• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي فيسبوڪ پرائيوسي سيٽنگ درست رکو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم !
تازو فيسبوڪ جي طرفان ويب سائيٽ جي اندر ڪيل ڪجهه تبديلين ڪجهه دوستن کي جتي منجهايو آهي اتي بنا ٻڌائي هر اڪائونٽ جي ڪجهه سيٽنگ تبديل ڪري ڇڏي آهي۔۔

توهان نوٽ ڪيو هوندو ته هاڻي توهان جي اسٽيٽس جو انٽرفيس ٿورو تبديل آهي، هيٺ ڏنل تصوير وانگر،

Screen-Shot-2011-08-23-at-4.56.01-PM.png
هن ۾ ميپ ايڊ ڪرڻ، ٽيگ ڪرڻ ۽ پرائيوسي سيٽنگ جي باري ۾ به آپشن رکيو ويو آهي جيڪو پهرين نه هيو۔۔ اهو آپشن باءِ ڊفالٽ پبلڪ آهي، يعني هر ڪو اوهان جي شيئرنگ (اسٽيٽس، پوسٽ، لنڪ، وڊيو يا تصوير) کي ڏسي سگهي ٿو۔۔ ان سان گڏ فرينڊس ۽ ڪسٽم جا آپشن پڻ ڏنل آهن۔۔

پبلڪ آپشن سان اوهان جي اسٽيٽس يا لنڪ يا تصوير کي اهي ماڻهو به لائيڪ ڪري سگهن ٿا جيڪي اوهان جا دوست نه رهيا آهن۔
جيڪڏهن اوهان کي باءِ ڊفالٽ طور ڏنل پبلڪ آپشن پسند ناهي ته اوهان فيسبوڪ ۾ لاگ اِن رهندي هن لنڪ تي وڃي پنهنجي اڪائونٽ جي پرائيوسي سيٽنگ کي فرينڊ يا ڪسٽم سيٽنگ تي واپس آڻي سگهو ٿا جنهن سان اوهان جو اسٽيٽس، شيئرنگ وغيره صرف اوهان جا دوست يا منتخب ڪيل دوست ڏسي سگهندا۔۔۔

facebook-privacy-settings1.png


FacebookDefaultPrivacy_thumb%25255B2%25255D.png

پر جيڪڏهن اوهان ڪنهن موقعي تي ڪو اسٽيٽس يا لنڪ سموري فيسبوڪ يوزرس سان شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا ته اسٽيٽس منجهان ئي پبلڪ جو آپشن سليڪٽ ڪري ان مخصوص اسٽيٽس يا لنڪ کي سڀني سان ونڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
دعائن ۾ ياد

 
جواب: پنهنجي فيسبوڪ پرائيوسي سيٽنگ درست رکو

پر منهنجي اڪائونٽ سان اهو مسئلو ٿيو ۽ کوڙ دوستن اها شڪايت ڪئي هئي۔۔۔ تون عاشق آهين با۔۔ فيسبوڪ وارا تنهنجي اڪائونٽ کي هٿ نه لائيندا
 
جواب: پنهنجي فيسبوڪ پرائيوسي سيٽنگ درست رکو

ادا مست توهان تمام سٺي معلومات ونڊ ڪئي آهي دوستن سان

واقعي به ڪافي دوست ان سيٽنگ ۾ منجهي پوندا هئا

تمام جي سمجهائڻ کان پو۽ ته هر شي واضع ٿئي وئي

لاجواب ونڊ ڪرڻ جي مهرباني

سدائين گڏ
 
جواب: پنهنجي فيسبوڪ پرائيوسي سيٽنگ درست رکو

مهرباني سائين فيس بڪ تي هاڻ روز روز نئين چينڪنگ هوندي آهي
 
جواب: پنهنجي فيسبوڪ پرائيوسي سيٽنگ درست رکو

ادا اسد مهرباني

فيسبوڪ وارن اسان جي اسٽيٽس جا به ڪم لاهي ڇڏيا آهن۔ مان ته گهڻو منجهي پيس خاص ڪري تصويرن کي ٻئي البم ۾ موڪلڻ ته ڏاڍو ڏکيو ڪري ڇڏيو اٿن۔ اوهان جا قرب جو اوهان اسان جي رهنمائي ڪئي۔
 
Back
Top