سانوڻيء جي بارش ۽ سنڌ جي تباهي
محمد سليمان وساڻ
مونکي ياد آهي ته جڏهن سنڌ ۾ هن سال جي سانوڻيء جي بارشن جي شروعات ٿي هئي ته ڪراچي جي موسم گهڻو وڻندڙ لڳي رهي هئي. ساڳي ئي ڏينهن فيسبوڪ جي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن جي گروپ چيٽ ۾ اسان موسم جي وڻندڙ احساسن تي ڳالهائي رهيا هئاسين. بدين يا ٺٽي مان ڪنهن دوست اهو جملو لکيو هو ته وساڻ صاحب هي بارشون وڏي تباهي طرف وڌي رهيون آهن ۽ لاڙ ۾ گهڻي برسات پئجي رهي آهي جنهن کي ميڊيا به ان وقت تائين منظر عام تي نه آندو هو. ۽ پوء ڏسيندي ئي ڏسندي برساتن سنڌ جي ڏاکڻي ضلعن خاص ڪري بدين، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص، سانگهڙ، ٿر ۽ حيدرآباد جي ڪجهه حصن ۾ تباهي آڻي ڇڏي. فصلن جي تباهي سان گڏ ماڻهن جا ڪچا ۽ پڪا گهر ڊهڻ لڳا، سم نالن ۽ ايل بي او ڊي جي اٿلڻ سبب سنڌ جي لاڙ وارو حصو سچ ته ڪنهن سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳو.
اهڙي وقت ۾ سنڌ جي حڪمرانن ۽ انتظاميه ڪي اهڙيون ڪوششون ڪونه ورتيون جن سان ماڻهن کي ترت رليف ملي سگهي پر اهي ئي ڏينهن هيا جڏهن سنڌ حڪومت قومپرست ڌرين جي هڙتالن کي ناڪام بنائڻ لاء پنهنجو ڪوششون ڪري رهي هئي. ماڻهو روڊن تي بي يارو مددگار ويٺا هيا پر نه ته حڪومتي ادارن ۽ نه وري ڪنهن سياسي يا سماجي تنظيمن جي ڪا غير معمولي سرگرمي نظر آئي.
اڃان پاڻي سُڪو ئي ڪين هيو ته عيد جي ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ بارشن جو هڪ نئون ۽ نه کُٽندڙ سلسلو شروع ٿيو جنهن سنڌ جي ڏاکڻي علائقن سان گڏ سموري سنڌ جي وچولي ۽ اترين علائقن ۾ پڻ تباهي مچائي ڇڏي. ان بارشن سبب سنڌ جو فصل خاص ڪري ڪپهه جو فصل، ڀاڄيون، ساريون مڪمل تباهه ٿي چڪا آهن جنهن ڪري سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال اڀرڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. سنڌ جو مواصلاتي نظام درهم برهم لڳو پيو آهي خاص ڪري لاڙ جي ڪيترن ئي علائقن جو رابطو سنڌ جي ٻين علائقن کان ڪٽجي ويو آهي. سنڌ جي زراعت جي تباهه ٿيڻ ڪري معاشي بدحالي پيدا ٿيڻ جو وڏو خطرو آهي. اهڙي صورتحال تي ناليواري ليکڪا امر سنڌو جا لفظ آهن ته لاڙ واري علائقي ۾ نه ته زمين تي ۽ نه ئي وري ماڻهن جي اکين ۾ ڪو خشڪيء جو ٽڪرو بچيو آهي.
وڏي ڳالهه ته مونکي ڪراچي جهڙي شهر ۾ ڪٿي به ڪيمپ نظر ڪانه آئي جيڪا سنڌ جي برسات متاثرين لاء امدادي سامان گڏ ڪندي هجي. ٻيو ته ٺهيو پر منهنجي اداري سوئي سدرن گيس ڪمپني پڻ سدائين اهڙي موقعي تي ملازمن جي هڪ يا ٻن ڏينهن جي پگهار سان گڏ امدادي سامان به ڪٺو ڪري متاثرين تائين پهچائڻ جون ڪوششون ڪيون آهن پر هن دفعي هتي به ماٺار نظر اچي رهي آهي. نه ته ڏٺو اهو ويو آهي ته اترين علائقن ۾ آيل ٻوڏ هجي يا ڪشمير ۾ آيل زلزلو يا وري بلوچستان ۾ آيل برسات جون تباه ڪاريون يا سنڌ ۾ آيل ٻوڏ، ڪراچي ۾ ڪيئي ڪيمپس امدادي سامان گڏ ڪرڻ لاء لڳنديون آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته ان مان اڌ سامان مس متاثرين تائين پهچندو آهي. پر هن دفعي ته اسان جي ملڪ جي وزير اعظم پڻ غير ملڪي امداد جي اپيل ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي پر سندس حڪومت ڪٿي آهي؟ وزير اعظم پاڻ بدين ته آيو پر ڪوبه اعلان ڪونه ڪيائين. صدر پاڪستان به فضائي دورو ته ڪيو پر ڪي عملي ڪم اڃان تائين نظر ناهن آيا پر ان جي ابتڙ سندس وزير ۽ حڪومتي ڌريون ايم ڪيو ايم کي راضي ڪرڻ تي پنهنجون توانايون ضايع ڪري رهيون آهن.
هن وقت تائين سنڌي ٽي وي چينلز جي رپورٽن مان لڳي رهيو آهي ته سنڌ جو لاڙ مڪمل ۽ باقي سنڌ به جزوي تباهي جو شڪار آهي. ماڻهو ٻيو ته ٺهيو پر اهو چئي رهيا آهن ته کين خيما فراهم ڪيا وڃن جيئن هو پنهنجي ٻارن ۽ اهل عيال کي بچائي سگهن. سنڌ ۾ آيل هن تباهه ڪن برساتن جو اثر ڪو سولو ختم ڪونه ٿيندو. برساتون ته اڃان هلن پيون، چئو طرف بيٺل پاڻي بيمارين جو سبب بنجڻ شروع ٿيندو ۽ ماڻهن جي مال ۽ متاع سان گڏ سندن اناج جي ختم ٿيڻ سبب بک کي ختم ڪرڻ سڀ کان ڏکيو ڪم هوندو. هڪ ٻيو اهم چيلينج صاف پاڻيء جي فراهمي به آهي، ڇو ته برساتي پاڻي ۽ زمين جو پاڻي ملڻ سبب پيئڻ جي قابل نه رهيو آهي.
آواره بادلن ۽ ڪڙڪندڙ ڪڪرن مان وسندڙ مينهن ته رڪجي ويندو پر ماڻهن جي اکين مان وهندڙ مينهن کي روڪڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.