ملڪاڻي شريف ۾ برسات بعد آيل ٻوڏ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2011۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ملڪاڻي شريف جيڪو ضلعي بدين جو هڪ ڏورانهون ڳوٺ آهي ۽ پنگريو-جهڏو وايه سمن سرڪار روڊ تي واقع آهي، تازين برساتن سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. عيد کان پهرين آيل برساتن سبب اڳ ۾ ئي ڪافي تباهي ٿي جنهن ڪري سوين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ فصل تباه ٿي ويا پر ايترو ضرور هو جو ڳوٺ مان پاڻي ڪجهه ڏينهن ۾ ڳوٺ جي الهندي پاسي تاريخي ڍنڍ (ٻهري) ۾ نيڪال ٿيڻ لڳو هو۽ ماڻهن سک جو ساهه کنيو. پر عيد کان پوءِ مون سون جي نئين سپيل هن سڄي ڳوٺ کي ٻيهر پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيوآهي ۽ وڏي مصيبت اها ٿي آهي جوسدائين کان برسات جو پاڻي کڻندڙ ڍنڍ (ٻهري) به اڳي ئي فل هجڻ ڪري پاڻي اتي جو اتي ئي بيٺل آهي ۽ اڃان به وقفي وقفي سان جاري بارشن جي ڪري ڳوٺ ۾ بيٺل پاڻي جي ليول وڌي ٿي پئي. ۽ ڪجهه ٻين علائقن جو پاڻي به ٻهري ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيڻ ڪري هاڻي ڍنڍ جو پاني اوور ٽاپ ڪري شهر ڏانهن اچڻ لڳو آهي. ڳوٺ جا 50 فيصد گهر (جن مان گهڻا مڪمل ۽ ڪجه جزوي طور) ڊهي پيا آهن. ملڪاڻي شريف جي رهواسين جي اڌ او اڌ آبادي حيدرآباد، ڪراچي، ٿر ۽ ٻين علائقن ڏانهن کڏ پلاڻ ڪري وئي آهي. رهيل ماڻهن وٽ سواري يا وري ڪا واه نه هجڻ ڪري هڪ ڏکي صورتِ حال آهي. اڃان تائين گورنمنٽ ڀرفان هن ڳوٺ لاءِ ڪو به اپاء ناهي ورتو ويو نه وري ڪنهن به آفيشل هن علائقي جو دورو ڪيو آهي.

    08 آگسٽ جي ڪاوش ۾ ڊي سي او بدين طرفان اهو بيان هو ته ملڪاڻي شريف ٻڏڻ جو خطرو آهي۔

    [​IMG]

    انهي آگاهي کان علاوه هن علائقي کي ڪو به رليف ناهي مليو۔ ڪافي فيمليز (منهنجي سميت) هاڻي ٿرپارڪر ڏانهن لڏڻ جو پلان ٺاهيو آهي ڇو ته ڪلهه کان ٻي پاسي جا سڀ رستا بند آهن جتان حيدرآباد يا ڪراچي اچجي۔



    [​IMG]

    ڳوٺ جي آبادي ۾ آيل پاڻي.

    [​IMG]

    گهرن ۾ آيل پاڻي کان پوءِ ماڻهن قيمتي سامان ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪيو آهي.

    [​IMG]

    بارش اڃان به روزانو وسي ٿي جيئن هن تصوير ۾ آهي۔

    [​IMG]
    شهر جي مين روڊ تان ڪراس ڪندڙ پاڻي جيڪو ٻهري ڍنڍ مان شهر ڏانهن وڃي رهيو آهي.

    [​IMG]

    شهر جي مين بازار پاڻي ۾ آهي

    [​IMG]

    ماڻهن لڏ پلاڻ شروع ڪري ڏني آهي.

    .....................................

    هن تصوير ۾ ٻهري ڍنڍ ۽ ملڪاڻي شريف ڏيکاريل آهن۔ هي هڪ تاريخي ڍنڍ آهي جيڪا سدائين پاڻي ڱوٽ ڪري سڪل ئي رهي ٿي ۽ برساتن جو اضافي پاڻي هن ۾ نيڪال ٿيندو آهي۔ پر هن دفعي پاڻي ايترو گهڻو آهي جو ميلن ۾ پکڙيل اها ڍنڍ به پاڻي ناهي جهلي سگهي ۽ هاڻي مين روڊ (جيڪو زرد لائين سان ڏيکاريل آهي) ڪراس ڪندي پاڻي ڳوٺ ڏانهن پئي اماڻي۔ مٿين موضوع ۾ (شهر جي مين روڊ تان ڪراس ڪندڙ پاڻي جيڪو ٻهري ڍنڍ مان شهر ڏانهن وڃي رهيو آهي.) ڪئپشن سان ڏنل تصوير انهي روڊ جي آهي جيڪو هاڻي پاڻي هيٺ آهي۔


    [​IMG][/img]
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ملڪاڻي شريف ۾ برسات بعد آيل ٻوڏ

    بهترين انداز سان ليک ڄوريو اٿو۔ تصويرون به پڻ مناسب آهن ۔ سڀنن دوستن کي گهرجي ته پنهنجن پنهنجن علائقن جا پڻ اهڙي انداز سان تصويرون ۽ پنهنجن علائقن جي حالتن کان اگاه ڪن ، جئين سموري سنڌ جا علائقن جي صورتحال کان اگاهي ٿي وڃي من اسان جي اڳواڻن ۽ ميڊيا کي خبر پوي ته ملڪ ۾ ڇا نه صورتحال آهي ۔ ٻيو نه ته سرندي وارن کي من ڪو احساس ڄاڳي پئي ۽ اهي فرض ۾ ڌر ڪرڻ بدران اڳتي اچن ۽ پنهنجن ماروئڙن جي دردن لا مرهم بڻجي پون ۔ آمين
     
  3. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: ملڪاڻي شريف ۾ برسات بعد آيل ٻوڏ

    الله تعالي رحم ۽ آساني فرمائي .
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ملڪاڻي شريف ۾ برسات بعد آيل ٻوڏ

    ملڪاڻي شريف جون حالتون بهتر ناهن۔

    تنهنڪري دوستن کي گذارش آهي ته اتان ڪنهن محفوظ علائقن ڏانهن نڪري اچن، جيئن حيدرآباد يا ٿر وارو پاسو يا وري ڪراچي به اچي سگهن ٿا۔ پر سوال اهو ٿو اڀري ته پنهنجا مال متاع ڪيڏانهن وڃن؟

    پوء به مان سمجهان ٿو ته انساني جانين جي قيمت وڌيڪ اهميت واري آهي۔ تنهنڪري ڪوشش ڪري محفوظ علائقن ۾ پهچو۔
     
  5. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: ملڪاڻي شريف ۾ برسات بعد آيل ٻوڏ

    ادا سليمان
    ضلع بدين جو ٿرپاڪر سان زميني رابطو ڪٽجي چڪو آهي ، انڪري ملڪاڻي جي ماڻهڻ جو ٿرپاڪر وڃڻ تمام مشڪل آهي ، ٿرپاڪر پهچي ويل ۡخاندان ڏاڍي ڏکيا ئي ۾ آهن ڇاڪاڻ جو اتي رسد ۽ سپلا نه هجڻ جي ڪر ي کاڌي خوراڪ جي تمام گهڻي قلت آهي
    باقي ملڪاڻي جي لڏ پلاڻ ڪندڙ ڪجھ خاندانن گولاڙچي ۽ ڪجھ وري حيدرآباد ، قاسم آباد جو رخ ڪيو آهي ۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ملڪاڻي شريف ۾ برسات بعد آيل ٻوڏ

    مطلب ته صورتحال ڏينهن به ڏينهن خراب پئي ٿئي۔ ملڪاڻي جا گهڻا دوست سنڌ سلامت سان وابسته آهن تنهنڪري مان ڪوشش ڪئي ته ادا يونس ملڪاڻي سان رابطو ٿي سگهي پر هن جو نمبر مسلسل بند پيو ملي۔ مان دوستن کي عرض ڪندس ته اهي خاندان جيڪي حيدرآباد پهتا آهن انهن جي مدد ڪن ۽ ان سلسلي ۾ مان به هر ممڪن مدد ڪرڻ لاء تيار آهيان۔ ڪجهه ذاتي دوستن کي چئي مدد ڪري سگهجي ٿي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو