افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
قومپرستي مغربي مفڪرن جي نظر ۾
قومپرست(nationism) جي جذبي انسانيت کي جيڪو نقصان پهچايو آهي ، تنهن جو اندازو ماضيءَ ۾ ٿيڻ وارين ٻن عظيم جنگين ۾ يورپ جا مفڪر لڳائي چڪا آهن ، انهن جنگين ۾ دنيا جنهن صورتحال سان منهن ڏنو ، ان سان مغربي مفڪرن ، دنيا جي دانشورن ۽ فلاسفرن کان رڙ نڪري وئي . انهن دنيا جي حڪمرانن کي وقت تي ئي آگاھ ڪيو ته جيڪڏنهن قوم پرستي ءَ جي جذبي جو توڙ نه ڳولهيو ويو ۽ ابلاغ جي ذريعي انسانيت نوازيءَ جي تعليم عام نه ڪئي وئي ته اهو جذبو انسانيت کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو . هتي اسان عبرت ۽ نصيحت خاطر ڪن مغربي ڏاهن جي تحريرن مان ڪي حوالا پيش ڪريون ٿا؛
برٽينڊر سل پنهنجي هڪ ڪتاب ” تعليم جو نظام ۽ معاشرو“ ۾ لکي ٿو ته ؛ ” قومپرستيءَ جو مرض هڪ هسٽيريا جهڙو مرض آهي ، جنهن ۾ بدقسمتيءَ سان گهڻائي ڦاتل آهن . ان مرض کان بچڻ لاءِ ماڻهن کي اخلاق ۽ مذهبي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي . قومپرستيءَ اسان جي دور جي سڀ کان خطرناڪ برائي آهي ، جيڪا شراب نوشي ۽ بدديانتيءَ جهڙين خرابين کان به وڌيڪ بڇڙي آهي . هن جي ڪري اسان جي تهذيب خطري ۾ پئجي چڪي آهي . اها اسان جي بدقسمتي آهي جو هر دولت کي هن تباھ ڪندڙ برائي جي ڦيلائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ خرچ ڪيو وڃي ٿو. جيسيتائين قومپرستيءَ جو زهر گهٽ نٿو ٿئي تيسيتائين تمدن جي باقي رهڻ جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي .“
ساڳيو ئي مفڪر پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب ” تهذيب جو بحران “ ۾ لکي ٿو ته ” قومپرستيءَ “ جو احساس نفرت سان پيدا ٿيندو آهي ، جڏهن هوءُ ڪنهن ٻئي قوم جي سامهون ٿيندي آهي . ان موقعي تي اهڙين قومن اندر ، جيڪو دشمني ۽ مقابلي جو جذبو جاڳندو آهي . ان جي رڳو پنهنجي قومي وحدت تائين تاثير نه هوندي آهي ، پر جيڪا قوم اهڙي مقابلي ۾ جيڪو اختيار حاصل آهي ته پوءِ ان جي زور تي اهڙين ٻين قومن کي دٻائڻ ۽ زير ڪرڻ شروع ڪندي آهي . جيڪي پاڻ کي خود مختيار سمجهنديون آهن . انهن ئي سببن جي بنياد تي ، هن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿيو ته ڪنهن به حڪومت جي نظام لاءِ قومپرستي جو بنياد وڏو خطرناڪ آهي “
اجتماعيت جي فلسفي جو عالم وليم برٽنڊر سل پنهنجي هڪ ڪتاب ” انساني جهيڙن جو بنياد “ ۾ لکي ٿو ته ؛ ” وڌيڪ گمان اهو ئي آهي ته موجوده جنگ کان پوءِ يورپ جون قومون ڪجه سالن تائين عملي ويڙھ جهيڙ ۾ نه اٽڪنديون ، ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪجه ته ٿڪيل هونديون ۽ ڪن کي وري انهن جا حاڪم دٻائي ويهندا ، پر قومپرستي جو اهو جذبو جيڪو جنگ جو اصل ڪارڻ آهي ، سو پوءِ به باقي رهندو . ان لاءِ مستقبل ۾ جنگ کان ختم ڪرڻ لاءِ اڄ جي سياست دانيءَ جي پرک ان مان ٿيندي ته موجوده جنگ کان پوءِ قومپرستي جي هن جذبي بابت ڪهڙا اپاءَ ورتا وڃن ٿا. “
مشهور مفڪر فريڊڪ هرنر پنهنجي هڪ ڪتاب ” تاريخ ءٌ سياست ۾ قوميت “ ۾ لکي ٿو ته ؛ ” تاريخ ٻڌائي ٿي ته مختلف قومن جو پاڻ ۾ جهيڙن جهٽن ۾ سبب ، ان کان سواءِ شايد ڪو ٻيو هجي ته اهي قومون ماضيءَ ۾ انسانن جون مختلف جماعتون هيون ، جن پنهنجا الڳ الڳ نالا رکي ڇڏيا . جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته هڪ انگريز وٽ ڪنهن فرانسيسي اسپينن يا اٽالين جو نالو نفرت ۽ حقارت جو تصور پيدا ڪندو آهي ، پر جيڪڏنهن خالص انسان لفظ جو اطلاق صحيح طور تي ڪيو وڃي ته پوءِ احترام جي جذبي پيدا ڪرڻ ڻ ڪڏنهن به ناڪام نه ٿي سگهبو.“
پروفيسر برٽينڊر سل پنهنجي ڪتاب ”“ دنيا جي سياست “ ۾ لکي ٿو ته ؛ مسئلو ڪهڙو به گهنڀير ڇو نه هجي ، حقيقت هيءَ آهي ته انسان جو دور جون ٻئي عالمگير جنگيون ،قومپرستي جي سبب لڳيون هيون ۽ اهائي شيءَ اسان جي زماني ۾ سڀ کان وڏي سياسي قوت بڻجي وڃي ٿي ، نه فقط اهو ته اهي ٻئي جنگيون ڇو لڳيون ؟ان ڏس ۾ روئڻ جي ڳالھ اها آهي ، ته دنيا ۾ جنگ نه هوندي آهي ته تڏنهن به افسوس سان ڇوڻو پوي ٿو ته ان وقت به اسان وٽ امن قائم نه هوندو آهي . “
ساڳيو دانشور پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب ” دنيا جي تبديلي جي اميد “ ۾ لکي ٿو ته ؛ “ اسان جي زماني ۾ جيڪا شيءَ رابطن کي قومي حدن کان اڳتي وڌائڻ ۾ رڪاوٽ آهي اها قوم پرستي ئي آهي . ان لاءِ قومپرستي انسان ذات جي تباهي کاءِ سڀ کان وڏي قوت آهي.“
ايڊيسن هيڪسلي هڪ هنڌ لکي ٿو ته ؛ قومپرستي ۽ مشرڪاڻي مذهب جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي يعني هڪ اهڙو مذهب جيڪو فساد ۽ انسانيت کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ لاءِ ايتري طاقت رکي ٿو ، جو ٻيو توحيد پرست مذهب جيڪو فلاح ۽ انساني وحدت جو حامي هجي ته اهو هن مذهب جو مقابلو نٿو ڪري سگهي . قومپرستيءَ يا وري نسل پرستيءَ جو جذبو بلڪل چريائپ وارو رستو آهي،“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ؛ ” قومپرستيءَ انسان ذات کي جيترو مادي نقصان پهچايو آهي ،ان جو پورائو شايد سموري انساني نسل به نه ڪري سگهي ، باقي رهي اخلاقي تباهي ، سو اها تباهي لکين مردن عورتن ، خاص ڪري ٻار جيڪي ان جي ور چڙهي ويا آهن ، تنهن جي تلافي ڪنهن جي به وس جي ڳالھ نه آهي .
قومپرستيءَ طرفان عطا ڪيل انساني وحدت ۾ ۾ ڏار ۽ الله جي عقيدي کي ڇڏي ڏيڻ جهڙا جذبا ، انسانن منجه منتقل ٿيندا رهيا آهن . ان طرفان اسان کي ڪيتريون ئي بڇڙايون پلئه پيون آهن ، پر ٻه نعمتون هڪ آزادي ۽ ٻي امن اسان کان کسجي ويون آهن“ .
قومپرستيءَ جي نظريي بابت هڪ ٻيو دانشور ” ڊين انچ“ هڪ هند لکي ٿو ته ؛ جيڪو لامذهبيت کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي . يورپ کي ان جي تباهيءَ کان ڪو به بچائي نٿو سگهي ، سواءِ ان جي جو اتان جا ماڻهو وري ٻيهر هوش ۾ اچي وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ جيڪڏهن قومن جي فيصلن تا اهو ڀوت سوار رهيو ته انسان ذات جو مستقبل تمام اونداهو ۽ خطري ۾ ڦاتل نظر ٿو اچي.
جي ايم ميري پنهنجي ڪتاب ” آدم ۽ حوا“ ۾ لکي ٿو ؛ ” جئين ته انسانن جي دلين ۾ الله تعالى جو عقيدو ختم ٿي چڪو آهي ۽ پوءِ ان خالي جاءِ تي قوم پرستيءَ جي شيطان قبضو ڪري ورتو آهي . هاڻي انسانن کي هڪ اهڙي مذهب جي ضرورت آهي جيڪو قوم پرستيءَ جي جذبي مٿان غالب ٿي سگهي“.
قوم پرستيءَ جي زهريلن اثرن جا نتيجا خود مغربي مفڪرن جي زباني اوهان پڙهيا ، ان مان خبر پوي ٿي ته پنهنجي فلاح ۽ ترقيءَ لاءَ اڪسير سمجهي ، پنهنجي مٿان ٿاڦيو هو ، اهي ساڳيائي ماڻهو هن نظريي جي ڊيجاريندڙ نتيجن کي ڏسي ، هاڻي ان کي انسان دشمن ۽ مذهب دشمن نظريو سڏي رهيا آهن . پر افسوس جو اسان جا سڌا سادا مسلمان ، جيڪي هن وقت تائين اڄ جي ڏکين تجربن کان واقف نه ٿي سگهيا آهن . توڙي جو اهڙا تجربا گذريل زماني ۾ اسان پڻ ڪري چڪا آهيون ۽ موجوده دور ۾ اهڙو تجربو قوم پاڪستان جي قوم پرستيءَ واري تحريڪ مان پڻ ٿي چڪو آهي . پر افسوس جو ان مان ڪو خاص سبق نه سکي سگهيا سون ۽ هر روز هڪ نئين طوفان سان زور آزمائڻ لاءِ تجربا ڪندا پيا رهون . توڙي جو الله تعالى اسان کي برابر ڍر ڏئي رهيو آهي ، ته جئين اسان سڌري وڃون ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ، پر اسان ته پنهنجن ذاتي ۽ نسلي مفادن جي نشي ۾ مست ٿي چرين وانگر زندگي گهاري رهيا آهيون ۽ اسان کي ڄڻ ته هن رستي تان حاصل ٿيندڙ نتيجن جي ڪابه پرواھ نه آهي ! .
ورتل؛ اسلام_ مسلمان ۽ قومپرستي ( هڪ تحقيقي ۽ تاريخي مطالعو)
پروفيسر عبدالخالق سهرياڻي.
ڪمپوز ؛ افتخار علي چوهاڻ