مفاهمت واري سياست ۽ يتيم سنڌ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]سنڌ کان سالن کان سک رسي ويا آهن ون يونٽ جو طوق ورهاڱي جا وڍ ديسي سڄڻ ويا آديسي آيا شهرن تي قبضا ٿيا ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ٿيو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ڳوٺن مٿان بمباري ۽ گنن آڏو سنڌي سورمن جا سينا جن کي انڌاڌنڌ ۾ وهايل. گولين پروڻ ڪيو نوجوانن جون حياتيون زندانن جي ور چاڙهيون ويون معصوم ٻارن جي پٺين تي ڪوڙا وسايا ويا شهيد نذير عباسي جو ٽارچر سيل مان چچريل لاش ڏنو ويو ڌرتي جي آزادي لاءِ وڙهندڙ جوڳي جي ايم سيد کي جيل واڙيو ويو، ٽوڙي ڦاٽڪ تي رت جي راند کيڏي وئي، ڌاڙيل ڪلچر پيدا ڪري سنڌ مان امن جو ڳيرو اڏايو ويو شام ٿيندي رستا چوڪ گهٽيون ويران ٿي وينديون رهيون مائي جندو جا لال ڌاڙيل ڄاڻائي شهيد ڪيا ويا عارب ۽ منو ڀيل انصاف لاءِ پريس ڪلب جي سامهون عيدون بک هڙتال ۾ گذاريون يونيورسٽين کي تالا لڳا انصاف جي ڪرسي تي نظريه ضرورت جا مهندار برجماڻ رهيا ڪلاشنڪوف ڪلچر هيروئن، ٻورين ۾ بند لاش، هٿوڙا گروپ جا رواج پيا هڪ سيٽ رکندڙ سنڌ جا وزيراعليٰ بڻيا، ادب جا عرفان مروت ٻنيا، نياڻي لاءِ عجيب تبصرا ۽ طعنا حاڪمن واتان نڪتا سنڌ ان وقت ۾ به سڪتي ۾ هئي سندس درياهه کي سڪايو ويو سندس وسيلن جي ورڇ مال غنيمت ڄاڻي ورهائي وئي، سنڌ ان وقت به هڪ سوال هئي پنهنجن کان به ته پراون کان به ناپسنديده ماحول ۽ سماج ۾ سنڌي ماڻهو جي زندگي هڪ وڏي جيل ۾ عمر قيد ڪاٽڻ واري مزاحمتي سز سنڌي ڪاٽي رهيو آهي. عمر قيد جي سزا رڳو انصاف جي عدالت مان نه ملندي آهي پر مفلسي به انسان کي عمر قيد ڏيندي آهي ۽ سنڌ جو هر حقيقي ڄائو اڄ اهڙي سزا ڪاٽي رهيو آهي. اهو تاريخ جو سچ آهي ته ڪوڙ ۽ دوکي واري بازار ۾ منصورن جا مٿا بلاول جون هڏيون مسيحن جون اکيون ۽ چي گويرن جا پير ڪٿي به وڪجندي نظر ڪو نه اچن ٿا ڇو جو سنڌين ڪڏهن به سچ نه وڪيو آهي ها پر هنن مياڻي دٻي ۽ کرڙيءَ جا ميدان سجايا آهن هنن ڪارساز تي رت جا نذرانا ڏنا آهن اڄ به ڳڙهي جي قبرستان ۾ انهن گمنام شهيدن جي قبرن تي ڪتبو لڳل آهي ته ها مان ڀٽو آهيان منهنجو روحاني بابو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آهي ۽ سنڌ جي ارڏي نياڻي لياقت باغ ۾ ڳاڙهو جوڙو پاتو ۽ عوام سان ڪيل وچن جو مان رکي رت جي قرباني ڏني ۽ ازلي جنگ کٽي ورتي، پر مٿين مڙني حقيقت باوجود سنڌ ڪٿي بيٺي آهي؟ اڄ جون حالتون ڇا آهن، شهيدن ورڪرن، جيالن سنڌ ڄاون جي قربانين بدولت حاصل ڪيل حڪومت اڄ مفاهمت جي نالي ۾ ڇا ڪري رهي آهي. اڄوڪي سنڌ جون حالتون ڇاجي نشاندهي ڪري رهيون آهن؟ پر سال آيل مها ٻوڏ سنڌ کي تباهه ڪيو ڀوتارن جون ڪيٽيون ۽ ملڪيتون بچائڻ لاءِ قوم تي قربان ڪيو ويو ۽ لکين انسانن کي اڄوڪن ڏينهن ۾ ڪيمپن اذيت جا ڏينهن گهاريندي ڏٺوو ويو، سنڌ جي نياڻي ماني ڳڀي لاءِ گاڏين پويان ڊوڙي رهي هئي. قطارن ۾ بيٺل چار پوڙها ۽ جوان پاڻي لاءِ ٿانو کڻي بيٺا هئا، هڪ ويلي جي ماني کان پوءِ بي يقيني جي ڪيفيت ۾ انتظار ۾ ماروئڙن جون اکيون آسونديون رهيون ٽي طعنا تنڪا ٻڌڻ لاءِ مليا ڪراچيءَ ۾ سنڌين لاءِ نوگو ايريا، هي سوات جا متاثر ته قبول هئا پر سنڌ ڄاوا راڄڌانيءَ ۾ قبولجڻ لاءِ قبوليت جو درجو حاصل نه ڪري رهيا هئا داخلا لاءِ يونيورسٽين ۾ اتان جو رهاڪو هجڻ جو ڪارڊ گهربل آهي پر قدرتي آفتن وقت به هو سنڌ جي راڄڌاني ۾ آنسو گيس ۽ لٺين جا حقدار هئا ماروئڙا اڃا گهر موٽيا نه آهن ته وري سرڪار سڳوري وطن ڪارڊ جا 20 هزار ڏيڻ کان پوءِ سائي ستابي سکئي صوبي جي عوام جا خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي بجيٽ جو وڏو حصو هر سال ليپس ٿيڻ جو رواج اسان جي صوبي جو شان آهي. پوءِ اين ايف سيءَ جو راڳ يا 18 ترميم جو لولي پاپ سنڌ جي لوڪن جو ڇا درد گهٽائيندو، سو ته ماهر ٻڌائين سنڌ جا شهر جنهن ويراني ۽ ڀڙڀانگ ٽٽل رستن ۽ روڊن ۽ اسپتالن ۽ اسڪولن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن سا اسان جي گڊگورننس ۽ پلاننگ جو اعليٰ نمونو آهي ڪراچي کان حيدرآباد جو رستو هجي يا بدين کان حيدرآباد يا حيدرآباد کان سکر هر طرف رستي جا کڏا کوٻا ماڻهن جي حياتي کسڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن، لاڙڪاڻو سنڌ جو پيرس ويراني جو نادر نمونو آهي. مطلب ته سنڌ سڄي ڪراچيءَ کي ڇڏي هڪ دکايل بيواهه عورت جي روپ ۾ پڪاري رهي آهي. پر اسان جا حڪمران مفاهمت جي چڪر ۾ رڳو رٺل پرچائڻ ۾ پورا آهن سندن هڪ ڏينهن جا ڏنل بيان ۽ پوءِ وري ترديدون ۽ معافيون هاڻ سنڌ جي لوڪن آڏو سندن همٿ ۽ بهادريءَ جو اعليٰ مثال آهي شهيد راڻي جي نالي سان منسوب ڪيل سرچاءُ واري راند هاڻ ته شهيد راڻي جي روح سان گڏ پيپلزپارٽي جي سچن ڪارڪنن جو روح پڻ رنجائي وڌو آهي. سنڌ هاڻ ته پاڻ کي هڪ يتيم ۽ مئل قوم جو ڏيک ڏئي رهي آهي سندس حقن تي ڌاڙا ته هو اڳ ۾ ڌاريان هڻندا هئا پر هاڻ ته سندس بربادي ۾ پنهنجا شامل آهن ڇو جو مفاهمت عزيز آهي سنڌ جا مفاد تين وال ڪري به مفاهمت جو ٻيڙو پار ڪرڻو آهي پرويز مشرف وارو ٺڳي جو ٺاهه ناظمي نظام جنهن ۾ نوابشاهه کي ڇڏي باقي سڀني جڳهن جا آيل ضلعي ناظم جنهن هٿ جي صفائي سان آيا هئا سو ارباب رحيم جو ڪارنامو ٿي سگهي ٿو. جيڪو هاڻ سنڌ جي درد ۾ دبئي مان بيان ٿو جاري ڪري، واهه سنڌ جا سڄڻ واهه هاڻوڪين برساتن رهيل سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏو آهي ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ بدين جي ماڻهن کي دربدر ڪري وڌو آهي، اسان جي حڪومت جو وري اهو حال آهي جو ماڻهن کي مدد ڏيڻ لاءِ وسيلا نه هجڻ جو عذر بيان ڪيل آهي پر جي انٽرنيشنل ادارا مدد لاءِ تيار آهن ته به اسان جا ڪامورا ۽ وزير ڪميشن جي چڪر ۾ انهن کي سڏڻ لاءِ تيار نه آهن. هاڻ ميڊيا وري به ڪجهه رڙيون ڪري سنڌ جي انهن آباد علائقن ۾ ٿيندڙ اربين رپين جي نقصان ۽ ماڻهن جي دربدري واري حالت کي بيان ڪري رهي آهي پر ميڊيا به رڳو سنڌي ميڊيا اسان جي قومي ميڊيا جي ايجنڊا ۾ اصلوڪا سنڌ ڄاوا جاءِ والارين نٿا انهن کي صرف هڪ طبقي جو درد وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ جو رستو ڏٺل آهي. ڪيڏي نه بيقدري ۽ ستم ظريفي آهي جو حڪومت ۽ حاڪم وقت جي ايجنڊا ۾ به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو آهن ۽ ٻي طرف جمهوريت بهترين انتقام آهي جي نعري هيٺ سنڌ جي سينيٽ جون سيٽون به ڌارين لاءِ وقف ڪيل آهن ۽ ڌارين جي ايجنڊا ۾ وري سنڌي ماڻهو شامل نه آهي. پيپلزپارٽي ۾ هاڻ سنڌ مان ڪو به عقل علم وارو ماڻهو نه بچيو آهي؟ جيڪو فيصلن ۾ اڳواڻي ڪري ان ڪري رات جي اونداهين ۾ به بابر اعواڻ اچي فيصلا ڪري ٿو! روڊن ۽ رستن تي نڪتل دهلن ۽ شرنانين وارا جلوس اڃا ماڻهن کي ياد آهن جنهن ۾ سنڌ کي خوشخبري ڏني وئي ته ناظمي نظام ختم آهي، ڪمشنري نظام سنڌ جي دردن جا درمان آهي. ڀتين تي چاڪنگ اڄ به موجود آهي ته مبارڪون جمهوريت جي اڳواڻن کي جن اهو نظام ختم ڪيو پر افسوس جو سنڌ جو ورهاڱو ڪرڻ وارو فيصلو رات جي اونداهي ۾ ڪيو ويو جڏهن قوم ردعمل ڏيکاريو ته شرم ڪرڻ ۽ شرمسار ٿيڻ بدران پنهنجن سان وڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو. تاريخي هڙتال کان پوءِ به سچ ۽ حق جو ساٿ ڏيڻ بدران مفاهمت جو لولي پاپ بيان ڪيو ويو. هاڻ سنڌ جي سينڌ اجڙيل سينڌ ۾ سنڌور پرڻ جي جڳهه تي اڃا کيس وڌيڪ اجاڙڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن هاڻوڪيون برساتون ۽ وڌيڪ پوندڙ برساتون سنڌ جي ڄاون سان ڇا وڌيڪ ويل وهائينديون جنهن جو فڪر اسان جي قومي ميديا ۽ حڪومت کي نه آهي.

    سنڌ جيڪا اڳئي اجڙيل هئي جيڪا ملڪ ٺهڻ کان وٺي سياسي يتيم خانو آهي، جنهن پوئين حڪومت ۾ هڪ به ڏينهن سک جو ساهه نه کنيو هيو، تنهن کي اميد هئي ته هيءَ سرڪار جيڪي شهيد نياڻي جي قرباني بدولت حاصل ٿي آهي جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کين ڀاري مينڊيٽ ڏنو ته جيئن هو انهن جي حقن جي حفاظت ڪري سگهن. ڇا قائم علي شاهه جهڙي ڪمزور ماڻهو اهو حق ادا ڪيو؟ اڄ جڏهن ذوالفقار مرزا حقيقتن تان پردو کڻي رهيو آهي ته ان وقت ڇا هيءَ حڪومت وري به رحمان ملڪ جهڙي ماڻهو کي ڪراچي ۾ ويهاري لياري تي آپريشن ڪرائي رهي آهي. اهڙن عملن سان آخر ڪهڙي خدمت ڪئي پئي وڃي. سنڌ جيڪا عملن اڳئي ورهايل آهي ۽ هتي جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد تي سنڌين جو حق نه هو، سا سنڌ جيڪا باقي سنڌ هئي ۽ آهي جنهن جو پر هٿ وٺي ٻيڙو ٻوڙيو ويو. هٿرادو ڪٽ لڳائي شهرن جا شهر برباد ڪيا ويا، جنهن جو اڄ به ڪو والي وارث نه آهي جي انٽرنيشنل ڊونر ادارا نه هجن ها ته سنڌ ۾ هڪ بک بدحالي ڪري لاءِ ۽ آرڊر جي سچوئيشن جڙي ها. جنهن ۾ سنڌ جو ڪو به ماڻهو محفوظ نه هجي ها ٻي طرف هاڻوڪين برساتن ۽ ايندڙ برساتين جون اڳڪٿون اهو ٻڌائين پيون ته رهيل ڪسر پوري ٿيندي ۽ عملن سنڌ هڪ ويران ۽ اجڙيل سنڌ جو روپ ڌاري وٺندي. ايل بي او ڊي جون ناڪارا رٿائون رهيل سنڌ کي ٻوڙڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري چڪيون آهن.

    حاڪم وقت اڄ متاثرن جي مدد لاءِ تيار نه آهي پر ٻاهرين ادارن کي به هاڻي اجازت نه آهي جو هو ڪا مدد ڪن. ريمنڊ ڊيوس واقعي ۽ ان جو مارجڻ اسان جي مقتدر حلقن کي هضم نه ٿي رهيو آهي ان ڪري هاڻ هو ٻاهران جي امداد به قبول ڪرڻ لاءِ راضي نه آهن سڃائي تي سيٽ ڪرڻ پڪائي ڪرڻ مفاهمت جي ڍونگ ۾ ڌرتيءَ جو ورهاڱو بيڊ گورننس ڪري منصوبا نه مڪمل ڪرڻ، سنڌ سان هر طرح جي ٻه اکيائي اڄ جي اقتدار ڌڻين جو ڪاروهنوار آهي، بدقسمتي سان سنڌ ڄائي جيڪا عوام جي نمائندا هئي سا به موجود نه آهي. پارٽي حادثاتي طور تي اهڙن ماڻهن جي هٿ چڙهيل آهي، جن کي عوامي نبض شناسي جو علم ۽ هنر نه آهي هو صرف جوڙتوڙ جا ماهر رهيا آهن سي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران رڳو روز جوڙتوڙ جون ميٽنگون ڪرڻ ۾ مصروف آهن سنڌ جي ماڻهن جو ڇا ٿيندو حالتون ڇا رخ اختيار ڪنديون سو هڪ سوال آهي پوري قوم لاءِ.
    [/JUSTIFY]

    عبدالرزاق عمراڻي۔۔۔۔۔۔۔۔ (عوامي آواز)
     
  2. raja sindhi

    raja sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 جولائي 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    pvt job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: مفاهمت واري سياست ۽ يتيم سنڌ

    زبردست سائين زبردست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو