ڇا پيپلز پارٽي جو زوال لياريءَ کان شروع ٿيندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇا پيپلز پارٽي جو زوال لياريءَ کان شروع ٿيندو؟
    رکيل مورائي

    [JUSTIFY]تاريخ پاڻ ورجائي رهي آهي، وقت ابتو ڦيرو ڏيڻ لڳو آهي، ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي پنهنجي زوال ڏانهن روانو ٿي آهي، ها تاريخ وڏو سچ آهي، وقت بادشاهه آهي، هو ڪنهن جو به انتظار نه ڪندو آهي، پر اهو تاريخ جي تابع ضرور هوندو آهي، اڄ تاريخ جي هڪ ننڍڙي جهر وڪي مان نگاهه وجهي جڏهن ڏسجي ٿو ته پيپلز پارٽي جي تاريخ تي نظر پوي ٿي ۽ اهو وقت ياد پوي ٿو، جڏهن ڀٽو صاحب لياري مان پنهنجي اليڪشن مهم جاري ڪري رهيو هو، تڏهن ڪراچي سنڌين جو شهر هُئو ۽ سڄي لياريءَ ۾ گهرن کان ٻاهر لياري واسي سنڌي ڳالهائيندا هئا ۽ شام صبح پنهنجي گهوڙن نما گڏهن کي رنگين ڳانا گچي ۾ پائي، شيشم جي ڪاٺ مان جڙيل، هڪ ماڻهو جي ويهڻ وارن گاڏن ۾ جوٽي شام جو ۽ صبح جو پيپلز پارٽي جي حمايت ۾ هڪ وڏو جلسو ڪڍندا هئا ۽ صدر تائين اهو گڏهه گاڏن جو جلسو مگرمان تي ناچ نچندو، ڪراچيءَ جي روڊن جو طواف ڪندو رات دير تائين لياري موٽندو هو، گڏهه گاڏن تي لياري واسين جي نڪتل جلوسن، مگر مان تي ناچ نچندڙ بلوچ نوجوانن ۽ لياري جي عورتن جي گيتن جي گونجار ۾ ڀٽو صاحب لياري مان کٽي آيو، هن ست سال حڪومت ڪئي لياري کي ڪوسُک نه مليو، لياري واسي غصي ۾ رهيا. ڀٽي صاحب کي ڦاسي آئي، لياريءَ واسين جو غصو غم ۾ تبديل ٿي ويو، محترمه بينظير ڀٽو پيپلز پارٽي جون واڳون سنڀاليون،صالح حيات هليوويو، ڊاڪٽر غلام حسين هليو ويو، مبشر حسن هليو، غلام مصطفيٰ جتوئي، هليو، حفيظ پيرزادو هليو ويو، ممتاز ڀٽو هليوويو، پر پيپلز پارٽي کان پري نه ٿيا ته اهي لياريءَ واسي هئا.

    محترمه بينظير صاحبه وطن واپس آئي ته لياري واسين ساڳئي جوش ۽ جنون سان سندس استقبال ڪيو، پر هنن گڏهه گاڏن بجاءِ ٽرڪن، بسين، رڪشن ۽ موٽر سائيڪلن کي استعمال ڪيو، هنن مگر مان جي بجاءِ ايڪوسائونڊ استعمال ڪيو، ٽيپ رڪارڊ استعمال ڪيو۽ ساڳي پنهنجي دل استعمال ڪئي، محترمه جي شادي جو ڪاڄ ٿيو ته سموري دنيا لياري واسين جي خوشي ڏسي دنگ رهجي وئي، محترمه پنهنجي ورکي لياري مان بيهاريو، لياري واسين ان کي ڀٽو سمجهيو ۽ هو اتان کٽي آيو، محترمه ٻه ڀيرا حڪومت ڪئي دنيا پرنٽ ميڊيا کان اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تبديل ٿي، ڪمپيوٽر ايج ۾ داخل ٿي، نه تبديل ٿي ته لياري واسين جي سماجي زندگي نه تبديل ٿي ۽ لياري نه تبديل ٿي، لياري واسين جي اندر ۾وري غصو جاڳيو، اچانڪ محترمه شهيد ٿي ۽ وري هنن جو غصو غم ۾ تبديل ٿيو، زرداري صاحب پنهنجي ڪمال سياست سان صدر بڻيو ته نبيل گبول پري ٿي ويو، ناهيد خان پري ٿي وئي، صفدر عباسي پري ٿي ويو، خان محمد جمالي پري ٿي ويو، اعتزاز احسن پري ٿي ويو، مخدوم شاهه قريشي پري ٿي ويو، مخدوم امين فهيم پري ٿيندي رهجي ويو، ظفر علي شاهه پري ٿي ويو، واجه ڪريم داد سميت ڪيترائي اڳواڻ قتل ٿي ويا، پيپلز پارٽي کان پري نه ٿيا ته لياري واسي نه ٿيا، ڇو ته هنن سمجهيو ٿي ته هي اها پارٽي آهي، جنهن جي آبياري رت سان ٿي آهي ۽ ان رت ۾ لياري واسين جو رت به شامل آهي. هنن جو پيپلز پارٽي کان پري ٿيڻ پنهنجي ئي رت کان پري ٿيڻ برابر هئو ۽ آهي.توڻي جو سموري سنڌ جو رت به پيپلز پارٽي ۾ شامل آهي ۽ سنڌين رت ڏئي هن پارٽي کي بچايو آهي، شايد پيپلز پارٽي انساني رت تي ئي جيئري رهي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته تازو ئي جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پيپلز پارٽي جي سامهون آيو آهي ته صورتحال بنهه تبديل ٿي وئي آهي.

    سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ۾ صدر زرداري جو دوست سمجهيو ويندڙ ذوالفقار مرزا جڏهن ميڊيا آڏو هڪ طوفان ساڻ کڻي نروار ٿيو آهي ته لڳاتار ميڊيا ان موضوع مان جان نه ڇڏائي سگهي، جنهن ڪري ملڪ جا ٻيا سڀ مسئلا ان هڪ مسئلي آڏو ڌنڌلا ٿي ويا آهن، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سچين ڳالهين، انڪشافن، الزامن ۽ لفظي گولين هڪ ئي وقت گهڻين ڌرين کي زخمي ڪيو آهي ۽ اهي اڃا تائين اهو ڌڪ پچائي سنوت ۾ نه اچي سگهيا آهن، ڳالهه فقط اتي نٿي پوري ٿئي، پر ذوالفقار مرزا جي سموري سنڌ سان گڏ جيڪا لياري واسين آجيان ڪئي آهي، اها ڪراچي جي ويجهي تاريخ ۾ مثالي به چئي سگهجي ٿي، ان جا سبب ڪيترائي آهن، پر مکيه ٻه سبب آهي، هڪ ۽ اهم سبب لياري واسين جي اها محرومي آهي جيڪا چاليهن سالن کان لڳاتار رهندي پئي اچي. جنهن جو تدارڪ پيپلز پارٽي حڪومت نه ڪيو آهي ۽ ٻيو سبب اهو آهي ته شخصي طور مرزا صاحب جيڪو لياريءَ واسي نوجوانن سان ويجهڙائي وارو تعلق جوڙيو هو، اهو لياري واسين لاءِ هڪ سياسي اتساهه بڻيل هو، جيڪو مرزا صاحب جي پيپلز پارٽي مان هليو وڃڻ سان مايوسيءَ ۾ بدلجي ويوآهي ۽ هاڻ لياريءَ واسي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي مايوسيءَ واري دور مان گذري رهيا آهن، جنهن مايوسيءَ جا ڪارڻ اهي آسرا ۽ اميدون آهن جيڪي مرزا صاحب جي معرفت لياري واسين پيپلز پارٽي مان نااميدي واري صورتحال ۾ به جوڙيون آهن، ڇاڪاڻ ته سندن اهم نمائيندو نبيل گبول لياري واسين جي اميدن تي پنهنجي بيوسيءَ يا پيپلز پارٽي حڪومت ۾ اهميت نه هجڻ سبب پورو لهي نه سگهيو آهي، جنهن جو اظهار هو پنهنجي الڳ الڳ بيانن ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ ڪري چڪو آهي.

    لياريءَ واسين جي مايوسي ۽ نااميدي جو سبب پيپلز پارٽي حڪومت جي دور ۾ واجه ڪريم داد سميت ڪيترن ئي لياري واسي نوجوانن جا قتل به آهن ته اهي نوجوان به آهن جيڪي اغوا ڪري گم ڪيا ويا آهن ۽ تازو سبب لياري جي مختلف علائقن جو اهو آپريشن آهي جنهن جي نگراني سنڌ جا ۽لياريءَ جا دشمن ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري سنڌ جي سمورن ماڻهن کان وڌيڪ لياريءَ واسين کي پنهنجي ئي چونڊيل حڪومت ۾ اڪيلو ٿي مارجڻ جو شديد احساس آهي، جنهن کين اٻاڻڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ جڏهن ذوالفقار مرزا لياريءَ جو حوالو کڻي ڪراچي ۾ آپريشن ڪندڙن کي للڪاريو آهي ته لياري واسين کي هڪ نئون ذوالفقار ڀٽو نظر اچڻ لڳو آهي، جنهن ڪري وري هنن ۾ هڪ ويساهه جاڳيو آهي، پر هاڻوڪو لياري وارن جو ويساهه هڪ انوکو ويساهه آهي ۽ ساڳئي وقت هڪ خوفناڪ به ! ڇاڪاڻ ته اهو پيپلز پارٽي جي خلاف جاڳيو آهي، جڏهن پيپلز پارٽي جي سمورين سنڌ دشمن پاليسين جي خلاف سنڌ متحد ٿي احتجاج جو سڏ ڏنو ته لياريءَ ان ۾ ڀرپور حصو ورتو، ان کان پوءِ جڏهن پيپلز پارٽي جو خاص وزير سمجهيو ويندڙ ۽ زرداري صاحب جو خاص دوست سمجهيو ويندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هڪ اهڙي وقت ۽ حالتن جي زد ۾ اچي الڳ ٿيوآهي، جو سنڌ جي ماڻهن ڪڏهن سوچيو به نه هو ۽ نه ئي لياري واسين اهو سوچيو هوندو، اڄ جڏهن ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا مسئلا ڪي اهڙا ماڻهو طئي ڪري رهيا آهن، جيڪي مرزا صاحب جي چواڻي هڪ نمبرجا سنڌ دشمن ۽ ڪراچي دشمن آهن، تڏهن عملي طرح ائين نظر اچي ٿو ته ڪراچيءَ سميت سنڌ جا سڀ ماڻهو پنهنجي ئي چونڊيل حڪمرانن مان مايوس ٿي ويا آهن.

    ڪراچي واسين لاءِ ٻه رستا آهن، هڪ رستو عزيز آباد ڏانهن وڃي ٿو ۽ ٻيو رستو لياري ڏانهن وڃي ٿو، جيستائين ٽيون رستو جڙي راس ٿئي، تيستائين سنڌي لياري واري رستي تي پنڌ پوڻ جو سوچي رهيا آهن ۽ لياري اڄ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان پارٽي جي خلاف ڳالهايو آهي، جنهن ۾ هنن جي نسلن جو رت به آهي ته روح به آهي، جنهن پارٽي لاءِ هنن جيل به ڀوڳيا آهن ته ڦٽڪا به کاڌا آهن، ان ئي پارٽي جي خلاف هنن ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي، اڄ پهريو ڀيرو اهڙو احساس جاڳيو آهي ته شال ائين نه ٿئي جو پيپلز پارٽي لاءِ ان جي ڪاميابي لاءِ ٿيندڙ مگر مان ناچ سڀاڻي پيپلز پارٽي لاءِ ڪالي ماتا جو ٽانڊ وَ ناچ ثابت ٿئي، لياريءَ واسين جا ڳايل سوڀ جا گيت پيپلز پارٽي جي تباهيءَ جا نوحا بڻجي پون، لياري واسين جا گڏهن گاڏن تي نڪتل آجياڻي وارا جلوس پيپلز پارٽي جي مخالفت جا جلسا ٿي پون ۽ انهن کي خطاب ڪرڻ وارو هڪ نئون ذوالفقار هجي، پوءِ ڀلي اهو ڀٽو نه هجي، مرزا هجي،لياري واسي ان سان گڏ هوندا.

    [/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو