”سارنگ سار لهيج“ جي غلط تشريح

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ”سارنگ سار لهيج“ جي غلط تشريح

    اڄڪلهه سنڌ جا اڪثر علائقا تيز برساتن سبب ٻوڏ جي وَر چڙهيل آهن، جنهن جي ڪري ڪافي نقصان ۽ تباهي ٿي آهي. ڪجهه ماڻهو انهيءَ تباهيءَ کي قدرتي آفت چون ٿا ته ڪن جو وري چوڻ آهي ته ڀٽائي گهوٽ مينهن ۽ برسات لاءِ سڄو هڪ سُر ”سارنگ“ چيو آهي، جنهن ۾ برسات لاءِ ڀٽائي گهوٽ دعا ڪري ٿو ته پوءِ برسات ڪيئن آفت يا زحمت ٿي سگهي ٿي؟ اچو ته ڀٽائي گهوٽ جي انهيءَ دعا کي هاڻوڪي زميني حقيقتن جي حوالي سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. ڀٽائي گهوٽ اڄ کان اٽڪل 300 سال اڳ سُر سارنگ چيو آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي جاگرافي ۽ زميني بيهڪ ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي ويئي آهي، خاص طور تي ميداني ۽ بئراجي علائقن ۾ ته سڀ کان وڌيڪ تبديلي آئي آهي. ڀٽائي گهوٽ جي دور ۾ درياهه کي بند ڪونه هوندا هئا ۽ جڏهن ٻوڏ ايندي هئي ته درياهه بادشاهه ڇُڙواڳ ٿي ميدانن تي ڪاهي پوندو هو ۽ پنهنجا رستا پاڻ ٺاهيندو سمنڊ طرف ويندو هو، اهڙا ڪجهه نشان اڄ به سڄي سنڌ ۾ مختلف ڍورن جي صورت ۾ موجود آهن، مثال طور؛ نارو يا هاڪڙو، ڍورو پُراڻ، سنڌ ڍورو، ايم اين وي ڊرين يا الهندو نارو، لوهاڻو ڍورو، ڦليلي ڦاٽ وغيره. اهڙا ڪيترائي ڍورا ۽ گس هوندا هئا، جن جي ذريعي درياهه جي ٻوڏ جو پاڻي ۽ برسات جو پاڻي سمنڊ طرف، ڍنڍن طرف يا واپس درياهه طرف نڪري هليو ويندو هو. انهيءَ وقت اُٿل واهه هوندا هئا، جيڪي سنڌو درياهه کان يا وري انهن ڍورن کان نڪرندا هئا، جيڪي پاڻي کڻي ٻنين تائين پهچائيندا هئا ۽ اهي اُٿل واهه فقط انهيءَ وقت وهندا هئا، جڏهن درياهه ۾ چاڙهه هوندو هو ۽ عام ڏينهن ۾ درياهه جو پاڻي ايترو هيٺ هلندو هو، جو انهن واهن جي منهن تائين نه پهچي سگهندو هو. بيگاري واهه، سنڌ واهه، گهاڙ واهه، الهندو نارو، اڀرندو نارو، سدا واهه، داد واهه، ڦليلي ڦاٽ، پنڃاري، ڪلري، بگهاڙ وغيره انهيءَ دور جا مشهور اُٿل واهه (Inundation canals) هئا، تنهن ڪري انهن واهن جي وهڻ تي ڪو به ڀروسو نه هوندو هو ۽ گهڻي ڀاڱي زراعت جو دارو مدار برسات تي هوندو هو. ڪي سال ته اهڙا به ايندا هئا جو درياهه ۾ چاڙهه نه اچڻ سبب اهي واهه بلڪل نه وهندا هئا، چاڙهه واري وقت ۾ جيڪڏهن وهندا به هئا ته مٿانهينءَ واريءَ زمين کي پاڻي ڪو نه لڳندو هو. تنهن ڪري جڏهن مينهن وسندو هو ته ميدانن، ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇيءَ جي سڀني ماڻهن جي مُنهن تي سُرهائي اچي ويندي هئي ۽ پوءِ ڀلا فصل ٿيندا هئا ۽ ڪيترو به مينهن وسي پر پاڻي ڪونه بيهندو هو ۽ انهن قدرتي رستن ۽ ڍورن ذريعي هليو ويندو هو. انگريزن جڏهن سنڌ ۾ جديد آبپاشي نظام آندو ۽ بئراج ٺاهي واهن ۽ شاخن جو ڄار وڇايو ته ميداني علائقن جي بيهڪ ۾ تبديلي اچي ويئي. هڪ پاسي ڪينال ۽ شاخون کوٽيون ويون ته ٻئي پاسي نوان علائقا زراعت هيٺ آندا ويا ۽ نوان ڳوٺ، شهر آباد ٿي ويا، جنهن ڪري پاڻيءَ جي نيڪال جا اهي قدرتي گس به متاثر ٿيا. درياهه کي به ٻنهي پاسن کان بند ڏنا ويا، جنهن کانپوءِ درياهه طرف به پاڻيءَ جو نيڪال بند ٿي ويو. مقصد ته برسات جي پاڻيءَ جي نيڪال جا گهڻي ڀاڱي رستا بند ٿي ويا. ڪجهه وڏا ڍورا جيڪي بچي ويا ته انهن کي به ماڻهن مٽيءَ سان ڀري زمينون ۽ ڳوٺ ڪري ڇڏيا ۽ پاڻيءَ جي نيڪال جي رستا روڪ ٿي وئي. بئراجن کان اڳ واري صورتحال جو اڄ به مشاهدو ڪري سگهجي ٿو، مثال طور: سنڌ جي اتر ۾ ڪنڌ ڪوٽ، جيڪب آباد کان مٿي پٽ فيڊر ڪينال آهي ۽ انهيءَ پٽ فيڊر ڪينال کان مٿي بلوچستان جو هڪ وڏو ميداني علائقو آهي، جيڪو سبيءَ تائين وڃي ٿو ۽ اهو سڄو علائقو برسات تي آباد ٿيندو آهي. جڏهن انهيءَ علائقي ۾ تيز برسات پوي ٿي ته پاڻي پنهنجو قدرتي گس وٺي ڏکڻ طرف هلندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهڻي برسات جي ڪري پٽ فيڊر ڪينال کي مختلف هنڌن تان گهارا ڪري سنڌ جي علائقن تائين ايندو آهي. جڏهن اهو پاڻي بلوچستان جي باراني ميدانن کان لنگهي ٿو ته اتي ڪو نه ٿو بيهي ۽ ماڻهو انهيءَ پاڻيءَ تي آباديون ڪن ٿا، پر جڏهن اهو پاڻي پٽ فيڊر ڪينال کي گهارا هڻي بئراجي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو ته تباهي آڻي ٿو. ساڳئي نموني جڏهن کير ٿر ۽ ڪاڇي جي جبلن جو پاڻي قمبر-شهداد ڪوٽ ۽ دادوءَ جي بئراجي علائقن ۾ ايف پي بند کان ٽپي اچي ٿو ته وڏي تباهي آڻي ٿو. تنهن ڪري ”سارنگ سار لهيج“ واري ڳالهه هن وقت سنڌ جي ٿر ۽ ڪوهستان واري علائقي تي ته لاڳو ٿي سگهي ٿي، پر بئراجي علائقن تي لاڳو نٿي ٿي سگهي ۽ اتي گهڻي برسات رحمت بدران زحمت ٿي وڃي ٿي. تنهن ڪري هن وقت ”سارنگ سار لهيج“ واري تشريح تحت ميداني ۽ بئراجي علائقن ۾ برسات کي رحمت قرار ڏيڻ صحيح نه هوندو.

    فاروق بجاراڻي /ڪنڌ ڪوٽ
    ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”سارنگ سار لهيج“ جي غلط تشريح

    واهه سائين واهه
    خوبصورت شاعري
    ونڊ ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو