• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

جنيد ميمڻ

سينيئر رڪن
ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔
هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

هو ڪلاچئ ۾ محشر سڀني ڏٺو،
۽ منهنجي جند تي جيڪي هاڃا ٿيا۔

ڪالھ جيڪو هيو روشنين جو شهر،
اڄ هو بيروت ، بغداد ، ڍاڪا ٿيا۔

ڪيئي جوڌا جوان ها جاڳي اٿيا،
۽ ڪي ڌرتي جا ڄايا اڀاڳا ٿيا۔

ناهي نڪتو اڃان به درمان ڪو،
رڳو سياست جا آهن فسانا ٿيا۔

اچ امن کي تلاشيون ساحر ملي،
۽ دڳ پيچرا جي پراوا ٿيا۔۔۔
جنيد ميمڻ
 
جواب: ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

ناهي نڪتو اڃان به درمان ڪو،
رڳو سياست جا آهن فسانا ٿيا۔


لاجواب احساس ۔۔۔۔۔۔ افسانا ته روز ٿا ٻڌون ۔۔۔۔۔۔ ڪنهن تي وشواس ڪيون ؟؟
 
جواب: ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

لک مهربانيون سائين سليمان وساڻ ادا عبدالواحد
 
Back
Top