يا الله هي ڪهڙو وقت اچي ويو آهي۔۔۔۔۔

گل حسن لاکو

سينيئر رڪن
راولپنڊي ۾ ناپاس ٿيندڙ شاگرد وائيس پرنسپال کي قتل ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (آن لائن) راولپنڊي ۾ هڪ شاگرد بار بار ناپاس ٿيڻ کانپوءِ فائرنگ ڪري وائيس پرنسپال کي قتل ڪري ڇڏيو، اسلامڪ انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد خرم شهزاد، جيڪو رحيم يار خان جو رهواسي ٻڌايو ٿو وڃي، ڪاليج ۾ داخل ٿي وائيس پرنسپال برگيڊيئير (ر) ثناءُ الله خان تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار کي سيڪيورٽي گارڊ جهلي ورتو، بعد ۾ پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب شاگرد خرم شهزاد کي شڪ هو ته هن جي بار بار فيل ٿيڻ ۾ وائيس پرنسپال جو هٿ آهي، جنهن تان هن کيس قتل ڪيو

(روزاني ڪاوش)
 
جواب: يا الله هي ڪهڙو وقت اچي ويو آهي۔۔۔۔۔

اهو ڪو عام واقعو ناهي۔ شايد ڪنهن استاد کي ايئن قتل ڪرڻ جا واقعا تمام ٿورا هوندا يا نه هجڻ جي برابر هوندا۔
 
جواب: يا الله هي ڪهڙو وقت اچي ويو آهي۔۔۔۔۔

مطلب ته پاڻ وارا استاد به هوش ڪن متان ڪو شاگرد ڳيچيء ۾ پئجي وڃين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top