ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ سليمان سومرو جو حال برساتن کانپو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڳوٺ سليمان سومرو تعلقو بُلڙي شاهه ڪريم ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ برسات جي تباهه ڪارين ڳوٺ واسين کان سڀ ڪجهه ڦري ڇڏيو. ڳوٺاڻا هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان ، سندن جهوپا جُهري پٽ ٿي ويا معصوم ٻارن سميت گندي پاڻي جي وچ ۾ رهڻ لاءِ مجبور، ڪوبه حڪومت جو نمائندو سندن واهر ڪرڻ لاءِ نه پهتو:​


    رپورٽ: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام: تصويرون نثاراحمدناز​


    [JUSTIFY]خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊومحمد خان جي سينئر ميمبر محترم ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ محترما ثمينه خاصخيلي جي نينڊ تي ڪالهه بروز ڇنڇر 3 سيپٽمبر 2011 ع تي ڳوٺ سليمان سومرو جي برسات جي تباهه ڪارين جي سروي ڪرڻ واري ٽيم سان گڏجي دورو ڪيم، ڳوٺ سليمان سومرو جي آبادي تقريبن 3000 هزار ماڻهن تي مشتمل آهي ٽنڊو محمد خان کان هي شهر اولهه طرف تقريبن 16 ڪلو ميٽر پري ملاڪاتيار طرف آهي خدمت سنڌ فائونڊيشن جي ٽيم ۾ ڊاڪٽراحمد نوناري ، ثمينه خاصخيلي ، محترم امبر شاهه ، فرزانه شاهه ۽ محترما ثمينه خاصخيلي جو پُٽ سمير خاصخيلي به هُئا. اسان تقريبن شام جو چئين بجي خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊو محمد خان جي آفيس مان ڊاڪٽر احمد نوناري جي ذاتي ٽويوٽا ٽوڊي ڪار ۾ نڪتاسين، فوجي شگر مل واري رستي کان پاندي واهه وارو رستو وٺي ملاڪاتيار روڊ تي چڙهياسين، روڊ جي چئني پاسن کان برسات سٽيل پنهنجي مدد پاڻ جي تحت پلاسٽڪ جا خيما کوڙي پنهنجو پنهنجي ٻچڙن جو برسات کان عارضي بچاءُ ڪري رهيا هُئا، ٻنيون کيت چارئي طرفن کان مينهن جي پاڻي ۾ ٻُڏا پيا هُئا ، هڪڙو هُو جو عالم هو، پريشاني برسات سٽيلن جي چهرن تان ائين بکي رهي هُئي ڄڻ اتان ڪو نانگ سراپي ويو هُجي، ڊاڪٽر احمد نوناري کان هڪڙو سوال پُڇيم ڊاڪٽر صاحب هيلوڪي سانوڻي رحمت نه پر زحمت ٿي اسان سنڌ واسين مٿان وسي آهي حُڪمرانن جا ڪارندا ۽ ڇاڙتا جن کي امدادون ته تمام گهڻيون مليون آهن پر بجاءِ مستحڪين کي ڏيڻ جي انهي امداد مان پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ ڇو پورا آهن؟ چوڻ لڳو ناز صاحب ترقي يافته مُلڪن جا حُڪمران ايڊوانس ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ جون صدق دل سان ڪاروايون ڪري اهو ڪِي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي جي مصداق پنهنجي عوام جي بهبود لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري ڇڏيندا آهن. پر هتي جا ڪرپٽ حُڪمران ڪرپٽ ڪامورا مولا کان واجهائيندا آهن ته ڪو ڪٿي زلزلو اچي ، ڪو ڪٿي ٻوڏ اچي ڪو ڪٿي ڪنهن واهه کي ڪنهن ڪينال کي ، ڪنهن واٽرکي گهارو لڳي، ڪو ڪٿي طوفاني برسات پوي جيئن متاثرين جي نالي تي جيڪا امداد مُلڪي خزاني مان اچي يا سرندي وارن مُلڪن مان اچي ان تي جاوا ڪجن . ڊاڪٽر احمد نوناري ڳالهائيندو به ويو ته گاڏي به هلائيندو ويو. مون وري محترما ثمينه خاصخيلي صاحبه کان سوال ڪيو : جيئن ته توهان عورت آهيو، هن ايتري برسات ۾ گهر کان ٻاهر نڪتيون آهن صرف پنهنجي دل ۾ اهو احساس کڻي ته ڪيئن برسات سٽيل سنڌي عوام کي دلاسو ڏجي ،ڪيئن انهن جي پرگهور لهجي ، ڪيئن ان مشڪل گهڙي ۾ ماروئڙن سان سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ ٿجي !. ڇا توهان جو اهو جذبو خالص انساني ناتي سان آهي يا انهيءَ ڳالهه ۾ به سياست ڪار فرما آهي ، چوڻ لڳي ته نثار صاحب آئون خدمت سنڌ فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان صرف هن مشڪل جي گهڙي ۾ پرسان حال سنڌين جي غمن ۾ شريڪ ٿي رهي آهيان هينئر سياست ڪرڻ ڪنهن کي به سونهي ڪانه ٿِي، سياست ڪرڻ لاءِ تمام ٻيا به گهڻا دڳ آهن، جتي منهنجو ن مائرون ، مُنهنجون ڀينرون ، معصوم نياڻيون ننڍڙا ابهم ٻارڙا هڪ وقت جي ويلي لاءِ واجهائن اتي سياست جو راڳ ڳائجي اهو ڪنهن به طريقي سان قابل قبول ڪونهي. ايتري ۾ محترما امبر شاهه مونکان سوال پڇيو ته نثار ناز صاحب توهان به ته اسان سان گڏ پنهنجو چين وڃايو آهي هن عمر ۾ غريبن جي ڏُکن کي انٽر نيٽ جي حوالي سان تمام شانائتي انداز سان هاءِ لائٽ ڪريو ٿا انهي اهم ترين ڪم کي توهان سياست جي ڪهڙي زمري ۾ آڻيندا؟ امبر شاهه بابا آئون سياستدان ڪونه آهيان هڪڙو پتڪڙو هن سنڌ ڌرتي جو شاعر آهيان، منهنجو سياست ۾ ڇا وڃي، منهنجي ڪنهن ننڍڙي ڪوشش عيوض منهنجي سنڌ جي سنڌي ماڻهو جو اهنج ۽ ايذاءُ ختم ٿئي ته اهو ڪم صدقه جاريه ۾ شمار ٿيندو ۽ مونکي دل سڪون حاصل ٿيندو، ايتري ۾ محترما ثمينه خاصخيلي جي ننڍي پُٽ شايد ڳوٺ سليمان سومرو جو بورڊ پڙهي ورتو وڏي واقعي آواز لڳائي چيائين ته ڳوٺ سليمان سومرو اچي ويو، مون کيس چيو سمير بابا توهان کي ڪيئن خبر پئي ته ڳوٺ سليمان سومرو اچي ويو آهي ، چوڻ لڳو انڪل مون سائڻ بورڊ ڏٺو آهي جنهن تي ڳوٺ سليمان سومرو لکيو پيو آهي. واقعي اسان جي ٽيم جي گاڏي انهي ڳوٺ ۾ داخل ٿي چُڪي هُئي ڳوٺ ۾ برسات جي پاڻي جي ڪري ڪافي گندگي هُئي، اسان لهي اتي فقير محمد سومرو جي گهر جي پڇا ڪئيسين، ڇو ته بقول ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب جي ته فقير محمد سومرو خدمت سنڌ فائونڊيشن ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڪارڪن آهي اهو انهي ڳوٺ ۾ رهندو آهي ۽ ان جي ڪري هن ڳوٺ ۾ برسات متاثرين جي بحالي واسطي سهي نموني سروي ٿيندي.جڏهن اسان ان ڳوٺ ۾ لٿاسين ته سموري ڳوٺ جون عورتون ، مرد ۽ ٻار ٻچا اسان کي وڪوڙي ويا، ان ڳوٺ جو هرڪو ماڻهو پيو چاهي ته اسان انهي جي گهرن جي حالت ڏسون سندن ڪسمپرسي ڏسون فقير محمد سومرو ڪنهن ڪم واسطي شايد ٽنڊو محمد خان ويل هو پر اتي سندس ننڍو ڀاءُ موجود هو ان وڌي اچي اسان جي ڀليڪار ڪئي بسم الله ڪري اسان هڪ گهر ۾ داخل ٿياسين اتي گهر به ڪريل هو، اتي جي هر فرد کي ڏسي ايتري دل ڪونه لُڇي پر اتي جهريل جهوپي جي ٻاهران ٻن ٻارڙن تي نظر پئي جيڪي پاڻ ۾ ٻئي ڀاءُ ۽ ڀيڻ هُئا جيڪي پوليو جي ڪري معذور هُئا، ڀاءُ جو نالو الياس سومرو هو ، ۽ ڀيڻ جو نالو مونکي ياد پيو اچي ته انيلا سومرو هو، الاڙي چئي تمام افسرده ٿِي انهن ٻنهي ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڏانهن وڌيس، کين ڳراٽڙيون وجهي سندن فوٽيج ٺاهيم سامهون ڏٺم ته شايد سندن ماءُ هُئي جيڪا سيرون سيرون ٿيل سنڌ جي ڪچي چيڪي مٽي سان ٺهيل اوڏڪي ڀتن جي دروازي جي اوٽ مان اسان ڏانهن گهوري رهي هُئي ۽ پنهنجي ذهن ۾ لُڇندڙ ۽ پچندڙ خيال جو جواب من ئي من ۾ اسان کان گهري رهي هُئي ته اسان سنڌ وارا ايترا مسڪين ڇو ، اسان سنڌ وارن تي ايڏيون آسماني آفتون ۽ مصيبتون ڇو؟ اسان سنڌ وارن سان ويساهه گهاتيون ڇو؟ اسان سنڌ وارن جا ٻار خاص ڪري سندس ٻه جگر جا ٽُڪڙا پوليو وڳهي اپاهج ڇو؟ جيترو ويڳاڻي انهن ٻن اپاهج ٻارن جي ماءُ ان ويلي مون ڏٺي هُئي منهنجي دل چاهيو ته وڏيون وڏيون رڙيون ڪري ڪيڪون ڪري ان ويڳاڻي ماءُ کي دلاسو ڏيان ته امان تنهنجو درد عظيم درد آهي آسماني آفتن تنهنجو جهوپو جهوري وڌو آهي، تقدير توسان ستم ظريفي ڪري تنهنجي ٻن معصوم گُلڙن جهڙن ٻارن کي اپاهج ڪري ڇڏيو آهي، اي جيجل ماءُ تنهنجو اهو درد مان پنهنجي قلم کي ساکي بنائي ضرور سنڌ واسين سان ونڊ ڪندس ٿي سگهي ٿو ڪو اهڙو مخير سنڌي سپوت پُٽ اڳيان اچي ۽ انهن معصوم اپاهج ٻارن جو ڪو علاج ڪرائي انسانيت جي لڄ کي سلامت رکي.. ٿورو اڳيان وڌاياسين ته ٻه پوڙهيون عورتون رڙيون ڪنديون اسان کي چنبڙي ويون ته پُٽ اسان جو الهه تلهو برسات وگهي برباد ٿي ويو آهي اسان جي دانهن وس وارن تائين پهچايو هتي جيڪا به امداد آئي آهي اها امداد صرف پ پ سان تعلق رکندڙ جيالن کي ملي آهي جن جا گهر هن ڳوٺ ۾ اڳ ۾ ئي پڪا آهن انهن صرف چند ڪٽا پنهنجي مخصوص جيالن کي ڏيئي باقي ڪٽا پنهنجي دوڪانن تي رکي کپايا آهن انهي پوڙهين جي روداد جي وڊيو مووي پڻ رڪارڊ ڪري ڇڏيم اهڙي ريت گوڏي جيڏي پاڻي ۾ مان ، خدمت سنڌ فائونڊيشن ضلع ٽنڊو محمد خان جي سموري ٽيم ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب محترما ثمينه خاصخيلي صاحبه ، محترما امبر شاهه صاحبه ، محترما فرزانه شاهه صاحبه ۽ ثمينه صاحبه جو فرزند سمير خاصخيلي ڳوٺ جي گهر گهر جي سروي ڪئي انهن جا نالا پنهنجي نوٽ بُڪ ۾ لکندا سڀني کي دلاسو ڏيندا اڳتي وڌندا رهيا سين مان برابر جُهريل جهوپڙن جون فيس بُڪ ۽ سنڌ سلامت واسطي تصويرون ٺاهيندو ويس، مظلوم نياڻين جا لُڙڪ اگهندو ويس آخر ۾ اهڙي جڳه تي پهتس جتي پري کان ڏٺم ته ڪا ڳاڙهن ڪپڙن ۾ ملبوس ستن سالن جي نياڻي بنا ڪنهن رِلي جي وڇاڻي جي پٽ تي سمهي پئي هُئي مون سان گڏ ڳوٺ جا تقريبن سئو کن مرد پوڙها عورتون ورکڻيو اچي رهيا هُئا مون پنهنجي چپل گپ ، گوڏي جيڏي پاڻي سبب اڇلائي ڇڏي هُئي، ان نياڻي جي تصوير ٺاهي ۽ رڙيون ڪري اتي ماڻهن کان پُڇيو ته خدارا مونکي ٻُڌايو هي نياڻي هن چڪڻ واري پٽ تي ڇو سُتي آهي، کٽ پاسي ۾ هوندي سوندي هي منهنجي نياڻي ثنا جهڙي نياڻي بنا ڪنهن ابو امي جي ڳراٽي ۽ ڀاڪر وجهڻ جي هتي ڇو سُتي آهي، اکين مان لڙڪ زاروقطار وهي رهيا هُئا، ته اوچتو هڪڙي ڦاٽل ڪپڙن ۽ ڦاٽل گنديءَ سان سندس ڪڇ تي هڪڙو هڪ سال جو ٻار هو ، پلاسٽڪ جي جڳه جڳه ڦاٽل خيمي جنهن جي چئوداري برسات جو ڪنو پاڻي بيٺل هو مان نڪري آئي روئندي روئندي چيائين ته ادا هي منهنجي لاڏلي ڌيءَ آهي، جنهن ٻاراڻو ضد ڪري ماني گهري ،جيئن ته مون وٽ هينئر هڪڙي لپ به اٽي جي ڪونه هُئي کيس ماني نه ڏيئي سگهيس سو روئندي روئندي اتي ئي سمهي پئي آهي ...... آسمان تان هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ جاري هُئي ......... مغرب جو وقت هو ڳوٺ جي مسجد جو بانگو .......... الله اڪبرالله اڪبر چئي ماڻهن کي مسجد ۾ اچي فلاح پائڻ جو سڏ ڏيئي رهيو هو. ........................................................... !!![/JUSTIFY]

    نوٽ: اسان جي پڪن گهرن ۾ به جڏهن لاڏلا ٻار ضد ڪندا آهن جڏهن انهن ٻارڙن جو ضد يا ڪوڏ پورو ڪونه ٿيندو آهي ته روئندا روئندا پٽ تي سمهي پوندا آهن. پر هتي ته هن معصوم ٻارڙي جو ضد صرف هڪڙي ماني هُئي.................!!!​



    پيش آهي ڳوٺ سليمان سومرو تعلقوبُلڙي شاهه ڪريم ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ڪيل سروي جي تصويري رپورٽ .​


    [​IMG]

    [​IMG]
    ڳوٺ سليمان سومرو جا ٻه سائن بورڊ

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    خدمت سنڌ فائونڊيشن ضلع ٽنڊو محمد خان جو سينئر ميمبر ڊاڪٽراحمد نوناري ڳوٺ سليمان سومرو ۾ برسات سٽيلن جي بحالي واسطي سروي ڪري رهيو آهي ۽ هڪڙي ڳوٺاڻي جيڪو برسات ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري فوت ٿي ويو هو ان جي تعزيت ڪري رهيو آهي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    خدمت سنڌفائونڊيشن ضلع ٽنڊومحمد خان جون سينئنر ميمبرز محترما ثمينه خاصخيلي ، محترما امبر شاهه ۽ محترما فرزانه شاهه ڳوٺ سليمان سومرو ۾ برسات متاثرين جي بحالي لا سروي دوران ڳوٺ جي عورتن سان گڏ۔​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ سليمان سومرو جو حال برساتن کانپو

    پيش آهن ڪجهه وڌيڪ تصويرون
    [​IMG]
    ڳوٺ سليمان سومرو ۾ اندر داخل ٿيڻ واري گهٽي

    [​IMG]
    ڳوٺ سليمان سومرو تعلقو بُلڙي شاهه ڪريم ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ برسات جي تباهه ڪارين کي مانيٽر ڪرڻ واسطي خدمت سنڌ فائونڊيشن ضلع ٽنڊو محمد خان جي ٽيم سامهون ٻن ڀيڻ ڀائرن جيڪي پوليو جي موضي مرض ۾ مبتلا آهن پيش ڪيا ويا ان مان هڪ ڀاءُ الياس سومرو جنهن جو جهوپو پڻ حاليه برساتن ۾ تباهه ٿي چُڪو آهي حڪومت کان امداد جو منتظر

    [​IMG]
    ڳوٺ سليمان سومرو ضلع ٽنڊو محمد خان جا پوليو جي مرض ۾ مبتلا ٻن ڀيڻ ڀائرن مان هڪ ڀيڻ انيلا سومرو جنهن جي سر لڪائڻ جو جهوپو حاليه طوفاني برساتن سبب ڪري چُڪو آهي مال وند ۽ حڪومت کان ٻن وقتن جي ويلي جي امداد جي منتظر

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڳوٺ سليمان سومرو تعلقو بُلڙي شاهه ڪريم ضلعو ٽنڊو محمد خان ۾ برسات ۾ جهريل جهوپا ۽ سنڌي ماروئڙن جا پاڻي ۾ بيٺل ڪکاوان گهر​
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ سليمان سومرو جو حال برساتن کانپو

    هِڪِي ٻانهي چت ۾ ، ٻي جا ڪري الله ،پاڻهين وجهي ڪُن ۾ پاڻهين اُڪاري اوڙاهه، تنهن واحد کي واههَ جو ستڙ سڀئي ڪري(شاهه سائين)​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    هڪڙي پاس برسات جو پاڻي بيٺو جهوپا جهريا پيا آهن ته ٻي پاسي هڪڙي سنڌياڻي پنهنجي پاڻ کي برسات جي پاڻي کان بچائي وڃي رهي آهي ٽي پاسي غريب خاندان پنهنجي بچڙن سميت بيٺو آهي ته چوٿين پاسي پنهنجي غريب سنڌي سانگياڻي پنهنجي آخري بچايل پونجي مينهن مان کير ڏوهي رهي آهي هنڊي ۾ آخري بچايل اٽي مان لولا ٿُڦي رهي آهي ۽ پنهنجي ٻچڙن لا ڳنڌڻ رڌي رهي آهي
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ سليمان سومرو جو حال برساتن کانپو

    تقدير چوان توکي ڇا بي وفا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    هڪِي ٻانهي چت ۾ ٻي سٽي صاحب، ڪڍي اونهي ڪُن مان اِي آگي جو عجب، اِيُ سائين جو سبب جيئن ٻُڏا اُڪاري ٻار مان(شاه)

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڳوٺ سليمان سومروضلع ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ معصوم نياڻي برسات جي گپ ۽ چِڪَ ۾ پٽ تي روئندي روئندي سمهي رهي مون جڏهن معلوم ڪيو ته ان معصوم نياڻي جي ماءُ روئندي چيو ته منهنجي لاڏلي ڌيءَ ماني لاءِ ضد ڪري روئندي روئندي گپ واري پٽ تي سُتي آهي هنن غريبن جو به جهوپو هيلوڪي سانوڻي ۾ جهري پٽ پئجي ويو آهي بي روزگاري بدحالي سبب کين کائڻ لاءِ اٽي جي لپ به نه هُئي . اي الله تون مسڪينن تي رحم ڪر ۽ اسان جي حڪمرانن کي ساڃهه ڏي جو هو بي حال مستحق مسڪينن جي بي لوث مدد ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو