• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محسنِ پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
محسنِ پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان

پاڪستان جي ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ، ڊجڻ جي ڪابه ڳالھ نه آهي. قوم جيڪا عزت ڏني آهي هن جو ڪو به مٽ ۽ نعم البدل نه آهي .
اڄ انسان الله تعالى جي ڊنل عقل ۽ سمجه ۽ ذهانت کان ڪم وٺندي پنهنجو پير چنڊ تي ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي . هزارين ڪلاڪن جي پنڌ کي صرف چند ڪلاڪن ۾ طي ڪري رهيو آهي . فضائن کي پنهنجي تابع ڪري رهيو آهي سمنڊ جي گهرائي ۾ ان جا پير مضبوط ٿي چڪا آهن . اشرف المخلوقات جي منصب تي فائز ٿي ڪري بني نوع انسان ترقي ۽ ڪاميابي جي شاندار سنگ ميل کي پار ڪيو آهي .اڄ جي دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ انساني زندگيءَ کي گهڻو وڌيڪ پنهنجي ويجهو ڪيو آهي ۽ انسان سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي اهميت کان ڀڄڻ جو رستو نٿو اختيار ڪري سگهي . پاڪستان کي وجود ۾ ايندي جيتوڻيڪ گهڻو وقت نه ٿيو آهي پر انهيءَ 63 سالن جي زندگيءَ ۾ بي شمار حادثن ۽ واقعن کي پنهنجي دامن ۾ محفوظ ڪيو آهي . جتي وڏا ۽ افسوس ناڪ ۽ عبرت انگيز افسانا هن پاڪستان جي تاريخ جو حصو آهن اتي چند مثبت ۽ سٺا واقعا * ڪارنامه به هن جي عظمت کي چار چنڊ لڳائن ٿا .
پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ ۽ انجينئرنگ جي شعبي کي جن نامور سائنسدان نئين زندگي بخشي انهن مان هڪ ۽ سڀنيءَ کان اهم نالو ” ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب“ جو آهي . ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب پاڪستان جي تاريخ ۾ اهي عظيم ڪارنامه سرانجام ڏنا آهن جنهن تي پاڪستان کي ناز ۽ فخر آهي .
ڊاڪٽر عبدالقدير خان ڀوپال جي انهيءَ سرزمين تي 1936 ء ۾ پيدا ٿيو جنهن سرزمين تي بي شمار عظيم ۽ نامور شخصيتون پنهنجيون اکيون کوليون . ڊاڪٽر صاحب جو والد جو نالو عبدالغفور خان هو جيڪو معلمي ۽ استاديءَ واري پيشي سان لاڳاپيل هو ۽ هڪ هائي اسڪول ۾ هيڊ ماسٽر ۽ صدر مدرس جي حيثيت سان پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري رهيو هو . جون 1947 ء جو سال قيام پاڪستان جي صورت ۾ جلوه افروز ٿيو . بيشمار ٻين خاندانن وانگر ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو خاندان به هجرت ڪري ڪراچيءَ ۾ پنهنجو ٺڪاڻو اڏيو . ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب 1952ء ۾ ڪراچيءَ ۾ آباد هو ليڪن ميٽرڪ جو امتحان ڀوپال مان ئي پاس ڪيو هو . ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ ڪراچي جي عظيم ڪاليج جنهن کي اڄ اسين ”ڊي جي ڪاليج“ جي نالي سان سڃاڻيندا آهيون انهيءَ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ انٽر ۽ بي ايس سي پاڻ انهيءَ ڪاليج مان ڪيائون .
ان کان پوءِ نوڪري جي ڳولھا ۾ ويو انهن کي هڪ سرڪاري اداري ۾ نوڪري ملي وئي پر انهن جو ضمير ۽ اندر هن ڳالھ تي مجبور ڪندو رهيو ته هو اڃان وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم اڳتي وڌائي ، چنانچه انهن نوڪري مان موڪلائي ورتو ۽ وڌيڪ اعلى تعليم لاءِ آگسٽ 1961 ء ۾ يورپ جو رخ ڪيو ۽ جنهن ملڪ جي انهن چونڊ ڪئي هن جو نالو اولھ جرمني هو . اولھ جرمنيءِ جي ”شارلٽن برگ“ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين . جتي ٻن سالن تائين پنهنجي علمي اڃ کي ڪجه گهٽ ڪيو . ان کان پوءِ هالينڊ جي شهر ”هيگ“ کي پنهنجي اڳين منزل بڻايو ۽ هالينڊ جي ٽيڪنالوجي يونيورسٽي مان” ايم ايس سي “جي سند اعلى نمبرن مان حاصل ڪيائين .
1968 ء ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب هالينڊ کي خير آباد چيو ۽ بيلجيم جي قديم ”ليون“ يونيورسٽيءِ ۾ داخلا ورتي . جتان پاڻ 1972 ء ”ڊاڪٽري آف فيزيڪل مٽلرجي “جي ڊگري حاصل ڪئي . جڏهن ڊاڪٽر عبدالقدير خان بيلجيم جي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو انهيءَ وچ ۾ 1971 ء ۾ پاڪستاني تاريخ ۾ اهو عظيم سانحو پيش آيو جنهن لکين محب وطن پاڪستانين کي رت جا ڳوڙها روارڻ تي مجبور ڪيو يعني مشرقي پاڪستان جو حادثو . انهيءَ سانحيءَ ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي بي حد غم ڏنو چنانچه پاڻ پاڪستان جي بچاءِ ۽ ان جي استحڪام کي وڏيڪ وسيع ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ يورپ ۾ ئي رهڻ جو ارادو ڪيو ۽ تعليم کان فراغت کان پوءِ هالينڊ شهر ايمسٽرڊيم جي هڪ انجينئيرنگ جي اداري ” اي ڊي او“ سان پاڻ کي منسلڪ ڪيو . جنهن کي دنيا ”فزيڪل ڊائنا ميڪل انجينئرنگ ريسرچ ليبارٽريءِ“ جي نالي سان سڃاڻيندي آهي . ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب انهيءَ ريسرچ ليبارٽري کي پنهنجي ذهن ۽ دماغ ۾ مڪمل طور تي محفوظ ڪري ڇڏيو. ۽ وقت سان گڏ پاڻ انهن سڀنن سائنسي حقيقتن ۽ رازن کي پنهنجي گرفت ۾ محفوظ ڪيو. جنهن تي دنيا جا چند وڏا ملڪ گجهي طريقي تي ڪم ڪري رهيا هئا . ڊاڪٽر صاحب جي قابليت ۽ صلاحيت ۽ پنهنجي ڪم ۾ مهارت انگريزن کي ڏاڍو متاثر ڪيو . چنانچه انهن ڊاڪٽر صاحب جي صلاحيتن مان پوري طور تي فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي . ۽ ڊاڪٽر صاحب کي”الميلو“ جي ايٽمي پلانٽ تي بطور مشير جي مقرر ڪيو .

ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب يورپ ۾ رهڻ جي وچ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ چند يونيورسٽي زبانن تي به مڪمل عبور ۽ مهارت به حاصل ڪئي هئي .چنانچه ڊاڪٽر صاحٻ کي اهڙا اهم دستاويز ۽ معلومات ترجمي ڪرڻ جي لاءِ ڏنا ويا جن کي هرحال ۾ خفيه رکڻ ضروري هو . پاڻ 1975 ء ۾ مستقل طور تي پاڪستان اچڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو . ڊاڪٽر عبدالقدير خان جنهن ريسرچ ليبارٽري ۾ پنهنجا فرائض ۽ سر انجام ڏئي رهيو هو انهي اداري ڊاڪٽر صاحب کي حسني ڪارگردگي جي اعلى ترين اعزازن سان نوازيو . پاڪستان ۾ ان وقت جي وزيرِ اعظم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب کي ”ڪهوٽا ايٽمي ريسرچ “جو منتظم اعلى مقرر ڪيو ۽ هو انهيءَ اهم پروجيڪٽ تي ڏينهن رات ڪم ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو . ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستان جي مسلمانن ۽ اسلامي دنيا لاءِ اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو جيڪوهن جي زندگيءَ جو مقصد حيات هو . هاڻي يورپ ۽ غير ملڪي قومون جيترو به شور ۽ ڳوڙ ڪن يا هنگامو ڪن نيري ڇت واري ڪائنات جي بادشاه الله رب العزت پنهنجو ڪم ڪرائي ڇڏيو ۽ الله پاڪ جو اسان تي اهو وڏو احسان آهي .
ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب تي 1983ء ۾ ايمسٽر ڊيم جي عدالت ايٽمي راز چورائڻ جو الزام لڳايو ۽ ڪيس دائر ڪري ڇڏيو ۽ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي غير حاضريءَ تي چئن سالن جي سزا ٻڌائي وئي . ڊاڪٽر عبدالقدير خان سان حڪومتِ پاڪستان ڇا ڪري رهي آهي ، انهيءَ بحث ۾ وڃڻ ۽ شور ڳوڙ ڪرڻ سان ڪجه به حاصل نه ٿيندو . قوم کي ڪالھ اڄ ۽ آئيندي به هميشه ڊاڪٽر عبدالقدير خان تي ناز ۽ فخر رهندو ۽ فخر ۽ ناز ڇو نه هجي جو ڊاڪٽر عبدالقدير خان پنهنجي وجود سان هزارن جي تعداد ۾ قدير خان پيدا ڪيا آهن جيڪي پاڪستان جي ٽيڪنالوجيءَ جي ميدان ۾ ڏينهن رات ڪم ۾ مصروف آهن ۽ پاڪستان کي ترقيءَ جي رستي تي آڻڻ جي لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن . هاڻي پاڪستان جي قوم جي ذميداري آهي ته اهي پنهنجيون اکيون کولين ۽ دوست ۽ دشمن جي شناخت ۽ سڃاڻ ڪن .

ورتل ؛ ماهوار الفارق سنڌي جي ٿورن سان
ڪمپوز افتخار علي چوهاڻ
 
Back
Top