هيءَ پاڪستان نه پر سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش آ!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هيءَ پاڪستان نه پر سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش آ!

    جي اين مغل


    اهو ڏسي سخت افسوس ٿئي ٿو ته اهڙي وقت جڏهن سنڌ جي وجود کي هڪ ئي وقت گهڻن رخن کان خطرا وٺي ويا آهن، سڄي سنڌ ۾ اهڙي خاموشي آهي جو جيڪڏهن سئي ڪري ته ان جو به آواز ٻڌڻ ۾ اچي. آخر ائين ڇو آهي؟.

    سڀ کان پهرين اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته سنڌ جي وجود کي ڪهڙن طرفن کان خطرا ورائي ويا آهن. چيو پيو وڃي ته پاڪستان کي ٽڪر ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. نه ائين نه آهي، حقيقت اها آهي ته سنڌ کي ٽڪر ڪرڻ جي سازش تي عمل ٿي رهيو آهي. ڪراچي ۾ ڪيتري عرصي کان جاري خونريزي ان سازش جو هڪ اهم حصو آهي، جيڪڏهن ڪراچي کي پرڏيهي قوتن جي مدد ۽ خوفناڪ هٿيارن جي زور تي الڳ ڪري ان کي هڪ ڌار ملڪ جي حيثيت ڏني وڃي ٿي ته پاڪستان ٽڪر ٿيندو يا سنڌ؟ جيڪڏهن سنڌ نه ٽٽي ته پاڪستان کي ڪو خطرو نه آهي؟. ڪراچي سنڌ جو اڻ ٽٽندڙ حصو آهي. ڪراچي ته ان وقت به سنڌ جو حصو هئي جڏهن اڃا پاڪستان ٺهيو به ڪو نه هيو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي ڌوڪو ڏيڻ جي لاءِ جيڪا ”ٽرمنالاجي“ استعمال ڪئي پئي وڃي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. سنڌ ٽٽڻ بدران ”پاڪستان ٽٽڻ“ جو ٽرم ان ڪري استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن نفسياتي طور سنڌ جي عوام ۾ گهڻو اشتعال پيدا نه ٿئي. سنڌي پنهنجي گهرن ۾ اگهور ننڊ ۾ هجن ۽ پويان سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڪراچيءَ کي الڳ ملڪ بڻايو وڃي. جيڪڏهن ڪراچيءَ کي واقعي پاڪستان کان ڌار ڪيو وڃي ٿو ته پنجاب جي آڱوٺي کي ڪهڙي چڪ ايندي، ڪهڙي بلوچستان ۽ ڪهڙي خيبرپختونخواهه جي آڱوٺي کي چڪ ايندي؟. جڏهن ته سنڌ جو الهه تلهه کڄي ويندو. تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر سنڌ واسي هاڻ رات ۽ ڏينهن جاڳي گذاري ۽ ذهني طور سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر وقت تيار رهي.

    هاڻ سڄي راند کلي پئي آهي ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش ۾ ڪير، ڪير ملوث آهن؟ اها راند سنڌ جي اڳوڻي سينئر وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا طرفان ڪيل اخباري ڪانفرنس کان پوءِ کلي پئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ذوالفقار مرزا اهو سڀ ڪجهه ڪنهن جي اشاري تي ڪيو هجي؟ اچو ته اڃا به کلي ڳالهايون. ڇا ائين چئجي ته ذوالفقار مرزا اهي سڀ راز صدر زرداري جي اشاري تي فاش ڪيا آهن؟ يا ائين چئجي ته آءِ ايس آءِ جي اشاري تي ائين ڪيو آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته اهي ٻئي رايا درست هجن. اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪو به هڪ رايو درست هجي. اهو به ممڪن آهي ته ٻئي رايا درست نه هجن. پر منهنجي خيال ۾ هن وقت سنڌ جي لاءِ اها ڳالهه وڌيڪ اهم نه آهي ته ذوالفقار مرزا اهي راز خود ظاهر ڪيا آهن، صدر زرداريءَ جي منصوبي جي حصي طور ظاهر ڪيا آهن يا آءِ ايس آءِ جي اشاري تي ڪيا آهن. جيڪڏهن انهن ٻنهي راين مان ڪو رايو درست به آهي ته سنڌي انهن کي بعد ۾ ڏسي وٺندا ۽ انهن مان جيڪڏهن ڪا ڌر مک رانديگر آهي ته سنڌ جو عوام بعد ۾ ان سان ٻکجڻ جي طاقت رکي ٿو، پر هن وقت سنڌ جي لاءِ وڌيڪ اهم اهي راز آهن جن جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. جن جي ترديد ڪرڻ جي ضرورت آهي، هي سٽون لکڻ تائين نه فاشسٽ تنظيم کي انهن الزامن جي ترديد ڪرڻ جي همٿ ٿي آهي ۽ نه انهن ٻاهرين ملڪن کي ٿي آهي جن جو کلئي عام نالو ورتو ويو آهي. راز ته ڪئين ظاهر ڪيا ويا آهن پر سڀ کان خطرناڪ راز هي آهن (اي) ته لنڊن ۾ هڪ ٻئي صوبائي وزير پير مظهر جي موجودگي ۾ مون کي (ذوالفقار مرزا) کي ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين ٻڌايو ته آمريڪا پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهي ٿو، (ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ چاهي ٿو)! چيو ته هو ان سلسلي ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيندو، (بي)، برطانيا جي وزيراعظم ٽوني بليئر کي خط لکي الطاف حسين ڪئين آڇون ڪيون ۽ آءِ ايس آءِ کي ٽوڙڻ سان گڏ سنڌ جي حڪمراني جو اڌ حصو حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ برطانيا جي مدد گهري، (سي) هاڻ ذوالفقار مرزا اهو به الزام لڳايو آهي ته ڪيئن ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ان وقت جي وفاقي وزير بابر غوري، پرويز مشرف جي دور ۾، خطرناڪ هٿيارن وارا نيٽو جا ڪئين ڪنٽينر ڪراچي پورٽ تان غائب ڪرائي ڇڏيا.

    دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ذوالفقار مرزا طرفان اهي الزام لڳائيندي ٽي چار ڏينهن ٿي ويا آهن پر ڪراچي جي فاشسٽ تنظيم اڃا تائين بند گهٽي ۾ بند آهي ۽ هي سٽون لکڻ تائين پنهنجي وضاحت نه ڪري سگهي آهي. ٻئي طرف، آمريڪا ۽ برطانيا جي سفارتڪارن کي به اڃا تائين همٿ نه ٿي آهي جو انهن الزامن جي ترديد ڪري سگهي جن تحت سنڌ جو اڌ انهيءَ هڪ نسلي تنظيم جي حوالي ڪرڻ ۽ پاڪستان ٽوڙڻ (ڪراچي کي سنڌ کان ڌار) ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود الزامن جي ترديد نه ڪئي وئي آهي، اهڙن الزامن کي درست سمجهيو ويندو آهي جن جي ترديد نه ٿيندي آهي اها ڳالهه پاڪستان جي سينيئر وڪيلن به ڪئي آهي ته خود ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتلن جي سوئو موٽو ٻڌڻيءَ دوران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس به ڪئي آهي.

    اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته ذوالفقار مرزا جيڪي الزام لڳيا آهن انهن جي سچائي کي اڃا تائين ڪو به رد نه ڪري سگهيو آهي. يعني هاڻ ان سلسلي ۾ ٻه رايا نه آهن ته سنڌ (پاڪستان) کي ٻه ٽڪر ڪرڻ لاءِ ئي ڪراچي ۾ هي خونريزي ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ سنڌ ڇا ڪري؟.

    اسان جون جيڪي سياسي ڌريون آهن انهن جو ڪردار اسان جي اڳيان آهي. حڪومت انهن الزامن جي عدالتي تحقيقات ڪرائڻ بدران ان فاشسٽ تنظيم جي پيرن تي ڪري قدم بوسي ڪرڻ ۽ اها منٿ ڪرڻ ۾ پوري آهي ته جناب والا! اسان تي رحم ڪريو ۽ وفاقي ۽ سنڌ ڪابينا ۾ شامل ٿي اسان تي احسان ڪريو. قوم پرستن جي اڪثريت موقعي کي غنيمت سمجهي پ پ سان ته پلاند ڪرڻ لاءِ آتي آهي پر اها ڌر جيڪا سنڌ جي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي سنڌ جو ساهه ڪڍڻ واري هئي ۽ هاڻ ذوالفقار مرزا جي ”ماسٽر اسٽروڪ“ بعد نيم بيهوشي جي حالت ۾ آهي ان جي باري ۾ لفظ به ڪڇڻ لاءِ تيار نه آهن؟ اسان جا دانشور به خبر نه آهي ڪٿي گم ٿي ويا آهن. جڏهن سنڌ حڪومت ساڳي طرح، آمريڪا ۽ برطانيا سان به ڪو احتجاج نه ڪيو آهي. هئڻ ائين گهربو هو ته اهي راز منظر عام تي اچڻ کان پوءِ حڪومت ڪراچي ۾ آمريڪا ۽ برطانيا جي قونصل خانن جي سرگرمين تي پابندي وجهي ٻنهي ملڪن سان سخت احتجاج ڪري ها، پر سنڌ جي سالميت خطري ۾ هوندي حڪومت خاموش آهي! ساڳي طرح اسان جي قوم پرستن به آمريڪا يا برطانيا جي انهن سفارتڪارن خلاف ڪو به احتجاج نه ڪيو آهي، آخرڪار ”فاشسٽ پاور“ ۽ آمريڪا ۽ برطانيا جي سفارتخانن بابت پ پ حڪومت ۽ قوم پرستن جي رويي ۾ هڪجهڙائي ڇو آهي؟ ڇا ٻنهي ڌرين کي ڪي ساڳيون طاقتون ريموٽ ڪنٽرول تي هلائي رهيون آهي؟ جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته سنڌ ڇا ڪري؟، ان لاءِ يا ته سنڌ جي گهٽين ۽ رستن تي عوام جو اڀار اچي جيڪو انهن سازش جو ٽوڙ ڪري سگهي ٿو. يا سنڌ اسيمبليءَ جو هنگامي اجلاس طلب ڪرڻ جي گهر ڪئي وڃي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ گهڻو ڪري ڄٽ ڀوتار ۽ ويڪائو وڏيرا ويٺا آهن. پوءِ به ڪجهه به هجي سنڌ اسيمبلي سنڌ جي عوام جي چونڊيل آهي. سنڌ اسيمبلي سنڌ جو سڀ کان وڏو ۽ مقدس فورم آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فوري طور تي سنڌ اسيمبلي جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ان ۾ ذوالفقار مرزا جي الزامن جي روشنيءَ ۾ ڪراچي جي نسلي تنظيم آمريڪا ۽ برطانيا جي ان سڄي Conduct تي تفصيلي ٻحث ڪري سنڌ جي عوام لاءِ پنهنجون سفارشون تيار ڪري بال سنڌ جي عوام جي عدالت ۾ اڇلايو پوءِ سنڌ جو عوام ڄاڻي ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واريون اهي سازشون ڪندڙ ملڪي ۽ غير ملڪي ڌريون ڄاڻن فيصلي جو وقت اچي ويو آهي، ڪو نه ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو.

    gnmughul@yahoo.com
    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هيءَ پاڪستان نه پر سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش آ!

    اها ته سڀني کي خبر آهي ته صوبن جي شوشي پٺيان به ڪهڙا مقصد هئا ؟؟ ايم ڪيو ايم جي فيصل سبزواري جو اهو بيان به رڪارڊ تي آهي جنهن ۾ هن اهو چيو هو ته اوهان ديوارن تي لکيل نعرا به پڙهو؟؟ پر اسٽيبلشمينٽ سميت سڀ سيڪيورٽي ادارا ايڏا به مجبور ناهن جو ڪو ايڪشن نه کڻن۔ سنڌ کي ٽوڙڻ واري ڳالهه ڪا نئين ناهي پر جناح پور ٺاهڻ واريون ڳالهيون به انهن ئي ادارن ڪري پوء آپريشن ڪيو هو۔

    ڪاش سنڌي ماڻهو جاڳي پون پر انهن کي ڪير جاڳائيندو ؟؟ قبيلائي جهيڙن ۾ سوين ماڻهون ماريندڙن کي ته ڪا خبر ئي ناهي ته ڇا پيو ٿئي۔ اسان جي بدقسمتي اها به آهي جو سنڌ جي سياست ۽ خاص ڪري اسيمبلين ۾ جاگيردار ۽ سرمائيدار ويٺا آهن جن جو سنڌ سان ڇا وڃي؟ هو ته پنهنجا مفاد پيا ڳولين۔ پر هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو هنن کي سياست ڪرڻ لاء ڪو تڪ به ڪونه بچندو۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: هيءَ پاڪستان نه پر سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش آ!

    اميدن تي دنيا قائم آهي پر لڳي ڪون ٿو ته هي ستل قوم ڪا جاڳندي۔۔۔۔۔۔ جنهن قوم وٽ اتحاد نه آهي اها نقلاب ڪئين ٿي آڻي سگهي۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو