• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان ٻول حق جا ، جي ٻوليون ته ڪافر!

مست

سينيئر رڪن
اسان ٻول حق جا، جي ٻوليون ته ڪافر؟
زبانون جي پنهنجيون ٿا چوريون ته ڪافر؟

اوهان منصفيءَ جي ڪريو ٿا جي دعوى!
جي پنهنجا مقدما، ٿا کوليون ته ڪافر؟

اسان جي ته آهُن تي به آهي پابندي،
توهان جي ٿا لفظن کي توريون ته ڪافر؟

اسان مست ماڻهو، مدائي نه ڄاڻيون
مٿان ساههُ سنڌ جي، ٿا گهوريون ته ڪافر؟
 
جواب: اسان ٻول حق جا ، جي ٻوليون ته ڪافر!

واه ادا اسد واه تمام خوبصورت شاعري بهترين جذبا آهن يعني مستقبل ۾ توهان بهترين شاعري طرف سفر ڪري رهيا آهيو۔​
 
جواب: اسان ٻول حق جا ، جي ٻوليون ته ڪافر!

اسان مست ماڻهو، مدائي نه ڄاڻيون
مٿان ساههُ سنڌ جي، ٿا گهوريون ته ڪافر؟


ادا مست تمام بهترين شاعري

سنڌ تي ڪيل لاجواب شاعري جيڪا وقت جو آواز ۽ دلين جي ترجمان آهي۔ اوهان احساسن کي لفظن جو روپ ڏنو آهي۔
 
اسان ٻول حق جا، جي ٻوليون ته ڪافر؟
زبانون جي پنهنجيون ٿا چوريون ته ڪافر؟

اوهان منصفيءَ جي ڪريو ٿا جي دعوى!
جي پنهنجا مقدما، ٿا کوليون ته ڪافر؟

اسان جي ته آهُن تي به آهي پابندي،
توهان جي ٿا لفظن کي توريون ته ڪافر؟

اسان مست ماڻهو، مدائي نه ڄاڻيون
مٿان ساههُ سنڌ جي، ٿا گهوريون ته ڪافر؟
واه واه بهترين
 
Back
Top