100 قتلن جو اعتراف ڪندڙ اجمل پهاڙيءَ جي ڪهاڻي[/CENTER] [JUSTIFY]ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز جي حوالي سان ڪيل جوائنٽ انٽروگيشن رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهر ۾ 2005ع کان هن وقت تائين ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ سرگرم 6 گروپن منجهان هڪ گروپ جو سربراهه اجمل پهاڙي هيو. اجمل پهاڙي کي ٽارگيٽ ڪلنگ جي الزام ۾ گذريل سال گرفتار ڪيو ويو هو. سپريم ڪورٽ ۾ ٻين جوابدارن سان گڏ اجمل پهاڙيءَ جي به جوائنٽ انٽروگيشن رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي.ا ها جاچ پوليس، رينجرز انٽيليجنس بيورو، آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽيليجنس جي اهلڪارن جي موجودگي ۾ ڪئي وئي آهي. ان رپورٽ موجب جوابدار ٻڌايو ته 2005ع ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ کان لڳ ڀڳ 2 مهينا پوءِ کيس محمد انور ايم ڪيو ايم جي لنڊن سيڪريٽريٽ مان ٽيليفون ڪري دبئي سڏايو، جتي هڪ هوٽل ۾ محمد انور سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ لياقت قريشي، شڪيل عمر، امتياز مانڊو ۽ سعيد ڀرم اڳيئي موجود هئا. اجمل پهاڙيءَ اعتراف ڪيو ته محمد انور کيس دبئي سڏائي حڪم ڏنو ته ڪراچي وڃي ٽيمون ٺاهڻيون آهن ته جيئن متحده جي مخالفن جي ڪراچي مان ميسار ڪئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ کيس هڪ لسٽ به ڏني وئي. گڏيل جاچ رپورٽ ۾ اجمل پهاڙي جي اعتراف بيان جي حوالي سان چيو ويو آهي ته محمد انور ميٽنگ دوران حڪم ڏنو ته ڪراچي ۾ ڪارروايون ڪرڻيون آهن. ان مطابق هو ڪراچي واپس آيو ۽ 8 ٽيمون ٺاهيون ويون جيڪي بلديه ٽائون، اورنگي ٽائون، پاڪ ڪالوني، لياقت آباد، لائنز ايريا ۽ لياري جي علائقن ۾ سرگرم رهيون. انهن ٽيمن وٽ پابندي هيٺ آندل سپاهه صحابه، عوامي نيشنل پارٽي، ايم ڪيو ايم حقيقي ۽ ٻين پارٽين جي ذميواري هئي. جوابدار جاچ ٽيم کي ٻڌايو ته جڏهن ڪنهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرڻي هجي ته حڪم ڏيندي وقت ڪوڊورڊز استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيئن فائل خريد ڪري وٺ يا پيمنٽ وٺ جهڙا لفظ شامل آهن. رپورٽ موجب اجمل پهاڙيءَ 1986ع ۾ ايم ڪيو ايم ۾ شموليت ڪئي، 1996ع ۾ اجمل پهاڙي تربيت لاءِ ڀارت ويو جتي هڪ جهنگ ۾ قائم آرمي ٽريننگ سينٽر ۾ کيس هٿيار هلائڻ جي خاص سکيا ڏني وئي. اجمل پهاڙيءَ پوليس کي ايم ڪيو ايم حقيقي جي سربراهه آفاق احمد تي قاتلاڻي حملي جي رٿابنديءَ کان آگاهه ڪيو، تنهن کان سواءِ اقبال رعد ايڊووڪيٽ، ن ليگ اڳواڻ بدر اقبال، ايم ڪيو ايم حقيقي، پ پ ۽ اورنگي ۾ گذريل ڏينهن ننڍين چونڊن دوران مارجندڙ بهاري قومي موومينٽ جي سربراهه سميت سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ انڊر ورلڊ سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي قتل ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو. پهاڙيءَ موجب دهليءَ کان ٽن چئن ڪلاڪن جي پنڌ تي جهنگ ۾ تربيت دوران ساڻس ڪجهه ٻيا به ڪارڪن گڏ هئا. هڪ مهيني جي سکيا کان پوءِ سني نالي هڪ شخص کين وٺڻ آيو ۽ واپس دهلي وٺي آيو جتي هو ٻيا 6 مهينا ترسيا هئا. پهاڙيءَ موجب کين چيو ويندو هو ته حق نه مليا ته الطاف حسين جي قيادت ۾ هو سنڌ جي وڏن شهرن کي الڳ رياست بڻائيندا. جوابدار ٻڌايو ته 1996ع ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ تي راڪيٽ لانچرز سان ڪيل حملي جي لڳ ڀڳ 2 مهينا پوءِ کيس لنڊن مان نديم نصرت حڪم ڏنو ته هو ذيشان پي آءِ بي وارن سان گڏ ايران هليو وڃي ۽ وڃڻ کان اڳ هو نائن زيرو ويو جتان کيس خرچ لاءِ 50 هزار رپيا ڏنا ويا. [/JUSTIFY] جوائنٽ انٽروگيشن رپورٽ ۾ اجمل پهاڙي 100 کان وڌيڪ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي۔ وڌيڪ تفصيلن لاء بي بي سي جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔ بي بي سي جي ٿورن سان ترجمو عوامي آواز جي ٿورن سان