لڳ ڀڳ چار سال پيپلز پارٽي جي حڪومت کي ٿي چڪا آهن، يا ٿيڻ تي آهن ۽ اهي چار ئي سال، سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وزير اعليٰ رهيو آهي. انهن چئن سالن ۾ سنڌ جو انتظام ڪهڙي نموني هلايو ويو آهي، ڪيتري ڪرپشن ٿي آهي، سيلاب متاثرن سان ڇا وهيو واپريو، ڪراچيءَ ۾ ماڻهن جو ڪوس ڪيئن جاري رهيو آهي، ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ ڪيئن سنڌ جا ماڻهو ڏوهارين جي عتاب هيٺ رهيا آهن، ڪيئن ڪراچيءَ جا تعليمي ادارا سنڌي نوجوانن لاءِ نو گو ايريا بڻايا ويا آهن، اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن ۽ هاڻي وري جڏهن سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪي ڳالهيون چٽيون ڪيون آهن، انهن مان به ظاهر ٿئي ٿو ته، سنڌ حڪومت، جنهن جي واڳ سيد قائم علي شاهه وٽ گذريل چئن سالن کان آهي، ڪيئن پڪڙيل دهشتگرد آزاد ڪندي رهي آهي. سنڌ جو چونڊيل وزير اعليٰ ڪنهن به سرڪاري عهدي تي فائز نه ٿيل ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي پويان جيئن هٿ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ بابر اعواڻ، گورنر عشرت العباد سان گڏجي جيئن سنڌ جي تقدير جو فيصلو ڪندو رهيو، اهي منظر به سڀني اڳيان چٽا آهن. رحمان ملڪ جي سامهون ته شاهه صاحب جي انڪساري، حيرت ۾ وجهندي رهي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته، سنڌ جيڪو ڀوڳي پئي، ان جو سڌو سنئون ذميوار، سنڌ جو انتظامي سربراهه ئي ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي ماڻهن جا ووٽ، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن ويندا آهن ۽ انهن ميمبرن سيد قائم علي شاهه کي ان اسيمبليءَ جو ڪسٽوڊين چونڊيو آهي. رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ سامهون سندس ان حد تائين انڪساري ۽ عاجزي حيرت جوڳي آهي. اها نه صرف سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ جي توهين آهي، بلڪه سنڌ اسيمبليءَ ۽ صوبائي خودمختياريءَ تي پڻ ڪاپاري وار آهي. هن مهل جڏهن، پيپلز پارٽيءَ جي ئي مک اڳواڻن مان هڪ ڊاڪٽر مرزا، صبح شام، پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪارڪردگي، قاتلن کي آزاد ڪرڻ، صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي، وفاقي وزيرن جي سنڌ جي معاملن ۾ هٿ چراند، رحمان ملڪ ۽ ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي وائسراءِ واري ٽور، صوبائي وزيرن جا خواب ڏسڻ جا احوال ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه قرآن پاڪ تي هٿ رکي پڌرو ڪري رهيو آهي ته ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته سيد قائم علي شاهه، سنڌ پيپلز پارٽي جو صدر هجڻ جي حيثيت ۾ ان جي لڳايل الزامن جو نه صرف جواب ڏئي ها، پر ڪو اهڙو ڏيک ڏئي ها ته به چئجي ها ته شاهه صاحب کي سنڌ، سنڌ اسيمبلي ۽ پنهنجو خيال اچي ويو آهي، پر بجاءِ اهڙو ڪو عمل ڪرڻ جي، سيد قائم علي شاهه، سائين جي ايم سيد خلاف، بي وقت بيان ڏنو آهي. شاهه صاحب فرمايو آهي ته، ”جي ايم سيد سنڌ جي ڪا خدمت نه ڪئي.“ حيرت اها آهي ته، شاهه صاحب جتي اهو بيان ڏنو آهي، اتي کانئس ڪنهن به اهڙي موضوع تي نه ڪو سوال ڪيو ۽ نه ئي اهو موضوع ان محفل جي ايجنڊا هو. سيد قائم علي شاهه، بجاءِ ڊاڪٽر مرزا کي ڪو جواب ڏيڻ جي، جيڪو روزانو، پيپلز پارٽيءَ، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جا نوان پول پڌرا ڪري رهيو آهي، سائين جي ايم سيد خلاف ”گوهر افشاني“ ڪئي آهي. سيد قائم علي شاهه جو ڏوهه ناهي، چئن سالن جي پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي عوام جي بي اطميناني، سنڌ جي ماڻهن کي دربدر ڪرڻ تي ماڻهن جو ”تنگ آيد، به جنگ آيد“ وارو رد عمل، 13 آگسٽ واري سنڌي ماڻهن جي ڪاوڙ، ظاهر آهي ته ڪنهن کي به پريشان ڪرڻ لاءِ اهي گهٽ معاملا ته نه آهن! شاهه صاحب، سائين جي ايم سيد جي خدمت تي سوال اٿاريا آهن. سائين جي ايم سيد سنڌ جي جيڪا خدمت ڪئي، ان جي شاهدي تاريخ مان ملي ٿي. حالت اها آهي جو مون کي خيرپور جي هڪ چڱي ماڻهوءَ ٻڌايو ته، تازين برساتن ۾ پاڻي جيلاني محلي ۾ بيٺو رهيو پر معطل وري ٺري ميرواهه جي ٽي ايم او کي ڪيو ويو. معاملو بلڪل ائين ئي آهي. ڊاڪٽر مرزا جي الزامن جو ڪو جواب ناهي، شرجيل ميمڻ کان وٺي انهن عورت اڳواڻن تائين، سڀ چپ آهن ۽ وري به سنڌ جي وزير اعليٰ کي مليو ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ ته اهو سائين جي ايم سيد! مان سمجهان ٿو ته سيد قائم علي شاهه سچ چيو آهي، سائين جي ايم سيد سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ناهي ڪئي، سائين جي ايم سيد ته سنڌ سان عشق ڪيو آهي. خدمت تمام ننڍڙي شئي آهي. هن جي عشق جي انتها ته اها هئي ته هن جو اختلاف ان مسئلي تي ٿيو هو جو سنڌ لاءِ سيٽن جي ورهاست ۾، سنڌ مسلم ليگ کان پڇڻ به گوارا نه ڪيو ويو، جيئن اڄ بابر اعواڻ ۽ رحمان ملڪ ڪن ٿا ۽ سائين جي ايم سيد، انڪساري بجاءِ ان کي صوبي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت سمجهي وقت جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ليڊر سان ٽڪر کائڻ کان نه ڪيٻايو. مان ڪابه ضرورت نه ٿو سمجهان ته هتي، سائين جي ايم سيد جي سنڌ لاءِ ڪيل ڪمن جي لسٽ پيش ڪريان. سيد ان معاملي کان چڙهي چڪو آهي، پر سنڌ جي وزير اعليٰ کي ايترو عرض ضرور ڪبو ته، ذوالفقار مرزا جي ڪيل انڪشافن جو جواب ڏنو وڃي، سنڌ جي ووٽ جي پائمالي، وفاق جي متنازعه ماڻهن آڏو انڪساريءَ جو سنڌ جا ماڻهو جواب ٿا گهرن. سڄي سنڌ جا ٻڏل ماڻهو پڇن ٿا ته، سندن وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت ته مدد نه پئي ڪري، پر پرڏيهي ادارن کي به روڪيو ويو آهي، ان جو جواب ڏنو وڃي. خيبر پختونخوا ۾ ٿورو به معاملو ٿيندو اهي ته، سڄي دنيا کي مدد لاءِ منٿون هونديون آهن، پنجاب حڪومت صوبي جي مفاد ۾، ٻاهرين ملڪن سان توانائي پيدا ڪرڻ جا معاهدا پئي ڪري پر سنڌ سڄي ٻڏي وئي آهي ته سنڌ جي حڪمرانن ۾ ايتري توفيق ناهي ته اهي هڪ لفظ ڪڇي سگهن ته، سنڌ کي پرڏيهي ادارن جي مدد جي ضرورت آهي، اجازت ڏني وڃي. هلو پرڏيهي ادارن مان ڪو خوف اٿوَ ته ڇڏيو پر گڏيل قومن جا ادارا ته آهن ئي ان ڪم لاءِ ۽ اهي گذريل سال واري ٻوڏ بعد، هن ڀيري جي متوقع ٻوڏ سبب نه صرف امدادي ڪمن لاءِ تيار آهن پر امدادي سامان به ويئر هائوسز ۾ اتي سنڌ ۾ ئي گدامن ۾ رکيل آهي. هيءَ ڪهڙي حڪومت آهي جيڪا پنهنجن ماڻهن کي ٻڏڻ، بک مرڻ، بيمارين ۾ مرڻ، فاقا ڪٽڻ لاءِ مجبور ڪري پئي پر دنيا انهن جي مدد ڪرڻ چاهي ٿي ته انهن کي به روڪيو ويٺا آهن. موجوده حڪمرانن سنڌ جي اهڙي خدمت ڪئي آهي ته پوءِ واقعي سائين جي ايم سيد پنهنجي محبوب قوم جي اهڙي خدمت نه ڪئي. (سهيل ميمڻ جو ڪاوش اخبار ۾ لکيل ڪالم)
جواب: جي ايم سيد سنڌ جو خادم نه پر عاشق هو هڪ مينهن سڄي ڪاري جڏهن هڪ پڇ ڪاري ڳئون جي ڀر مان لنگهي ته ڳئون کي طعنو هڻندي چيائين ته ” هل ڙي پڇ ڪاري“، ڳئون حيران ته منهنجو ته صرف پڇ ڪارو آهي، هي سڄي ساري ڪاري مينهن مونکي پئي طعنو هڻي ۔۔۔۔ حيرت جو مقام آهي سو سنڌ جي غدار وزيراعلا قائم علي شاهه کي ٻيو ڪجهه به نظر نه آيو جي ايم سيد کان علاوه، ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني مان، قائم علي شاهه هجي ڪو اصولپرست سياستدان ته اصولن ۽ فڪرن کي سمجهندو هجي، هي صاحب ته سنڌ سان غداري جي عيوض وزير اعلا رهندو اچي ٿو،،،،، لعنت الله جي ڪوڙن ۽ غدارن تي ۔۔۔
جواب: جي ايم سيد سنڌ جو خادم نه پر عاشق هو آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندي، سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگيءَ جا بهترين ٽيهن کان مٿي سال جيل جون تڪليفون سهندا رهيا، سيد سنڌ جو سچو عاشق ھو۔
جواب: جي ايم سيد سنڌ جو خادم نه پر عاشق هو سائين جي ايم سيد سنڌ جو عاشق هجڻ سان گڏ سنڌ لاء انيڪ ڪم ڪيا آهن جيڪي ڳڻڻ کان وڌيڪ آهن پر انهن سڀني ڪمن کان وڌيڪ سائين جي ايم سيد جو سنڌي قوم کي ۽ سنڌ کي هڪ الڳ قوم جي سڃاڻ مڃرائڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي۔ سندس حياتي بي داغ ۽ با ضمير سياستدان واري رهي آهي۔ سائين جي ايم سيد سنڌ هيو ۽ سندس سڃاڻ به سنڌ هئي۔ سنڌ جي اهڙي سپوت تي لڳايل بي بنياد الزام لڳائڻ هڪ ڪريل حرڪت آهي۔ جنهن جي اسان سڀ ڀرپور مذمت ڪيون ٿا۔
جواب: جي ايم سيد سنڌ جو خادم نه پر عاشق هو هڪ ته سائين جي ايم سيد جنهن کي سنڌ ء سنڌي قوم جو حقيقي درد هيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ء ٻيو وري آهي سيدقائم علي شاهه جنهن کي جنهن کي صرف هڪ شئي سان دل آهي اها آهي ڀنگ، هن کي اها ڏيو پوء ڀلي سنڌ لٽيو هن جو ڇا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔