هيٺين ٻن نينگرن جي رحمدلي ته ڏسو ۔۔۔۔ ۽ طريقو به ته ڪهڙي طرح هڪ ڪتي جي ٻلر کي پاڻي جي ڪينال مان ڪڍي رهيا آهن۔۔۔۔۔ ڏسو ڪهڙي طرح اسڪولي بيگ کي ٻئي جهلي مدد ڪري رهيا آهن۔۔۔۔ مدد ڪرڻ جي ڪا حد نه ٿيندي آهي۔۔۔۔
lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing سائين واقعا هي تصوير گهڻو ڪجھ سمجھائي ٿي sadayeen gud sindhsalamatsaathsal
ادا رشيد سائين جت هن تصوير اکين ۾ پاڻي ڀري ڇڏيو، ات هڪ قصو ياد آيو آهي ... ننڍڙي هوندي پرائمري اسڪول جي ڳالهه آهي ته مينهن جي موسم ۾ آءُ لاڙڪاڻي شهر کان پنهنجي ڳوٺ رتي_ڪوٽ ٿي ويس ته ڳوٺ وڃي مينهن جي موسم جو مزو ماڻجي ... کليل زمينون، ساوڪ ۽ مٿان وري مينهن جي موسم ... خئير لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي کان جڏهن لاري اڏي ڏانهن وڃبو هو ته رستي ۾ مڇيءَ ۽ گوشت جو مارڪيٽ ايندو هو ... مينهن به وسي رهيو هو، سيءُ به هو ۽ مٿان وري تيز هوا به هلي رهي هئي ... اوچتو منهنجي ڪن ته ڪنهن ڪتي جي ٻلر (گلر) جي ڪيڪاٽ ڪن تي پئي ... ڏسان ته اهڙو ئي ننڍڙو اڇو گلر ڀت جي پاسي ۾ انتهائي خراب حالت ۾ ڏڪي رهيو هو، مونکي به رحم اچي ويو سو کڻي وڌومانس ٿيلهي ۾ جت کيس ڪجه گرمي ملي ته آرام سان سمهي رهيو ... آءُ به لاريءَ تي چڙهي اچي ڳوٺ نڪتس، بس پوءِ ته سڄي واٽ کيس گهمائيندو گهر وٺي ويس، بابا پڇيو ته هي وري ڪٿان کڻي آيو آهين؟ .. مون ڪوڙ ڳالهائيندي کيس چيو ته دوست تحفي ۾ ڏنو آهي تمام سٺي نسل جو آهي ... اهو ڪتو اسانجي گهر ۾ وڏو ٿيو ۽ تر جي تمام سٺن قدآور ڪتن ۾ ليکيو ويندو هو ... گهر جي سنڀال سان گڏوگڏ پوري ڳوٺ جي سنڀال به ڪندو هو ... آءُ جڏه ڳوٺ ويندو هيس ته مونکي ايئن پيار ڪندو هو ڄڻ سندس ڪو وڇڙيل ڀاءُ مليو هجي ...
واه ادا انسانيت اڃان به آهي ادا رشيد توهان هِنن فوٽو سان اسان جي دل جا ڪئي راز کهولي ڇڏيا مهرباني ادا توهان جي
سائين واقعي رحمدلي جا ڪائي حد ناهي ٿيندي، انهي تصويرن کي اگر هن فورم جي بهترين تصيورن جو ايوارڊ ڏنو وڃي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟ هاڻي ڏسجي ته ڪيترا دوست انهي جي ايوارڊ جي حق ۾ آهن