نائن اليون عبدالله پنواڙيءَ جو ڇا بگاڙيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نائن اليون عبدالله پنواڙيءَ جو ڇا بگاڙيو
    وسعت الله خان

    [JUSTIFY]هن ڏينهن بي بي سي سميت سڄي عالمي ميڊيا ۾ نائن اليون هفتو ملهايو پيو وڃي پر يقين ڪريو عبدالله پنواڙي تي نائن اليون ڪوبه اثر نه وڌو آهي.عبدالله پنواڙي چواڻي نائن اليون کان اڳ به منهنجو کوکو چار باءِ 6 فوٽ جو هيو اڄ به اوترو ئي آهي، نائن اليون کان اڳ پوليس ۽ سياسي تنظيمن کي پان، سگريٽ ۽ پئسن جي صورت ۾ لڳ ڀڳ ٻه سئو رپيا في هفتو ڀتو ڏيندو هئس، اڄ مهانگائي وڌي وئي آهي ته 5 سئو رپيا ڀتو ڏيان ٿو.

    نائن اليون کان اڳ به پنهنجي ٻارن کي پرائيويٽ اسڪول ۾ نه موڪلي سگهندو هئم، اڄ به منهنجو ٽيون پٽ ڦڪي اسڪول ۾ پڙهي ٿو. پهريون پٽ اٺين درجي کان پوءِ ڀڄي وڃي ڪنهن سياسي تنظيم جي هٿ چڙهي ڀاڳيلو آهي ۽ ٻيو پنجين درجي کان پوءِ مدرسي ۾ داخل ٿي ويو جتي کيس کاڌو، رهائش ۽ تعليم مفت هٿ آئي ۽ هن ڏينهن هو علائقي ۾ هڪ ٻي مسجد لاءِ چندو گڏ ڪري رهيو آهي.
    ”نائن اليون کان اڳ منهنجي ٽن سالن جي ٻارڙي گهر جي ويجهو کيڏندي کيڏندي هڪ کليل نالي ۾ ڪري پئي ۽ مري وئي ۽ نائن اليون کان پوءِ منهنجي زال جو ويم هڪ دائيءَ اهڙو بگاڙيو جو هوءَ وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ جي قابل نه رهي“. اهو نالو اڄ به کليل وهي رهيو آهي ۽ هوءَ دائي اڃا به عورتن کي سور ۽ عذاب ڏئي رهي آهي. نائن اليون کان اڳ هڪ ڀيرو فساد ۾ ڦاسي ڳوڙها گئس واري شيل جو ٽڪرو ڪلهي تي لڳڻ جي ڪري زخمي ٿيو ۽ نائن اليون کان پوءِ منهنجي ان ئي کوکي تي سامهون واري ڪاليج جي غنڊن جي ويڙهه ۾ هڪ گولي ڪن کي ڇهندي گذري وئي.

    نائن اليون کان اڳ به منهنجو خيال هو ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ته نه هڙتال ٿي سگهي ٿي نه وري ڪو ماڻهو مري، بلڪ غنڊا ايئن گهمي به نه سگهندا. نائن اليون کان پوءِ به مان سمجهان ٿو ته حڪومت چاهي ته نه بم ڌماڪا ٿي سگهن ٿا نه وري ٽارگيٽ ڪلنگ بلڪ آمريڪا به ڪجهه بگاڙي نه ٿو سگهي.

    مون عبدالله کان پڇيو ته نائن اليون واري سانحي بابت تنهنجو ڇا خيال آهي؟ چوڻ لڳو ته وڏا صاحب مون کي ته اهو هڪ نئون ٽوپي ڊرامو لڳي ٿو جنهن جو مقصد اڃا وڌيڪ لٽ ڦر آهي. سڄو چڪر اهو آهي ته هڪ رپيو لڳائي 5 رپيا ڪيئن ڪمايا وڃن. ان ٽوپي ڊرامي ۾ آمريڪا کان وٺي ايس ايڇ او تائين سڀ شامل آهن.

    آمريڪا ته اڄ وڃي ڏٺو آهي پر اسان جهڙا ته جڏهن کان پيدا ٿيا آهن نائن اليون ئي ڏسي رهيا آهن. ڪو ماري ڪمائي رهيو آهي ته ڪو مري ڪمائي رهيو آهي ته ڪو وري مارائي ڪمائي رهيو آهي. زندگي به ڌنڌو آهي ۽ موت به ڌنڌو ۽ ماڻهو رڳو گورک ڌنڌو.[/JUSTIFY]

    عوامي آواز تان ورتل
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نائن اليون عبدالله پنواڙيءَ جو ڇا بگاڙيو

    ادا اها وسعت الله خان ڪاٿي بي بي سي وارو ته نه آهي؟؟؟
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نائن اليون عبدالله پنواڙيءَ جو ڇا بگاڙيو

    جي بلڪل ادا

    اهو بي بي سي وارو وسعت الله خان ئي آهي۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: نائن اليون عبدالله پنواڙيءَ جو ڇا بگاڙيو

    اڙي ادا اسان جي قوم ننڍ م ستل آهي ان کي سمهڻ ڏيو ڇو ٿا ويچارن جي ننٺ خراب ڪريو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هنن جو ڇا وڃي دنيا جي مسئلن سان هنن کي ته پنهنجي خبر ڪان آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اسان ٿا سنڌ سلامت تي نائين اليون هفتو ملهايون
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نائن اليون عبدالله پنواڙيءَ جو ڇا بگاڙيو

    يار عرس صفا ڪو درويش آهين ۔۔۔۔۔۔۔۔

    اسان نائن اليون نه پر سنڌ سلامت جو هفتو ملهائينداسين ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر بارشن کي ڪجهه جهڪو ٿيڻ ڏي
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نائن اليون عبدالله پنواڙيءَ جو ڇا بگاڙيو

    يار عرس صفا ڪو درويش آهين ۔۔۔۔۔۔۔۔

    اسان نائن اليون نه پر سنڌ سلامت جو هفتو ملهائينداسين ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر بارشن کي ڪجهه جهڪو ٿيڻ ڏي
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: نائن اليون عبدالله پنواڙيءَ جو ڇا بگاڙيو

    ها يار اهڙو ڪو منڊل مچاء جتي سڀ دوست گڏ ٿين۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو