سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستان خلاف سازشون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستان خلاف سازشون

    ساره زمان ، لنڊن


    ملڪ جي وڏي عدالت سندس سربراهه جي اڳواڻي ۾ ڪراچي ۾ ” قتلام“ خلاف جنهن سئو موٽو جي روز جي بنياد تي ڪارروائي هلائي رهي آهي. ان سڄي ماحول تي ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا صاحب جون ڳالهيون حاوي آهن. هن جو نالو هر وڪيل جي بيان جو حوالو ٿي پيو آهي. ٽيهن سالن جي چپ چپات ۽ دهشتگردي تي ”سياسي اوليتن“ جي ڪري خاموشي کي هڪڙي پريس ڪانفرنس ٽوڙي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر مرزا جو بيان سڄي پاڪستان کي زبان ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. اڱاري ڏينهن هتي پهتل خبرن، ٽي وي چينلن جي اسڪرولز، آءِ جي سنڌ جي بيانن، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ جي پيشڪش، خفيه ادارن جي رپورٽن ۽ سنڌ پوليس جي اسپيشل برانچ جي مشاهداتي رپورٽ ۽ پاڪستان بار ايسوسيئشن جي ملڪگير صدر مسز عاصمه جهانگير جي بيان سنڌ ۾ قانون، آئين ۽ انسانيت خلاف سنگين سازشن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. آهستي آهستي سپريم ڪورٽ شاهدين ۽ بيانن کانپوءِ پنهنجي اصلي ڪم جي پاسي يعني فيصلي ڏانهن وڌي رهي آهي.

    اسپيشل برانچ پنهنجي پيش ڪيل رپورٽ م چيو آهي ته ملڪ جي اهم سياسي پارٽين سميت 46 گروپ ۽ تنظيمون آهن جيڪي ڪراچي ۾ واپارين ۽ گهرن مان ڀتو وٺن ٿا. مسز جهانگير پنهنجي تفصيلي بيان ۾ چيو آهي ته ڀتي وٺڻ جي شروعات ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ڪئي هئي. ٻين ان کي ڏسي پوءِ شروع ڪيو . هن صاف لفظن ۾ چيو ته اسان ڪنهن سياسي پارٽي جي حمايت يا مخالفت نه پر حالتن جو جيئن جو تيئن جائزو وٺڻ چاهيون ته اسان کي تمام گهڻيون خرابيون نظر اينديون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم دهشتگردي جي علامت آهي. سمورو قتلام ڀته گيري جو نتيجو آهي. هن چيو ته انٽيلجنس ادارن جون رپورٽون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن.

    اڱاري ڏينهن هڪ ڪورٽ کي پوليس وارن ٻڌايو ته ”چڪرا ڳوٺ جي قتلام ۾ ڪامران ماڌوري ۽ سهيل جا نالا ايف آءِ آر ۾ آهن ئي ڪونه“ ڪامران ماڌوري جيڪو چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس مٿان حملن، ڪمانڊوز کي قتل ڪرڻ وقت گرفتار ٿيو هيو تنهن جو ايف آءِ آر ۾ نالو نه هجڻ ڇا ٿو ظاهر ڪري؟ اوهان کي ياد هوندو ته پيپلزپارٽي جي ايم اين اي قادر پٽيل بي بي سي کي انٽرويو ۾ چيو هيو ته هڪ مرڪزي وزير انهن کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ هيو. جيڪڏهن قاتلن کي ان نموني آزادي جا پروانا ڏنا ويا ته ان سان امن امان ڪيئن بهتر ٿيندو ؟ واري سوال جو جواب ڳولڻ ڏکيو ڪونهي. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ جڏهن سنڌ پوليس جي سربراهه کان ڪامران ماڌوري کي پيش نه ڪرڻ جو سبب پچيو ته هن چيو ته ” سندس صحت خراب آهي“ مزي جي ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ته ايئن چيو ويو پر پوليس هيٺين عدالت ۾ ڪامران ماڌوري ۽ سهيل ڪمانڊو کي ايمبولينس ۾ پيش ڪيو هيو.

    چيف جسٽس آف پاڪستان ايم ڪيو ايم جي هڪ ٻئي قاتل اجمل پهاڙي، جنهن جي باري ۾ انٽيليجنس رپورٽن سان گڏ سندس حلفيه بيان رڪارڊ جو حصو آهي تنهن ڪورٽ ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا قاتل ۽ ٽارگيٽ ڪلرز انڊيا مان تربيت حاصل ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم جيڪي پاڻ کي پنهنجي وڏڙن سميت ” بانيان پاڪستان“ جي اولاد سڏين ٿا تن پاران انڊيا مان هٿياربند تربيت ڪنهن ڀتي وٺڻ لاءِ ڪونه ٿا وٺن يا انهن جي تربيت جو مقصد جماعت اسلامي کان قرباني جون کلون کسڻ ناهي، پر اهي اها تربيت پوليس ، رينجرز ۽ آرمي سان وڙهڻ سان گڏ پنهنجي سياسي مخالفن ۽ پنهنجي گروپ مان بغاوت ڪندڙن کي مارڻ لاءِ ورتي وڃي ٿي. اجمل پهاڙي جي ان بيان سان ايم ڪيو ايم جو 1986ع وارو چهرو سامهون اچي ويو آهي. ان رپورٽ چيف جسٽس کي گرمائي ڇڏيو آهي، هن صاف لفظن ۾ پڇيو ته . ملڪ يا سرڪار“ ٻنهي مان هڪ کي بچائڻو پوندو. ظاهر آهي ته هر ماڻهو چوندو ته ” ملڪ“ پر جي سپريم ڪورٽ ان پاسي ڏانهن سفر ڪري ٿي ته ان سان ملڪ اندر عدالتي ساک جو بحران پيدا ٿي پوندو.

    پاڪستان خلاف سازشون جيڪي اڳي ۾ محسوس ڪيون وينديون هيون سي ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل ڪجهه قاتلن جي حلفيه بيانن سان ظاهر ٿي پيون آهن. پاڪستان جي آرمي ان تي سنجيده نظر اچي ٿي. پر سنڌ جي پوليس، رينجرز، انتظاميا مان ڪيئي ماڻهو تبديل ڪرڻ کانسواءِ مسئلو حل ٿي نه سگهندو. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ڊي جي رينجرز کي سپريم ڪورٽ پاران هٽائڻ کانپوءِ ٻيهر آڻڻ پويان پڻ سنڌ گورنر ۽ گهرو وزير جا تعلق آهن. رينجرز جي ڊي جي مسٽر اعجاز چوڌري پڻ اڱاري ڏينهن ٻه اهم ڳالهيون ڪيون آهن، هڪ، ته هٿيار ٻاهران سمگل ڪيا وڃن ٿا، هن کان پڇيو ويو ته اهي ڪٿان اچن ٿا ته هو ان ڳالهه کي گول ڪندي چئي ٿو ته ”اهو تفصيل نه ٿو ٻڌائي سگهان“ اها ڳالهه ته ٻه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر مرزا پڻ ڪئي هئي ته نيٽو جا هٿيارن سان ڀريل ڪنٽينرز ايم ڪيو ايم اڳواڻ بابر غوري ڦريا هيا، هن اهو پڻ مطالبو ڪيو هيو ته سڀ کان اڳ بابر غوري جي تفتيش ڪئي وڃي. جيڪي پنهنجي ماڻهن کي جديد هٿيارن سان ليس ڪندا رهن ٿا. ڊِي جي رينجرز ٻي اهم ترين ڳالهه جيڪا حڪمت عملي جي حوالي سان ڪئي ته ” جيڪو آپريشن نظر اچي اهو آپريشن نه هوندو آهي“ هن چيو ته ” تارگيٽ ڪلرز سرڪاري سستي جي ڪري پنهنجا ماڳ مڪان ڇڏي ويا آهن، اهي ٻيهر اچي سگهن ٿا، پر آءِ جي پوليس ۽ رينجرز کي اهي اختيار ملندا رهيا تو پوءِ ”شرپسندن“ جوسر ڪچلي ڇڏينداسين. ڊي جي رينجرز کي ”شرپسند“ کان ”دهشتگرد“ چوڻ لاءِ ڪجهه ٽائيم درڪار آهي. نه ته عام حالتن ۾ هاڻي ته پوليس جو هر آفيسر به دهشتگردي جو لفظ واڱڻ پٽاٽي وانگر استعمال ڪري ٿو

    ڪراچي جيڪا هٿيارن جي جبل تي بيٺل شهر آهي، ڪراچي جنهن ۾ انڊيا مان تربيت ورتل دهشتگرد رهن ٿا، ڪارروايون ڪن ٿا، ڪڏهن پڪڙجن ٿا، ڪڏهن فرار ٿين ٿا، ڪڏهن آزاد ڪيا وڃن ٿا ته ڪڏهن قانوني طور کين سهولت فراهم ڪئي وڃي ٿي، تنهن ڪراچي کي ان سڄي گهمسان کان آزاد ڪرڻ لاءِ هاڻي اها ڳالهه ضروري ٿي پيئي آهي ته اهي سمورا سنڌي ۽ بلوچ ايم ڪيو ايم مان وپس اچن، اهي سياست ڪن يا نه ڪن پر کين ان ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي ته سندن ايم ڪيو ايم ۾ هجڻ ڪري انهن جي همت افزائي ٿئي ٿي. سنڌ ۾ جيڪو به گروپ دهشتگردن جي همت افزائي ڪري يا پنهنجي سياسي دوستين جي ڪري انهن سان بدستور هٿ وڌائي ته اها ڳالهه ياد رکو ته انهن سمورن ماڻهن جي حيثيت پڻ ديسي غدارن واري ليکي ويندي. جيڪڏهن سنڌ سان دوستي جي نالي ۾ ملڪ سان غداري ڪرڻ واري ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ اچي ويئي آهي ته پوءِ کين پنهنجي پاليسي بدلائڻ گهرجي


    sarazaman80@gmail.com
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستان خلاف سازشون

    تمام سٺو مضمون آهي۔

    سپريم ڪورٽ سياسي فيصلا ڪرڻ بجاء جيڪڏهن حقيقتن تي ٻڌل فيصلو ڏنو ته يقينن اهو دهشتگردن کاء موت برابر هوندو پر سوال اهي به اٿن ٿا ته 12 مئي جي قتلام تي ڇا ٿيو ؟؟؟ اهو ڪيس ڇو پينڊنگ ۾ آهي ؟؟؟ ان جون شاهديون به آهن پر چيف جسٽس ۽ ٻيون ڪورٽون ڇو خاموش آهن ؟؟؟ انهن سوالن جي موجودگيء ۾ سپريم ڪورٽ کان ڪنهن غير معمولي فيصلي جي اميد نه ٿي رکي سگهجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو