[JUSTIFY]سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ جي نامياري اديب، محقق ۽ شاعر تاج جويو کي سندس جنم ڏينهن تي دلي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ تاج جويي جو پورو نالو، تاج محمد ولد حاجي جويو آهي. هن 6 سيپٽمبر 1954ع تي تعلقي سڪرنڊ (هاڻي دولتپور) ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’پير ڪولاچيءَ‘ ۾ جنم ورتو. بي. اي گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان ۽ ايم. اي (سنڌي) خانگي طرح سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1978ع ۾ پاس ڪري، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران چانسلر ۽ وائيس چانسلر گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ خانگي طرح اديب سنڌي، عالم ۽ فاضل ۾ پڻ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشنون حاصل ڪيائين. سندس شخصيت ۽ ڪيل علمي ۽ ادبي ڪم جا تفصيل پڙهڻ لاء سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو. تاج جويي جو نه رڳو سنڌي شاعريءَ ۾، پر سنڌي نثري ادب، تنقيد، لطيفيات ۽ سنڌ جي تاريخ جي ميدان ۾ به ڪافي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ٿيل آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ (اياز گل سان گڏ) 1978ع ۾ ڇپيو، جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، سال جو شاعريءَ جو بهترين ڪتاب قرار ڏيندي، انعام ڏنو. کيس علمي ادبي خدمتن جي مڃتا طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي اوارڊ (بهترين شاعري: ”سوچون سرها گل“)، سنگت اوارڊ 1997ع، ۽ 1999ع، (تنقيد ۽ تحقيق)، شاهه لطيف آرٽ سرڪل موري ۽ سڪندر آرٽ گئلري، نواب شاهه طرفان اوارڊ، اسٽوڊنٽس زون اوارڊ، (ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران ادبي خدمتن تي)، ع. ق. شيخ اوارڊ، ڪاروانِ ادب سنڌ پاران ٻه ڀيرا اوارڊ (تحقيقي ادب)، سچل سرمست اوارڊ، شاهه لطيف ايڪسيلنس اوارڊ، حمل فقير اوارڊ، شيخ اياز مڃتا شيلڊ، تنوير عباسي اوارڊ، اُستاد بخاري اوارڊ، بيدل اوارڊ، انيس انصاري اوارڊ، اڏيرو لال اوارڊ ۽ ٻيا ڪئين اوارڊ ملي چڪا آهن. سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ کي فعال ڪرڻ ۾ تاج جويي جي محنتن کي وساري نٿو سگهجي. هن وقت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ايڊيٽر ۽ نگران آهي ۽ اٿارٽيءَ جي اشاعتي، ادبي ۽ تنظيمي ڪم ڪار ۾ اڳڀرو آهي. [/JUSTIFY]
جواب: سنڌ جي نامياري اديب، محقق ۽ شاعر تاج جويو کي جنم ڏينهن جون واڌايون سائين جن کي جنم ڏينهن جون مبارڪون ۔
جواب: سنڌ جي نامياري اديب، محقق ۽ شاعر تاج جويو کي جنم ڏينهن جون واڌايون مهرباني دوستو تاج جويو نه صرف هڪ جاکوڙي اديب آهي پر ان سان گڏ هن سنڌ جي مسئلن تي سائين جي ايم سيد سان گڏ به هڪ وڏو عرصو گذاريو آهي۔ سندس هي ٻي وڻندڙ ڳالهه اها آهي جڏهن به کيس دوست ڪنهن پروگرام جي نينڍ ڏيندا آهن ته ڪوشش ڪري اتي پهچندو آهي۔
جواب: سنڌ جي نامياري اديب، محقق ۽ شاعر تاج جويو کي جنم ڏينهن جون واڌايون سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ جي نامياري اديب، محقق ۽ شاعر تاج جويو کي سندس جنم ڏينهن تي دلي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔