• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

کٿورِي خُون هِي مُنهنجو سڄي سنڌ جا بجا ٿيندو (غزل) نثاراحمدناز

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي، عيد کان چند ڏينهن پهرين اسان جي فيس بُڪ ۽ سنڌ سلامت جي ساٿي محترم عبدالواحد سومري مونکي ڀٽ شاهه ۾ عيد جي ٽي ڏينهن تي ٿيندڙ طرحي مشاعري ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ان طرحي مشاعري جي طرح وارِي سٽ هُئي ” طبيب مهربان وقت شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو“ اها طرح قبلا محترم مخدوم رفيق الزمان صاحب آف هالا جي ڏنل هُئي . اهو طرحي مشاعرو سنڌ جي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نگري ۾ قبلا سائين ناز لطيفي جي بزم جي پاران منعقد ڪرايو پي ويو. دوستو عام طور تي آئون طرحي مشاعرن ۾ تمام گهٽ شريڪ ٿيندو آهيان ظاهر آهي جڏهن طرحي مشاعرن ۾ منهنجي شرڪت گهٽ هوندي آهي ته طرح واري سٽ تي به گهٽ شاعري لکندو آهيان. پر هن ڀيري پرين پياري محترم عبدالواحد سومرو جي پيار ڀري اسرار تي کيس چيم ته ضرور هن مشاعري ۾ شرڪت ڪندس ۽ طرحي تي شاعري به ضرور لکندس، سو پنهنجي وس آهر طبيب مهربان وقتي شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو بحر هزج مثمن سالم چارمفائيلن طرحي سٽ جو ڪافيو ڀلا ۽ رديف ٿيندو واري ڪارب تي هي غزل لکي ڇڏيم ۽ انتظار ڪري رهيو هُئس ته ڪڏهن عيد جو ٽيو ن ڏينهن ٿئي ته شاهه جي نگري ڀٽ شاهه وڃي اها شاعري پڙهان ۽ محترم عبدالواحد سومري جي دوستيءَ جو حق اداڪريان پر واءِ قسمت جو سنڌ جي موجوده طوفاني برساتن سبب بزم لطيفي وارن اهو طرحي مشاعرو ڪينسل ڪري ڇڏيو ۽ پهريون ڀيرو پنهنجي شهر کان ٻاهر ڪنهن به طرحي مشاعري ۾ شرڪت ڪرڻ جو خواب ساڀيان ٿي نه سگهيو، ڪالهه برادرم عبدالواحد سومري کان پڇيم ته اهو طرحي مشاعرو وري ٿيڻ جا ڪا اميد آهي ته سومري صاحب جواب ڏنو ته نه هاڻي اهو مشاعرو ڪونه ٿيندو، ان کان پوءِ مون انهي طرحي غزل جي اجهو هن ريت ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ڪري چترڪاري ڪئي آهي، ڪافي مصروفيات جي باوجود پنهنجي هي بلڪل نڪور شاعري توهان سڀني سنڌي دوستن سان ونڊ پيو ڪريان توهان جي پرخلوص راين جو شدت سان منتظر رهندس۔​

غزل

نثاراحمدناز

وڏي ويڙهاند ويريءَ سان ڪري سنڌ تان فدا ٿيندو،
اسان جي روحَ جو راڻو سڄڻ سو دلرُبا ٿيندو

اڙي قاتل وڍي ڇڏ سِرُ ، حلالِي پُٽ آهيان سنڌ جو،
کٿورِي خُون هي مُنهنجو سڄي سنڌ جا بَجا ٿيندو

اچو ڊاهيون، هڻِي ٺوڪر اچو ديوارَ دوکي جِي
وفا دارو وفا جو حق ائين ئِي آ ادا ٿيندو

هتي هن شاههَ جي نگرِيءَ ۾ سڀئي دل جلا آيا
دلين جي روڳ ونڊجڻ جو وڏو واقعو بپا ٿيندو

ختم آزارَ جا انواع هميشهه لئه ٿين سنڌ مان،
”طبيبِ مهربان وقتي شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو “

وِجهي اجرڪ ڪُلهن ۾ ”ناز“ اڄ ٽوپِي سنڌي پائي
مدح خوانيون ڪري سنڌ جون سڀن سان هم نوا ٿيندو.​

320210_10150311600338216_794048215_7974732_4007738_n.jpg
 
جواب: کٿورِي خُون هِي مُنهنجو سڄي سنڌ جا بجا ٿيندو (غزل) نثاراحمدناز

تمام بهترين سٽون تخليق ٿيل آهن۔۔۔ جتي وطن جي محبت ۽ اندر جا جذبا لفظن جو روپ جوڙي هڪ عجيب رنگ وکري رهيا آهن۔۔۔
هوئن ته توهان جي اڳ ڪيل شاعري به جذبا ڀڙڪائيندڙ هوندي آهي پر هن شاعري کي پڙهندي خوب لڳو۔۔۔ بهترين
 
سائين بھترين تخليق۔۔۔۔۔۔۔۔۔چترڪاري۔
 
وڏي ايڊمن محترم رشيد سمون صاحب جون مهربانيون جن کي اسان جي هي شاعري بهترين سٽون لڳيون ۽ کين اسان جي هن شاعري کي پڙهندي خوب لڳو۔ جذبا اسان جا ڪڏهن جهور ته ڪڏهن رڳو پورن مٿان پور۔ ويٺي کان وڳند ڀلو آهي، ڏات جي ديوي ڪڏهن مهربان ٿئي ٿي ته توهان لا شاعري جي روپ ۾ ٻه ٽي اکر لکيو وٺان نه ته اهائي ماٺ ئي ماٺ، ۽ اکيون کليون پيون آهن پر ننڊ ئي ننڊ( مسجد ۾ آئي ٻانگ مندر ۾ وڳا گهنڊ اسان جي قوم کي رڳو ننڊ ننڊ)(نامعلوم)

.....................................

سائين بھترين تخليق۔۔۔۔۔۔۔۔۔چترڪاري۔

مهرباني ادا عاشق جو توهان کي اسان جي هي شاعري بهترين تخليق لڳي ۽ چترڪاري به سٺي لڳي لک لائق۔
 
جواب: کٿورِي خُون هِي مُنهنجو سڄي سنڌ جا بجا ٿيندو (غزل) نثاراحمدناز

وِجهي اجرڪ ڪُلهن ۾ ”ناز“ اڄ ٽوپِي سنڌي پائي
مدح خوانيون ڪري سنڌ جون سڀن سان هم نوا ٿيندو.

بهترين سائين۔۔۔۔۔۔

سنڌ سان وڏي ويساهه گهاتي آهي پر تازين برساتن ۾ ته قهر ٿي ويو، اوهان جي هميشهه وانگر سنڌ امڙ لاء ڪيل لاجواب شاعري آهي۔
 
جواب: کٿورِي خُون هِي مُنهنجو سڄي سنڌ جا بجا ٿيندو (غزل) نثاراحمدناز

پيارا سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي، عيد کان چند ڏينهن پهرين اسان جي فيس بُڪ ۽ سنڌ سلامت جي ساٿي محترم عبدالواحد سومري مونکي ڀٽ شاهه ۾ عيد جي ٽي ڏينهن تي ٿيندڙ طرحي مشاعري ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ان طرحي مشاعري جي طرح وارِي سٽ هُئي ” طبيب مهربان وقت شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو“ اها طرح قبلا محترم مخدوم رفيق الزمان صاحب آف هالا جي ڏنل هُئي . اهو طرحي مشاعرو سنڌ جي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نگري ۾ قبلا سائين ناز لطيفي جي بزم جي پاران منعقد ڪرايو پي ويو. دوستو عام طور تي آئون طرحي مشاعرن ۾ تمام گهٽ شريڪ ٿيندو آهيان ظاهر آهي جڏهن طرحي مشاعرن ۾ منهنجي شرڪت گهٽ هوندي آهي ته طرح واري سٽ تي به گهٽ شاعري لکندو آهيان. پر هن ڀيري پرين پياري محترم عبدالواحد سومرو جي پيار ڀري اسرار تي کيس چيم ته ضرور هن مشاعري ۾ شرڪت ڪندس ۽ طرحي تي شاعري به ضرور لکندس، سو پنهنجي وس آهر طبيب مهربان وقتي شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو بحر هزج مثمن سالم چارمفائيلن طرحي سٽ جو ڪافيو ڀلا ۽ رديف ٿيندو واري ڪارب تي هي غزل لکي ڇڏيم ۽ انتظار ڪري رهيو هُئس ته ڪڏهن عيد جو ٽيو ن ڏينهن ٿئي ته شاهه جي نگري ڀٽ شاهه وڃي اها شاعري پڙهان ۽ محترم عبدالواحد سومري جي دوستيءَ جو حق اداڪريان پر واءِ قسمت جو سنڌ جي موجوده طوفاني برساتن سبب بزم لطيفي وارن اهو طرحي مشاعرو ڪينسل ڪري ڇڏيو ۽ پهريون ڀيرو پنهنجي شهر کان ٻاهر ڪنهن به طرحي مشاعري ۾ شرڪت ڪرڻ جو خواب ساڀيان ٿي نه سگهيو، ڪالهه برادرم عبدالواحد سومري کان پڇيم ته اهو طرحي مشاعرو وري ٿيڻ جا ڪا اميد آهي ته سومري صاحب جواب ڏنو ته نه هاڻي اهو مشاعرو ڪونه ٿيندو، ان کان پوءِ مون انهي طرحي غزل جي اجهو هن ريت ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ڪري چترڪاري ڪئي آهي، ڪافي مصروفيات جي باوجود پنهنجي هي بلڪل نڪور شاعري توهان سڀني سنڌي دوستن سان ونڊ پيو ڪريان توهان جي پرخلوص راين جو شدت سان منتظر رهندس۔​

غزل

نثاراحمدناز

وڏي ويڙهاند ويريءَ سان ڪري سنڌ تان فدا ٿيندو،
اسان جي روحَ جو راڻو سڄڻ سو دلرُبا ٿيندو

اڙي قاتل وڍي ڇڏ سِرُ ، حلالِي پُٽ آهيان سنڌ جو،
کٿورِي خُون هي مُنهنجو سڄي سنڌ جا بَجا ٿيندو

اچو ڊاهيون، هڻِي ٺوڪر اچو ديوارَ دوکي جِي
وفا دارو وفا جو حق ائين ئِي آ ادا ٿيندو

هتي هن شاههَ جي نگرِيءَ ۾ سڀئي دل جلا آيا
دلين جي روڳ ونڊجڻ جو وڏو واقعو بپا ٿيندو

ختم آزارَ جا انواع هميشهه لئه ٿين سنڌ مان،
”طبيبِ مهربان وقتي شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو “

وِجهي اجرڪ ڪُلهن ۾ ”ناز“ اڄ ٽوپِي سنڌي پائي
مدح خوانيون ڪري سنڌ جون سڀن سان هم نوا ٿيندو.​

320210_10150311600338216_794048215_7974732_4007738_n.jpg

تمام بھترين شاعري۔پر افسوس جو مشاعرو ڪينسل ٿي ويو۔ مونکي مشاعري جو ايترو ڏک نه آھي جيترو اوھان سان نه ملڻ جو ڏک ٿيو آھي شايد اھا منھنجي بد قسمتي ھئي۔ پر جي مشاعرو ٿئي ھا ته اوھان سان ملڻ جي ضرور سعادت نصيب ٿئي ھا۔

ناز صاحب اسلام عليڪم۔تمام بھترين شاعري۔ ان ۾ لڪل اوهان جي سنڌ لاء محبت ۽ سنڏين لاء پيغام هڪ وڏي رمز رکي ٿي شال هر سنڌي اهو پيغام آساني سان سمجهي سگهي۔بهترين شا عري هن فورم تي چٽڻ لاء توهان جون مهربانيون۔
 
جواب: کٿورِي خُون هِي مُنهنجو سڄي سنڌ جا بجا ٿيندو (غزل) نثاراحمدناز

وِجهي اجرڪ ڪُلهن ۾ ”ناز“ اڄ ٽوپِي سنڌي پائي
مدح خوانيون ڪري سنڌ جون سڀن سان هم نوا ٿيندو.

بهترين سائين۔۔۔۔۔۔

سنڌ سان وڏي ويساهه گهاتي آهي پر تازين برساتن ۾ ته قهر ٿي ويو، اوهان جي هميشهه وانگر سنڌ امڙ لاء ڪيل لاجواب شاعري آهي۔

مهربانيون ادا محمد سليمان وساڻ جو توهان کي اسان جي هي شاعري هميشهه وانگر لاجواب لڳي۔ لک لائق ادا۔

.....................................

تمام بھترين شاعري۔پر افسوس جو مشاعرو ڪينسل ٿي ويو۔ مونکي مشاعري جو ايترو ڏک نه آھي جيترو اوھان سان نه ملڻ جو ڏک ٿيو آھي شايد اھا منھنجي بد قسمتي ھئي۔ پر جي مشاعرو ٿئي ھا ته اوھان سان ملڻ جي ضرور سعادت نصيب ٿئي ھا۔

.....................................

تمام بھترين شاعري۔پر افسوس جو مشاعرو ڪينسل ٿي ويو۔ مونکي مشاعري جو ايترو ڏک نه آھي جيترو اوھان سان نه ملڻ جو ڏک ٿيو آھي شايد اھا منھنجي بد قسمتي ھئي۔ پر جي مشاعرو ٿئي ھا ته اوھان سان ملڻ جي ضرور سعادت نصيب ٿئي ھا۔

ادا مشاعرا به ٿيندا پيا، ۽ سڪ کي به پنڌ ڪونهي (آسرو نه لاهي پرين ضرور ملاقات ٿيندي ) ۔

.....................................

ناز صاحب اسلام عليڪم۔تمام بھترين شاعري۔ ان ۾ لڪل اوهان جي سنڌ لاء محبت ۽ سنڏين لاء پيغام هڪ وڏي رمز رکي ٿي شال هر سنڌي اهو پيغام آساني سان سمجهي سگهي۔بهترين شا عري هن فورم تي چٽڻ لاء توهان جون مهربانيون۔

محبتي ڀاءُ غلام مصطفى ميمڻ جا ٿورا جو کيس اسان جي هي غريباڻي شاعري بهترين لڳي ۽ هن شاعري ۾ کيس سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ محبتون ۽ پيار نظر آيا۔ لک لائق سندن۔

.....................................

ادا سٺي ونڊ آهي ۔

محترم رياض حسين گلال جون مهربانيون جو کين اسان جي هي شاعري سُٺي ونڊ لڳي۔
 
Back
Top