پاڪستان ۾ حالتون بغاوت لاءِ تيار، پر.....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پاڪستان ۾ حالتون بغاوت لاءِ تيار، پر.....

    طارق علي


    اڄ جي پاڪستان جي حالت ان بيمار جهڙي ٿي چڪي آهي جيڪو نه سڄو ختم ٿي سگهي ٿو نه وري ڪا اهڙي حڪومت اتي اچي سگهي ٿي جيڪا هن ملڪ کي ڪجهه اڳتي وٺي وڃي سگهي ۽ ان احساس گهڻن ئي ماڻهن کي هڪ ڏهاڪي کان ڊپريشن جو شڪار ڪيو آهي، پاڪستان جا اصل حڪمران فوجي ۽ سويلين، وڏي مزي سان فوجي، سياسي، انتظامي، معاشي ۽ عدليه جي طاقت جا مزا اڏائي رهيا آهن. جيتوڻيڪ دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي پر پاڪستان ۾ حڪمرانن ۽ عوام وچ ۾ فرق ايترو گهڻو آهي جو اتي هيڻي اڪثريت کي طاقتور ۽ امير ماڻهن کان، جيڪي اقليت ۾ آهن، بچائڻ جو ڪو طريقو ناهي.

    برادرين ۽ مٽين مائٽين جي نيٽ ورڪ، غنڊن طرفان زندگيءَ جي ضمانت وغيره سان ڪجهه فرق ته پئجي سگهي ٿو پر اهو سوچڻ ته اهي ماڻهن کي پاڻي، بجلي، رعايتي اٽو، صحت جون سهولتون، تعليم وغيره ڏئي سگهن ٿيون، احمقن جي جنت ۾ رهڻ برابر هوندو. اهڙي ترقي جنهن جو ڪجهه فائدو ٿئي ان وقت ممڪن ٿي سگهي ٿي جڏهن اها سمورن ماڻهن لاءِ هجي، ايئن نه ته چند ماڻهن ان ۾ فائدو وٺن. پاڪستان ۾ ان قسم جي ترقي ڪڏهن به نه ٿي جنهن مان سڀ ماڻهو فائدو وٺن.

    ڏوهه نه ته قسمت جو اهي ۽ نه وري پاڪستناي ماڻهن جو، جن جي برداشت ۽ صبر ڏسڻ وٽان آهي. پاڪستاني عوام سياسي پارٽين ۽ فوجي حڪمرانن کي به آزمايو پر پوءِ بگه کين ڪجهه نه مليو، ان حقيقت هوندي، پاڪستاني عوام اڃا به اتان جي مذهبي پارٽين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ايتري جلدي ۾ ناهن، جڏهن ته هٿياربند جهادي گروپن ۾ شامل ٿيڻ ته پري جي ڳالهه آهي. هن وقت تا.ئين پاڪستانين جي هڪ وڏي انگ مذهبي ۽ جهادي گروپن ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ماڻهن کي جنت جا گهڻا خواب ڏيکاريا وڃن ٿا. عالمي ميڊيا جي پاڪستان بابت ٺاهيل اميج جي ابتڙ، عام پاڪستاني مذهبي شدت پسندن جي ڄار ۾ نه پيا ڦاسن.

    پاڪستان ۾ آباديءَ جي سائنس کي سدائين نظرانداز ڪيو ويندو آهي. پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي هن وقت 285 سالن کان گهٽ عمر واري آهي. اهي ڪونه ڪو ڪم ڪندائي رهن ٿا. بيروزگاري گهڻي آهي. انهن مان اڪثريت تعليم چاهي ٿي، کين نوڪريون گهرجن، جڏهن ته سياسي ڪرپشن جو ته جواب ئي ناهي. هاڻي سوال اهو آهي ته سندس اهي مطالبا ڪڏهن به پورا ٿيندا؟

    پاڪستان جي سياسي زندگي ۽ شين سان عبارت آهي. آمريڪا، آرمي ۽ ڪرپٽ حڪمران جن جو نمائندو هن وقت پاڪستان جوص در آصف علي زرداري آهي. زرداري صاحب کي سڄي دنيا ۾ مال ٺاهڻ ۽ بي حساب جائداد هٿ ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. تازو ٿيندڙ پول ۾ سندس مقبوليت جو گراف رڳو 2 سيڪڙو هيو. ظالم پنجابي طعنو اڪثر انهن ”معززين“ کي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا جڏهن اهي عوام سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪرن ٿا. اها هڪ طرح ٿورڙي زيادتي آهي ڇاڪاڻ ته اهي پنجابي طعنا غير سان مسلم ليگ جي ليڊرن تي به لاڳو ڪري سگهجن ٿا.

    حقيقت اها آهي ته ماڻهو هاڻي سياست کان هڪ طرح نفرت ڪن ٿا ۽ سندن خيال ۾ سياستدان اهڙا چالاڪ ماڻهو هوندا آهن جيڪي پيسو ڪمائڻ تي لڳل آهن ۽ پاڻ سان گڏ انهن گروهن جو پڻ خيال رکن ٿا جيڪي بعد ۾ سندن ووٽ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

    آمريڪا هن وقت افغانستان ۾ هڪ جنگ وڙهي رهيو آهي، اها پاڪستان جي اندر تائين پکڙجي وئي آهي ۽ ملڪ کي وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ڪري رهي آهي. رهيل ڪسرآمريڪي ڊرون حملن پوري ڪري ڇڏي آهي. جيڪي پاڪستان جي حڪمرانن جي مرضي سان ڪيا پيا وڃن ۽ جن ببات ٻڌايو وڃي ٿو ته انهن جو اصل مقصد دهشت گردن کي مارڻ آهي، پر ماريا معصوم ۽ عام ماڻهو پيا وڃن. انهن ڊرون حملن ۾ مارجندڙ عام ماڻهن جو انگ هن وقت 2000 جي لڳ ڀڳ چيو پيو وڃي ۽ انهن مارندڙن ۾ گهڻا تڻا ٻار ۽ عورتون اهن.

    پاڪستاني فوج ۽ ٻيون سيڪيورٽي فورسز به هن وقت اترين علائقن ۾ پنهنجي ماڻهن تي حملا ڪري هڪ طرح سخت دٻاءَ جو شڪار آهن. پاڪستاني فوج افغان سرحد وٽ اورڪزئي ضلعي مان اڍائي لک ماڻهن کي زبردستي پنهنجي علائقن مان لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ کين پناهگير ڪئمپن ۾ آڻي وڌو، انهن مان گهڻن بدلو وٺڻ جو قسم کنيو ۽ هاڻي شدت پسندن ٻيو ته ٺهيو آءِ ايس آءِ ۽ ٻين فوجي ٺڪاڻن کي به نشانو بنائڻ شروع ڪيو آهي.

    معيشت جو حال گهڻو خراب آهي ۽ آءِ ايم ايف جا پاڪستان کي قرض ڏيڻ جا شرط ڏينهون ڏينهن سخت ٿيندا پيا وڃن. هڪ اهڙي ملڪ ۾ اڻ سڌي ٽيڪس تي اصرار ڪرڻ جتي امير ماڻهو حقيقت ۾ هڪ رپيو ٽيڪس نه ٿا ڏين، هڪ ظلم نه ته ٻيو ڇا آهي. پاڪستان حڪومت کي بجلي جون قيمتون وڌائڻ تي مجبور ڪرڻ جو نتيجو اهو اهي ته گهڻن ئي شهرن ۾ امن خلاف فساد ٿيا آهن ۽ واپڊا جون آفيسون ساڙيون ويون. آ3 ايم ايف جو عام ماڻهن لاءِ اهو پيغام بنهه صاف شفاف آهي. پيسا وڌيڪ ڏيو، پر وٺو تمام گهٽ.

    2010ع واري ٻوڏ اهو ثابت ڪيو ته پاڪستاني حڪمران ۽ اعليٰ طبقا پنهنجي ماڻهن جي ڪابه مدد ڪرڻ کان معذور آهن. اڃا تائين ٻوڏ جون ڪهاڻيون ماڻهن کي ڊيڄاري ڇڏين ٿيون. غربت جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل پروگرام ريگستان ۾ هڪ پاڻيءَ جي بوند وانگر آهن.

    پاڪستان جي سالياني قومي بجيٽ تي فوج جو قبضو آهي. سياسي گينگ وار ڪراچيءَ جو حشر خراب ڪري رکيو آهي. پاڪستان ۾ هڪ ٻي فوجي بغاوت جو وقت پهچي ويو آهي پر پاڪستاني فوج هن وقت غير مقبول آهي ۽ آمريڪا به هن وقت ان موڊ ۾ ناهي جو هو ڪ ٻي فوجي بغاوت لاءِ پنهنجي رضامندي ظاهر ڪري.

    هيءَ به هڪ بيهوده مذاق کان گهٽ ڳالهه ناهي ته فوج پاڪستان تي سياستدانن جي ڀيٽ ۾ سٺي حڪمراني ڪئي آهي. حقيقتون ان ڳالهه کي ٽيڪ نه ٿيون ڏين جرنيلن توڙي سياستدانن هميشه عام پاڪستانين ڏانهن لاپرواهي وارو رويو رکيو آهي. دنيا جو سڀ کان گندو ڪاروبار اهو رهيو آهي ته هر شئي کي مارڪيٽ ۽ نجي منافعي خوري تي ڇڏي ڏيو. هاڻي ان سان ڳالهه نه ٿي ٺهي، پاڪستان جهڙن ملڪن ائين ڪم نه ٿو هلي.

    پاڪستان جو اندروني زوال ۽ ان ۾ ڀڃ ڊاهه تيزيءَ سان ٿي رهي آهي. هتي سخت مايوسي ۽ ان کان وڌيڪ هي احساس ته هتي ڪنهن شئي جي ڪا اهميت باقي نه رهي آهي. فيض احمد فيض پنهنجي هڪ متاثر ڪندڙ نظم ۾ پنهنجي ڌرتي کي هڪ مرده پتن جو جهنگ چيو ۽ ان کي درد جي اجتماع سان تشبيهه ڏني. انهن سالن ۾ ڪجهه به اهڙو نه ٿي سگهيو جنهن سان اهو سڀ ڪجهه رڪجي يا بدلجي وڃي ها. پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان سان ماڻهن ۾ بي وسيءَ جو احساس وڌي ويو آهي. دير يا سوير ماڻهو اٿندا ۽ هن سموري گند کي صاف ڪندا. هاڻي مون کان اهو نه پڇو ته ائين ڪڏهن ٿيندو!


    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڪستان ۾ حالتون بغاوت لاءِ تيار، پر.....

    تمام سٺو مضمون آهي پر پوء به مونکي نه ٿو لڳي ته هتي ڪا گڏيل بغاوت اٿي۔ ان جو سبب آهي پاڪستاني عوام کي ٽڪرن، ذاتين، قبيلن، لساني ۽ مذهبي گروپن ۾ ورهائڻ آهي۔ پوء جيڪڏهن ڪا تبديلي آئي ته اها ملڪ کي حصن ۾ ورهائي ڇڏيندي ۽ طاقتور ڌريون ئي فائدي ۾ رهنديون پر بدقسمتيء سان سنڌين وٽ ڪابه پلاننگ ڪانهي نه وري ڪا اهڙي قسم جي تياري ڪيل آهي۔
     
  3. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    جواب: پاڪستان ۾ حالتون بغاوت لاءِ تيار، پر.....

    ادا هي بلڪل سچ آهي، اگر ملڪ ۾ ههڙي حالت رهي ته اهو حصن ۾ ورهائجي ويندو۔۔۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: پاڪستان ۾ حالتون بغاوت لاءِ تيار، پر.....

    ڪو انقلاب ساٿيو ڪو انقلاب ساٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو