سنڌ پوليس ۾ عورت ڪهڙي تبديلي آڻي سگهي ٿي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [​IMG][/center][/img]
    [justify]عورتن جتي مختلف شعبن ۾ پنهنجي قابليت کي مڃايو آهي، اتي پوليس جي شعبي ۾ ايندڙ عورتون به مرد عملدارن کان گهٽ ناهن، انهن نه رڳو بهادري سان پوليس جا معاملا سنڀاليا آهن پر اهي وومين پوليس آفيسرز مردن عملدارن وانگر پوليس جي گاڏين ۾ گشت به ڪن ٿيون، جڏهن ته انهن جي اچڻ سان عورتن کي اهو فائدو ٿيو آهي ته اهي پنهنجا مسئلا انهن وومين پوليس آفيسرز آڏو آساني سان رکي سگهن ٿيون ۽ انهن جي دادرسي ۾ به اڳڀرائي ٿئي ٿي، انجنيئرنگ، ميڊيڪل، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ٻين مختلف شعبن سان گڏوگڏ هن وقت ڪيتريون ئي ڇوڪريون پوليس ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪري رهيون آهن ۽ جن هن شعبي کي جوائن ڪيو آهي، اهي مختلف شهرن ۾ انتهائي بهادري سان ڪم به ڪري رهيون آهن، هن وقت سنڌ پوليس ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون پوليس آفيسرز موجود آهن، جيڪي ٻين عورتن لاءِ رول ماڊل جو درجو به رکن ٿيون، پوءِ اها پوليس آفيسر شميم آرا هجي يا وري دادو ۾ مقرر ايس پي فريده بانو لغاري، گهوٽڪي جي اي ايس پي ارم اعواڻ هجي يا بدين ۾ تازو مقرر ٿيل ايس ايڇ او صنم لغاري، انهن پوليس آفيسرن ٿورن ئي ڏينهن ۾ پنهنجو وڏو نالو ڪمايو آهي، اڳ ۾ اهو سمجهيو ويندو هو ته شايد پوليس کاتو رڳو مردن لاءِ ئي آهي پر هينئر جڏهن قابل عورتون هن شعبي ۾ اچي ويون آهن يا وري اچي رهيون آهن، ان بعد اهو چئي سگهجي ٿو ته پوليس جي شعبي ۾ عورتون به پنهنجي قابليت سان ڪم ڪري مظلوم ۽ غريب عورتن جي داد رسي ڪري سگهن ٿيون، دادو ۾ مقرر ٿيل ايس پي هيڊ ڪوارٽر فريده بانو لغاري جو چوڻ آهي ته هوءَ 1995 ۾ سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران ان شوق ۽ مقصد سان پوليس کاتي ۾ ڊي ايس پي طور ڀرتي ٿي هئي ته هوءَ مسڪين عورتن جا مسئلا حل ڪرائيندي، پوليس ۾ بهترين ڪيريئر بڻائڻ لاءِ آيل فريده بانو لغاري اختيار گهٽ ۽ مسئلا وڌيڪ هجڻ ڪري گهڻي مطمئن ناهي ۽ چوي ٿي ته عورتن جا وڌ ۾ وڌ جيترا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن، اهي حل نه پيا ٿين، ان لاءِ دادو ۾ ليڊيز پوليس اسٽيشن ٿاڻو قائم ڪيو وڃي جيئن عورتن کي جلد کان جلد ۽ سستو انصاف ڏياري سگهجي، ڇو ته اسان ناانصافين جو شڪار عورتن کي درخواست فارورڊ ڪري ٿاڻن تي اماڻيون ٿا، اتي کين توقع مطابق انصاف فراهم نه پيو ٿئي، کين رلايو وڃي ٿو، هن ٻڌايو ته اڳ فيملي پلاننگ يا صحت کاتي ۾ عورتون ڀرتي ٿيڻ کي عيب سمجهنديون هيون پر هاڻي شعور وڌڻ سبب پوليس سميت هر کاتي ۾ عورتون نوڪري ڪن ٿيون، هن چيو ته گهران نڪرندڙ عورتن کي معاشرو تحفظ نه پيو ڏئي، الٽو کين تنگ ڪيو وڃي ٿو پر پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيل عورتن جو تحفظ يقيني آهي، جيڪر عورتن کي پاڻ تي اعتماد آهي ته کين ڪير ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، هن ٻڌايو ته اسان توقع مطابق عورتن جا مسئلا حل نه ٿيون ڪري سگهون، ان جو وڏو ڪارڻ اختيار نه هئڻ ۽ سهولتن جي کوٽ آهي، کين سرڪار رهائش ناهي، ٽي اي ڊي اي نه ٿو ملي، اسان ڪنهن اهلڪار کي بدلي نٿا ڪري سگهون، ضرورتمند اهلڪار کي موڪل نه ٿا ڏئي سگهون، هن چيو ته اسان جو ڪم صرف آفيس ڪم، پيٽرولنگ ۽ پوليس گهاٽ چڪاس ڪرڻ هوندو آهي، اسان ڪٿي ڇاپا نه هنيا آهن ۽ نه وري گرفتاريون ڪيون آهن، شڪي جوابدار هٿ اچڻ جي صورت ۾ وائرليس ميسيج ذريعي اهلڪار گهرائي انهن کان ريڊ ڪرائي گرفتاريون ڪرائيندا آهيون، هن ٻڌايو ته نئين سسٽم تحت ايس پي هيڊ ڪوارٽر کي اهلڪارن کي بدلي ڪرڻ، کين موڪل ڏيڻ، پوليس لائين جي لڪ آفٽر ڪرڻ، هٿيار چيڪ ڪرڻ، پوليس لائين جي اسپتال ۽ اسپورٽس شعبي کي سنڀالڻ جا اختيار آءِ جي سنڌ پاران لکت ۾ 2 ڏينهن اڳ ڏنا ويا آهن پر انهن تي ڪڏهن ۽ ڪيئن عمل ٿيندو انتظار ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح گهوٽڪي ۾ گهڻو وقت پنهنجي آفيس ۾ ويهندڙ ۽ رات جو عام پوليس آفيسرن وانگر روڊ رستن تي گشت ڪندڙ اي ايس پي ارم اعواڻ چئي ٿي ته جيتوڻيڪ هي ڪم تمام گهڻو مشڪل ۽ چئلنج وارو ڪم آهي پر ناممڪن ناهي، جيڪڏهن ماڻهو ۾ جذبو سچائي هجي ته ماڻهو هر مشڪل مان آساني سان پار پئي منزل تائين پهچي سگهي ٿو. ارم اعواڻ به اهو ئي چوي ٿي ته جيڪڏهن وومين پوليس آفيسرز کي مڪمل اختيار ڏنا وڃن ته اهي عورتن جي حقن لاءِ سٺو ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ ڏوهن جو خاتمو به آڻي سگهن ٿيون، بدين ۾ مقرر ٿيل ايس ايڇ او صنم لغاري ان کان اڳ ٻين مختلف ٿاڻن تي به ايس ايڇ او رهي آهي پر اهو بدين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته هڪ عام پوليس اسٽيشن تي عورت پوليس آفيسر کي ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪا هڪ مرد ايس ايڇ او وانگر پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي، ۽ عام پوليس وانگر شهرن ۾ مرد پوليس اهلڪارن سان گڏ گشت به ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ مقرر انسپيڪٽر نيلم انڙ به انهن وومين پوليس آفيسرز ۾ شامل آهي، جيڪي عورتن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، ڪراچي ۾ وومين پوليس جي حوالي سان هوءَ پڻ اختيارن ۽ سهولتن جي اڻهوند کي مک سبب قرار ڏئي ٿي. اهڙي طرح لاڙڪاڻي جي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر زرينه چانڊيو ٻڌايو ته مرد پوليس عملدار ۽ اهلڪار عورتن جي ڪيسن ۾ دلچسپي نه ٿا وٺن، اسين جتي به ڪنهن مظلوم ڦاٿل عورت کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪرڻ وڃون ٿا ته حد جي ٿاڻي جو ايس ايڇ او اڳواٽ جوابدارن کي اطلاع ڏئي ڇڏي ٿو. ڪورٽن جا نوٽيس ۽ تعميلات پڻ وومين پوليس جي ذميواري آهي، ان ڪري تعميلات جا نوٽيس پڻ اسين گهرن تائين پهچائيندا آهيون. هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته سٺا ايس ايس پيز اچن ٿا ته هو وومين ٿاڻي کي وڌيڪ فنڪشنل ڪن ٿا، ڪجهه اهڙا آفيسر به ايندا رهيا آهن، جن وومين ٿاڻي ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو، جڏهن ته هن ٿاڻي تي قتل، گهريلو تشدد، ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪرڻ جي خطري سميت ڪيترائي سنگين عورتن جا مامرا اچن ٿا. پر سهولتن جي اڻاٺ ۽ مرد پوليس جو تعاون گهٽ هجڻ سبب موثر نموني سان عورتن جي ڀلائي وارو ڪم متاثر ٿئي ٿو. دادو جي سب انسپيڪٽر بينظير جمالي جو چوڻ آهي ته هوءَ پ پ دور ۾ 2002ع ۾ بيروزگاريءَ سبب اي ايس آءِ طور ڀرتي ٿي هئي، پوليس کاتي ۾ بهتر ڪيريئر ٺاهڻ جا موقعا سمجهون ٿا ڇو ته اسان جي هٿان مظلوم بي پهچ ناانصافين جو شڪار تشدد جو شڪار عورتن جي مدد ٿئي ٿي، هن چيو ته فيلڊ ورڪ ناهي، ايس ايس پي آفيس ۾ ڪم ڪيون ٿا، ان ڪري ڏکيائي ناهي پر اسان وٽ معصوم ٻارڙن جا زوري شادي ڪرائڻ،ڪارو ڪاري،جبري پورهئي سميت عورتن تي هر قسم جي تشدد جا جيڪي به مسئلا اچن ٿا انهن کي اسان ٿاڻن تي اماڻيون ٿا پر عورتن کي ٿاڻن تي گهربل انصاف پلئه نه ٿو پئي، اسان وٽ اختيار هجن ته اسان جوابدار ڌر کي گهرائي جاچ ڪيون، قانون موجب سزا ڏياريون يا ايف آءِ آر داخل ڪيون، دادو ۾ ليڊيز پوليس ٿاڻو قائم ٿيڻ گهرجي ته عورتن کي جلد انصاف ڏياري سگهجي ٿو، ڇو ته عورتون ٿاڻن تي وڃن ٿيون ته ڪي اهڙا مسئلا آهن جيڪي مردن کي ٻڌائي به نٿيون سگهن، پرديدار عورتون ٿاڻن تي مردن سامهون وڃڻ لاءِ به تيار ناهن، هن ٻڌايو ته آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي مرد برداشت نه ٿا ڪن، شعور هجڻ ۽ عورتن کي برابريءَ جا حق ڏيڻ جي دعويٰ ڪندڙ اڪثر مرد ذاتي زندگيءَ ۾ ابتڙ عمل ڪن ٿا، عورتن کي گهربل آزادي ۽ تحفظ ناهي تنگ ڪرڻ خاطر ماڻهو بغير نالن جي ڪوڙيون درخواستون ڪري ڪوڙا الزام هڻن ٿا، ڊي آءِ جي آفيس تائين انڪوائريز لاءِ وڃڻو پوي ٿو. هن ٻڌايو ته 11 لک آباديءَ واري دادو ضلعي ۾ صرف ٽوٽل آفيسرس ۽ اهلڪار 7 عورتون مقرر ٿيل آهيون، ڪم گهڻو ۽ عملو گهٽ آهي، ڄاڻايل مسئلن جي حل لاءِ پوليس موڪلي ڇاپا هڻائي ڪارروائي ڪندا آهيون، پوليس ۾ ڀرتي ٿيل اهلڪار توڙي آفيسر جيڪي پنهنجي زالن کي خرچ نه ٿا ڏين، انهن جي زالن جي شڪايتن تي سندن مڙسن جي اڌ پگهار ڪٽوتي ڪرائي زالن حوالي ڪرائيندا آهيون، جيڪر اختيار ملندا ته اڃا به عورتن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ پراميد آهيون پر اختيار محدود هئڻ سبب عورتن جا گهربل مسئلا حل ڪرڻ ۾ تڪليفون ضرور آهن.[/justify]

    (معشوق اوڍاڻو،نظام شيخ ۽ الهورايو بوزدار) ڪاوش
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ پوليس ۾ عورت ڪهڙي تبديلي آڻي سگهي ٿي

    ادا سٺي ونڊ آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو