سنڌ سلامت جي سموري دوستن کي ڪڪرن مان وسندڙ مينهن ۽ اکين مان وسندڙ مينهن جي هن موسم ۾ سلام پيش ڪندي ، دير سان ئي سهي عيد جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ اوهان سان مخاطب ٿيندي جتي خوشي ٿي رهي آهي اتي سنڌ جي ماروئڙن جي تباهي جي داستان سچ ته دل کي جهوري وڌو آهي۔ انهن سڀني دوستن جا ٿورا جن دعائن ۾ ياد ڪيو، ايس ايم ايس ڪيا، فون ڪال ڪئي ۽ فيسبوڪ تي ميسيجز سان گڏ پنهنجي شيئرنگ ۾ ٽيگ ڪندا رهيا۔ سنڌ سلامت کان ڪجهه ڏينهن جي دوري رهي جنهن جو سبب ڳوٺ ۾ هجڻ هو جتي نيٽ جي سهولت ميسر ناهي۔ بارشن سبب شهرن ڏانهن به نڪري ڪونه سگهياسين۔ هاڻي هاڻي ڪراچي پهتو آهيان ۽ اوهان سان گڏ آهيان۔ انشاء الله اسان جو ساٿ جاري رهندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي سلام ۽ عيد جون واڌايون ابا سيلامان اسان جي طرفان به اوهان کي پاروٿي عيد مبارڪ هجي بابا عيد ڏينهن اوهان جو نمبر ڏاڌو ٽرائي ڪيو سين پر نيٽ ورڪ جا ڪم ئي لٿا پيا هئا بابا نيٺ عيد کان ٻي ڏينهن تي اوهان سان ڳاله ٿي ڏاڌي خوشي ٿي بابا اسان جون دعائون اوهان سان جتي هجو خوش هجو آمين
جواب: سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي سلام ۽ عيد جون واڌايون سائين دير سان به اوهان جي عيد مبارڪون اسان جي اکين تي بارشن پوري سنڌ ۾ ڪافي نقصان ڪيو آهي بس ڌڻي در دعا آهي ته شال رب ڪريم پنهنجو ڪرم ڪري اڳتي معافي ڏئي ۔
جواب: سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي سلام ۽ عيد جون واڌايون سائين اوهان کي به عيد جون لک لک واڌايون ٿا ڏيون ۔
جواب: سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي سلام ۽ عيد جون واڌايون محترم سائين اسان اوھان جي ڪمي تمام گھڻي محسوس ڪئي سين۔ سنڌ ۾ عيد واري ڏينھن به بارش ھُئي۔۔۔۔۔۔عيد جو اوھان کي واڌايون۔