افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
انتظاميه جي ذميدارن کي خاص ڪري مذهب سيڪشن جي ايڊيٽرن کي هي هڪ نيماڻي گذارش مون احقر پاران ڪجي ٿي ته مهرباني ڪري مذهب سيڪشن واري خاني کي چيڪ ڪري مضمون ۽ تحريرن کي جيڪر ڪو اعتراض نه هجي ته بروقت فورم تي آڻين ، بصورت ديگر تحرير يا مضمون موڪلڻ واري کي اهو گمان اچي ٿو ٿئي ته مباده منهجي مضمون يا تحرير کي سينسر ته نه ڪيو ويو حالانڪه تحرير ۽ مضمون ۾ اهڙي ڳالھ به ناهي هوندي ، آئون وري به ٻيهر هن ڳالھ ڏانهن توجه ڇڪرائڻ لا درخواست ٿو ڪيان ، اميد آهي ته هن مسئلي جو خاطر خواه حل ڪڍيو ويندو ، والسلام عليڪم