اسبابن جي دنيا هڪ بزرگ پنهنجن پوئلڳن کان پڇيو ” اسين ڪاوڙ ۾ رڙيون ڇو ڪندا آهيون؟“ ماڻهون هڪ ٻئي سان رڙيون ڪري ڳالهائيندا آهن جڏهن هڪ ٻئي سان ناراض ٿيندا آهن؟ هڪ پوئلڳ ٿورڙي سوچ کانپوءِ جواب ڏنو، ”ڇاڪاڻ ته اسين پنهنجي خاموشي وڃائي ويهندا آهيون انڪري رڙيون ڪندا آهيون“ ٺيڪ آهي، پر جڏهن ته اسين هڪٻئي جي ويجهو هوندا آهيون پوءِ به رڙيون ڇو ڪندا آهيون؟ ڇا آهستي ۽ آرام سان ڳالهائي نٿو سگهجي؟ پوءَ به جنهن تي ڪاوڙ هوندي آهي ته آواز رڙين ۾ تبديل ڇو ٿيندو آهي؟ مختلف پوئلڳن مختلف جواب ڏنا پر ڪو به بزرگ ئي مطمئن ڪري نه سگهيو آخر ۾ بزرگ انجي وضاحت ڪندي چيو ته؛ ” جڏهن ٻه ماڻهون پاڻ ۾ ڪاوڙبا آهن ته انهن جي دلين ۾ گهڻو فاصلو اچي ويندو آهي. ان فاصلي کي طع ڪرڻ خاطر انهن کي رڙيون ڪري هڪ ٻئي کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻي هوندي آهي، جيتري گهڻي ڪاوڙ هوندي آهي اوتري ئي گهڻي انداز ۾ رڙيون ڪري آواز کي اهو فاصلو طع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ... بزرگ وري سوال ڪندي چيو ته ” ڀلا ٻه ماڻهون جڏهن هڪ ٻئي سان پيار ڪندا آهن ته رڙيين جي بجاءِ نرم آواز ۾ هڪ ٻئي کي پنهنجي ڳالهه پهچائيندا آهن، ڇو؟ ڇاڪاڻ ته انهن جي دلين جا فاصلا ختم ٿي ويندا آهن، انهن ٻن جي وچ وارو پنڌ گهٽجي ويندو آهي ... بزرگ پنهنجي ڳالهه کي اڳتي ڪندي چيو ته جيترو پيار اوترو ئي آواز ۾ نرمي ۽ جهيڙائپ هوندي آهي ... ايئن ڇو؟ بلڪ اهي ڳالهائيندا به ناهن سس پس ڪندا آهن ۽ پيار جي اثر هيٺ هڪ ٻئي جي اڃان به ويجهو ٿيندا آهن ... آخر ۾ اها سس پس به ختم ٿي ويندي آهي ۽ ڳالهه اکين جي اشارن سان به چئي ويندي آهي ... صرف هڪ ٻئي ڏانهن اکيون کڻي ڏسڻ ئي ڪافي هوندو آهي ... کڻ اکيون کل يار ته وڃن سور سنڌا ڪيو ... اهڙي نموني ٻه پيار ڪندڙ هڪٻئي جي ويجهي کان ويجهو ٿيندا آهن ... اخلاقي سبق؛ جڏهن بحث ڪيو ته پنهنجين دلين ۾ دوري پئدا نه ڪريو ... اهڙا لفظ نه ڳالهايو جي اوهانجي رشتن ۾ فاصلو پئدا ڪري ڇڏين ... جيئن ڏينهن گذرندا تيئن گهرو فاصلو ٿيندو ۽ آخر ۾ موٽ جي ڪا راه ئي نه ملندي آهي ...
تمام بهترين نصيحت۔۔۔ واقعي سائين اهڙيون دوريون جيڪي بظاهر ته گڏ هوندا آهن پر اهي دوريون ئي انهن کي رڙين ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي۔۔ اميد ته اوهان جي اهڙي لکڻي کي پڙهي ڪري هن ساٿ جا دوست ان نصيحت تي عمل پيرا ٿيندا۔۔۔۔ مهرباني سائين۔۔۔۔
لک ٿورا ادا زاهد، اميد ته ساٿ سميت جڙيل هوندين، پر اهو ته ٻڌايو اڄڪلهه ڇا مصروفيتون آهن جو، ڪڏهن ڪڏهن نظر ٿا اچو ... چوڏهينءَ جي چنڊ جيئان ..