[JUSTIFY]سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ، پياري دوست ۽ نفيس انسان اسدلله ڀٽو المعروف ابو واصف کي جنم ڏينهن جون واڌايون هجن۔ اسان جو دوست ابو واصف سدائين سنڌي ٻوليء جي ترقيء لاء ۽ خاص ڪري سنڌ سلامت لاء پردي جي پويان رهي اهم ۽ ڪارائتو ڪم ڪندو رهندو آهي۔ اسان جي ننڍڙي عرض تي تڪڙا ۽ بروقت پراجيڪٽس ٺاهي اسان جي مدد ڪندو رهندو آهي۔ سنڌ سلامت جي والپيپرس کان ويندي فونٽس، سنڌ سلامت ڪيلينڊرس ۽ بينرس ٺاهڻ ۾ اسان جي مدد ڪندو رهيو آهي۔ محترم ابو واصف ان سان گڏ سنڌي ٻوليء جي با اختيار اداري ۾ رهندي سنڌي ٻوليء جي اهم پراجيڪٽس تي ڪم ڪندو رهيو آهي۔ نه صرف ايترو پر ضروري معلومات لاء جڏهن به ساڻس رابطو ڪيو آهي ته پاڻ مثبت موٽ ڏني اٿن۔ ابو واصف سان ملاقات ته صرف هڪ دفعو آهي پر نيٽ تي ۽ فون تي ساڻس سدائين رابطو رهندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ته منهنجو ساڻس جنمن کان واسطو رهيو آهي۔ محترم ابو واصف لاء کوڙ ساريون دعائون ۽ نيڪ خواهشون ته پاڻ سدائين خوش هجن ۽ رب پاڪ سندن جائز خواهشون پوريون ڪري ۔۔۔۔۔۔۔ آمين[/JUSTIFY]
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري دوست اسد الله ڀٽو المعروف ابو واصف کي جنم ڏينهن جون واڌايو ڊزائيننگ جي ماهر هن دوست جو نالو به مون وانگر آهي، سندس کان مون گهڻو ڪجهه سکيو آهي، پاڻ جيتري قدر علم، معلومات، ڄاڻ رکن ٿا اوتري قدر سادا آهن ۽ ملڻ جا نماڻا دوست آهن۔۔۔ پهريون ڀيرو ملڻ سان به ايئن لڳندو ڄڻ ته ورهين جي سنگت هجي ۽ گهر جا ڀاتي هجن۔۔۔ سنڌ سلامت جي هر پراجيڪٽ ۾ وڌ ۾ وڌ محنت هن ئي دوست جي هوندي آهي، ڪيلنڊر کان وٺي سنڌ سلامت جي لوگو تائين هن دوستن جي ڪاوشن کي هتي نه ڳڻائڻ بي واجبي ٿيندي۔۔۔ اسان جي دعا آهي ته الله کين وڏي ڄمار ڏئي ۽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي خدمت ڪندا رهن
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري دوست اسد الله ڀٽو المعروف ابو واصف کي جنم ڏينهن جون واڌايو ماشاء الله سنڌ سلامت جي سهڻي دوست کي سندس جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون ۔
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري دوست اسد الله ڀٽو المعروف ابو واصف کي جنم ڏينهن جون واڌايو محترم سائين جو ھر ڪيل ڪم ساراھ جوڳو ھوندو آھي۔ سائين جن کي اسان پاران جنم ڏينھن جو واڌايون۔۔۔۔۔سدائين سنڌي ٻولي لا ڪم کي قائم رکندا۔ سليمان سائين جن جي مھرباني۔
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري دوست اسد الله ڀٽو المعروف ابو واصف کي جنم ڏينهن جون واڌايو محترم ابو واصف کي منهنجي طرفان به جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون۔۔۔۔۔۔۔هن دوست جون ڪاوشون سنڌ سلامت لاء تعريف جوڳيون آهن [/center][/img]