اصل قصو ته تمام وڏو آ پر يار مختصر ٿو ڪيان پاڻ وارو ڇتو ڪوري گهمڻ جو ڏاڍو شوقين آ سو مان جڏنهن پاڪستان آيم ته اچي مهنجي ڪڍ لڳو ته مون کي پاڻ سان گڏ وٺيون هل مان به ڪويت ۾ عربن جو ڏاچيون چاريندس مون کي ڏاچيون ڏهڻ به ايندو آهي بس سائين صبح شام ڪاڪي آچار جي اوطاق تي اصل مون کان به اڳي بيٺو آهي سو سڄي سنگت چيو ته ابا هن کي وٺيون وڃ خير قصو ڪوتاه مان به تيار ٿي هن کي ايئر پورٽ تي وٺي آيم ته جهاز وارن گوهي ڪئي ته هيڙا ايٽم موزيم ۾ رکڻ جهڙا آهين ان کي تون ٻاهر ڪاڏي ٿو وٺيو وڃين خير نيٺ نه مڃايون ۽ مٿان ڇتي جو رڙيون مون کي به خيال آيو مان به ڇٿي کي کڻي پاڻ واري بيگ ۾ وڌو ۔۔۔۔۔۔خير الله الله ڪري نيٺ ڪويت ان کي پهچايو بس ايئر پورٽ تي بيٺو ئي هيم ته اتي مون کي ميوزيم وارا فري ويا ابا هي اسان کي ڏي هي اسان کي ڏي اسان هن کي موزيم ۾ رکندا سي وڏي پگهارجو آسرو ڏئي نيٺ مون کان ڦري ويا ڇتي به ايڏو پروٽو ڪول ڏٺو ته مون کان به ڪونه پڇيائين ۽ انهن سان هليو ويو ٻي ڏينهن تي ڇا ڏسان ته ڇتو پيو ٿو روڊ ٿي گهمي اڙي ڇتا رات انهن تو سان ڪهڙي ويڌن ڪئي مون ڏاڌيو پڇڻ جي ڪوشش ڪئي مون کي نٿو ٻڌائي پر جنهن حالت ۾ مون وٽ آيو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عربن ڪئي مڙس سان حالت آ پر ڪهڙي حالت ڪئي آ جي سنگت کي پاڻ ٻڌائي ته بهتر آ نه ته هڻ کڻ ايجنسي ان جو پتو پاڻهي لڳائي ويندي ههههههه