳو دهشتگرد تنظيم ۽ ان جي قيادت جي ثبوتن سميت نشاندهي ڪئي آهي پر ان 12 مئي 2007ع کان پوءِ چپ سبي رکيل ميڊيا کي به نئين زبان ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته هو سپريم ڪورٽ جو ڌيان ان ساڳي ئي واقعي طرف ڏيارڻ جي، شعوري ڪوشش ڪندي به ڏسي سگهجي ٿو، جنهن جو هڪ اکين ڏٺو شاهد چيف جسٽس پاڻ به آهي. مرزا جي مهربانيءَ سان آزاد ٿيل هر نجي ٽي وي چينل توڙي اخبارن کي، هن وقت دهشتگرد تنظيم توڙي ان جي اڳواڻن جا ”ڪارناما“ بيان ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. اهڙي حالت ۾ سپريم ڪورٽ جي مختصر فيصلي جون ٻه لائينون :” ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي لاءِ ذميوار متحده کي سمجهي، ان کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏجي ٿو“، متحده قومي موومينٽ ۽ ان جي قائد الطاف حسين جي مڪمل برباديءَ جو اعلان بڻجي سگهن ٿيون. ايئن پوءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين راڪاس بڻجي هزارين ماڻهن جو رت پيئندڙ قوت کي. پنهنجي موت پاڻ مرندو ڏسڻ، هڪ سبق بڻجي سڀني جي سامهون اچڻو آهي.

    متحده جي تباهي سامهون هئڻ جو احساس فقط اسان کي ئي نه، پر ان جي قيادت کي پاڻ به ٿي چڪو آهي. ذوالفقار مرزا جي هڪ جُملي تي مَڇرجي ڪراچي کي باهه لڳائي ڇڏيندڙ قيادت، ان ئي مرزا جي اڳ کان هڪ هزار ڀيرو ڀيرا وڌيڪ سخت ۽ عملن پنهنجي لاءِ موت محسوس ٿيندڙ سوا ٻن ڪلاڪن جي پريس ڪانفرنس بعد به ايئن ڇو خاموش آهي!؟- نه رڳو سندس باهه لڳائي ڇڏڻ جي سگهه موڪل تي ويل محسوس ٿي رهي آهي پر هوءَ ته ذوالفقار مرزا جي انتهائي خطرناڪ ثابتين ۽ الزامن جي جواب ۾ صفائي يا ترديد ڪرڻ بجاءِ، مرزا تي ڪجهه روايتي الزام هڻي ڇو خاموش ٿي وئي آهي!؟، انهن سوالَن جا جواب، اُن ئي حقيقت طرف اشارو ڪري رهيا آهن، جنهن جي اسان مٿي نشاندهي ڪري چڪا آهيون.

    ذوالفقار مرزا کي پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران قرآن شريف کي شاهد بڻائڻ جي ضرورت به، توهان جي ۽ منهنجي ڪري نه پئي هئي. اسان، جيڪي سالن کان اهي سموريون ڳالهيون لکي به رهيا آهيون ته پڙهي به. اصل ۾ مرزا طرفان ايئن ڪرڻ جو مقصد ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي پنهنجين ڳالهين تي يقين ڏيارڻ هو، جنهن ۾ هو هڪ حد تائين ڪامياب نظر اچي به رهيو آهي. ڇو ته اهڙا اشارا ملڻ شروع ٿي ويا آهن ته، مرزا جي انڪشافن تي مڪمل طور وائڙا ٿي ويل اردو ڳالهائيندڙَ، هاڻ متحده طرف اٿاريل هر الزام کي هروڀرو رد ڪرڻ لاءِ نه پيا سوچين.

    ايئن به نه آهي ته ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس رڳو ملڪ اندر” پر ديدارن“ لاءِ پريشانيون پيدا ڪيون آهن، پر ان سان عالمي طاقتن جي منصوبابندي به سخت متاثر ٿي آهي. مرزا جي بهادري نه رڳو آمريڪا ۽ برطانيا جي هن خطي ۾ مخصوص مفادن کي وائکو ڪيو آهي، پر انهن جي ٻن با اعتماد مُهرن کي به عوام آڏو ننگو ڪري ڇڏيو آهي، جن کي اسان متحده ۽ رحمان ملڪ جي نالي سان سڃاڻون ٿا. برطانيا ۽ آمريڪا کي پهريون ڀيرو سنجيدگيءَ سان احساس ٿيو آهي ته، سندن ” دادلا “ نه رڳو سندن مفاد پورا ڪرڻ، پر سندن منصوبابنديءَ کي ظاهر ٿيڻ کان بچائڻ جي صلاحيت به نٿا رکن...! سندن زبان ته پنهنجي ملڪ اندر به اعتبار جوڳي ناهي رهي، اهو عالمي تاثر ئي برطانوي هاءِ ڪمشنر جي الطاف جي گرفتاريءَ بابت پاڻ ميڊيا تي اچڻ جو سبب بڻيو. جڏهن ته اهي به اطلاع ملي رهيا آهن ته هن وقت الطاف حسين پنهنجي ذاتي ۽ پنهنجي حڪم تي ” سڀ ڪجهه“ ڪندڙن جي ڪردار بابت برطانيا ۾ سخت پڇاڻي کان گذري رهيو آهي.

    ذوالفقار مرزا جي 28 آگسٽ واري پريس ڪانفرنس، سنڌ جي پُراڻي سياست کي پنهنجين آڱرين تي نچائيندڙ هڪ نئين دور جي نشاني ٿي سامهون آئي آهي. مرزا کي هن وقت سنڌ جي سياست ۾دهشتگردن خلاف انا هزاري وارو ڪردار ادا ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. هن ڀيري ذوالفقار مرزا کي غير سنجيدگي سان نٿو وٺي سگهجي. جنهن جي هو اپيل به ڪري چڪو آهي. هڪ رات اندر مرزا پنهنجو سياسي قد ڪاٺُ سنڌ کان وڌائي ملڪي سطح تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ويجهي مستقبل ۾ سنڌ جي قوم پرستن لاءِ وڏو چئلينج بڻجي هو کين بند گهٽيءَ تائين پهچائي سگهي ٿو، سنڌ ۾ هڪ اهڙي عوامي قوم پرستي جو بنياد بڻجي سگهي ٿو. جيڪا پيپلز پارٽي جي ووٽ بئنڪ جي شڪل ۾، اڳ ئي سندس ڀر ۾ بيٺل آهي. جلال محمود شاهه شايد ان خطري کي محسوس ڪري، پهرين ڏينهن ئي ذوالفقار مرزا جي حمايت بدران سندس مخالفت جو رستو ورتو آهي. پر بدقسمتيءَ سان شاهه صاحب پنهنجو موقعو ضايع ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن هو 21 آگسٽ واري ڪانفرنس ۾ سنڌ ۽ سنڌي دشمنن جي واضح نشاندهي ڪري، انهن جي مذمت ڪرڻ سان گڏ، قومي مفادن جي تحفظ لاءِ واضح ۽ با عمل حڪمت عمليءَ جو اعلان ڪري ها ته شايد، سنڌ جي قوم پرستي ذوالفقار مرزا جو هاڻوڪو ڌڪُ پچائي وڃڻ جي پوزيشن ۾ هجي ها. پر هميشه مصلحت جو شڪار رهندڙ سنڌ جي قوم پرستي، پنهنجي طاقت کي سمجهي نه سگهڻ جي ناداني ڪري چڪي آهي، هاڻي اُها ان غلطيءَ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ به تيار رهي.
    [/JUSTIFY]
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ ۾ عوامي قوم پرستيءَ جو جنم: اسد چانڊيو

    ادا مست توهان تمام بهترين آرٽيڪل شيئر ڪيو آهي آرٽيڪل جو مواد تقريبن هر سنڌي جي ذهن ۾گشت ڪري رهيو آهي بلڪ هر پاڪستاني ان طرف متوجهه آهي هاڻي جيڪڏهن ذوالفقار مرزا پنهنجي حيثيت ۾ واقعي هڪ قومي جذبو رکندڙ آهي ته ان کي اسان جي ساٿ جي ضرورت آهي
    سڀني تجزين باوجود جيڪڏهن چئجي ته هي آصف جو مهرو ٿي ڪم ڪري رهيو آهي تڏهن به اهڙي بيان سان ڇا سندس جان کي خطرو نه آهي ۽ هر انسان کي سڀ کان وڌيڪ پنهنجي جان عزيز هوندي آهي جيڪو انهن سڀني ڳالهين کي نظر انداز ڪري ۽ حق جا ڪلما قرآن تي هٿ رکي چوي ٿو ته ان ۾ ڪا ته صداقت آهي باقي انسان آهي ڪي لفظ آهن جن سان سندس پ پ سان تعلق جو اظهار نظر اچي ٿو ٿي سگهي ٿو پاڻ پنهنجي جان بچائڻ لاء حفاظتي اپاء طور اهي لفظ استعمال ڪيا هجن وڌيڪ وري ڊگهي نظر رکندڙ سياسي شعور رکندڙ دوستن جا تبصرا به ڏسجن ٿي سگهي ٿو ڪا نئين ڳالهه ذهن ۾ اچي۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو